ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نوري آباد حادثو: ٽرانسپورٽ کاتي جي ڪوتاهي

Editorial

ٻه ڏينهن اڳ نوري آباد ڀرسان ٿيل واقعو ٻوڏ متاثرن لاءِ قهر بڻجي ڪڙڪيو آهي. خيرپور ناٿن شاهه جا ٻوڏ متاثر ڪراچيءَ کان پنهنجن گهرن ڏانهن موٽي رهيا ته ڪوچ کي باهه لڳي وئي ۽ هيستائين ان ۾ 18 ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا آهن. سنڌ توڙي پاڪستان ۾ روڊ حادثن ۾ مرندڙ ان جو انگ هر سال وڌندو رهندو آهي، ڪڏهن گاڏين جي ٽڪر ۾ ماڻهو مرندا آهن ته ڪڏهن وري باهه لڳڻ سبب سڙي مرندا آهن. ان کان سواءِ ڪنهن به بس ۾ حفاظتي اپاءَ نه هوندا آهن. نه باهه وسائڻ وارو سيلنڊر هوندو آهي ۽ نه ئي فرسٽ ايڊ جي سهولت هوندي آهي. جنهن ڪري جڏهن به باهه لڳڻ جو واقعو ٿيندو آهي ته ان ۾ مسافر ضرور سڙي مرندا آهن. پر اهڙن واقعن کان پوءِ به ٽرانسپورٽ کاتو ڪو سبق نٿو پرائي ۽ بنا فٽنيس جي گاڏيون روڊن تي هلنديون رهنديون آهن. جڏهن ته ڪورٽ اڳ حڪم ڪيو هو ته وينن مان گيس سيلنڊر ڪڍيا وڃن پر اڄ به سيلنڊر واريون گاڏيون روڊن تي مسافرن سان ڀريون پيون آهن ۽ مسافر پنهنجون جانيون جوکي ۾ وجهي به سفر ڪندا رهندا آهن. نوري آباد وارو واقعو به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.
ڪراچي کان خيرپور ناٿن شاهه ويندڙ ٻوڏ متاثرن جي ڪوچ کي نوري آباد وٽ باهه لڳڻ سبب 15 کان وڌيڪ ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا، فوت ٿيندڙن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. جڏهن ته 40 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿيا آهن. زخمين کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. خبر موجب ڪراچي کان خيرپور ناٿن شاهه ويندڙ ايئرڪنڊشنڊ مسافر ڪوچ نمبر ايل آر ٽي 4107 کي نوري آباد ٿاڻي جي بلڪل سامهون اوچتو باهه لڳي وئي، موٽروي پوليس موجب باهه ايئرڪنڊيشنڊ ڪمپائونڊ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، جنهن ترت ئي پوري ڪوچ کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو. ڪيترن ئي مسافرن بس جون دريون ٽوڙي ۽ هلندي ڪوچ مان دروازو کولي ٽپو ڏئي جان بچائي ورتي. جڏهن ته اهي سخت زخمي ٿيا آهن، پوليس امدادي ٽيمن سان گڏ ڪارروائي ڪندي 15 لاش ڪڍيا ۽ وڌيڪ امدادي ڪارروايون جاري هيون. نوري آباد پوليس موجب سڙيل لاشن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. نوري آباد فائربرگيڊ ڪوچ جي باهه تي ضابطو آندو آهي، مسافر ڪوچ ڪراچيءَ کان خيرپور ناٿن شاهه وڃڻ جي لاءِ مغيري برادري بڪ ڪرائي هئي، اهي ٻوڏ متاثر آهن، جيڪي ڪراچيءَ جي ڪئمپن مان واپس پنهنجي شهر وڃي رهيا هئا ته واقعو پيش آيو آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ڪوچ ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا. ايڌي ذريعن موجب لاشن جي سڃاڻپ فوري طور تي ممڪن نه آهي، زخمين کي ڪراچي ۽ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جڏهن ته هن فوري طور تي ايمبولينسون موڪلڻ ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتالن ۾ پهچائڻ جو حڪم ڏنو. هوڏانهن صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ نوري آباد ويجهو ڪوچ کي باهه لڳڻ سبب قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيڪريٽري کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو ته معاملي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ ٽن ڏينهن اندر ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته معصوم زندگيون ڪنهن جي غفلت سبب ضايع ٿيون؟ ڇا بس ۾ حفاظتي اپاءَ مڪمل هئا؟ ايمرجنسي دروازي ذريعي مسافرن کي ڇو نه ڪڍيو ويو؟ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حادثي ۾ غفلت ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اڪثر ٽرانسپورٽر حفاظتي اپائن ۾ غفلت جا ڏوهي ثابت ٿيا آهن ته پوءِ انهن سان به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
اسين سمجهون ٿا ته هي انتهائي افسوس ناڪ واقعو آهي ۽ اسين متاثر خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. پر ان واقعي جي ذميواري ٽرانسپورٽ کاتي تي لاڳو ٿئي ٿي. جيڪو ان فٽ بسن ۽ وينن کي فٽنيس سرٽيفڪيٽ جاري ڪندو رهندو آهي. جنهن ڪري اهڙا حادثا معمول بڻجي ويا آهن. جڏهن ڊرائيورن ۽ بس مالڪن کان ڪو پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي ته اهي پنهنجي مرضي موجب بسون هلائيندا رهندا آهن. تنهنڪري سنڌ حڪومت کي ٽرانسپورٽ کاتي جي انهن ملازمن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، جيڪي ان جا ذميوار آهن ته جيئن اڳيان هلي اهڙن واقعن کان بچي سگهجي ۽ انساني حياتيون بچائي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button