
پاڪستاني اداڪار ۽ پروڊيوسر شمعون عباسي ايم نائين موٽر وي تي خطرناڪ قسم جي حادثي ۾ ذري تان بچي ويو آهي ۽ سندس ڪو نقصان ناهي ٿيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي شمعون عباسي ٻڌايو تھ ايم نائين موٽر وي تي اچي رهيو هو تھ سندس گاڏي جي بريڪ فيل ٿي وئي ۽ وڏي حادثي کان ذري تان بچيو آهي.