ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا وزيراعظم بيوس ھوندو آھي؟

Editorial-Aricle- Muhammad Khan Sial

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سربراهه عمران خان پنھنجي دور ۾ بي اختيار ھئڻ جي تازو حيرت انگيز دعوى ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آھي. سندس چواڻي: ساڍا ٽي سال ذميداري منھنجي ھئي پر حڪمراني ڪنھن ٻئي جي ھئي. مون کي پورا اختيار ڪونه مليا. سندس دعوى آھي ته مون کي ساڍن ٽن ورھين دوران اڌ پاور به ملن ھا ته شير شاهه سوريءَ سان مقابلو ڪري وٺان ھا. ذميداري منھنجي ھئي پر حڪمراني ڪنھن ٻئي جي ھئي.
عمران خان نه رڳو پنھنجن پوڻن چئن ورھين جي گذريل حڪمراني دوران توڙي پوءِ گهڻو ڪري ھر ڏھاڙي اعتراض جوڳا بيان جاري ڪندو رھندو آھي ۽ اھو عام تاثر پيدا ٿيندو آھي ته سندس گذرسفر رڳو احتجاجي توڙي ڏيکاءُ لاءِ وڻندڙ بيان جاري ڪرڻ تي ھوندو آھي. سندس اھڙن اختلافي بيانن تي کوڙ اعتراض ڪري سگهجن ٿا. مثال: جيڪڏھن وزيراعظم ھئڻ باوجود وٽس اختيار ڪونه ھئا تہ پوِءِ ھن پوڻا چار ورھيه (ساڍا ٽي ورھيہ نه) لاڳيتي سرڪار ڇو ھلائي؟ ڇا رڳو پبلسٽيءَ لاءِ اھو ڌنڌو ڪندو رھيو ھو؟ ڀلا جيڪڏھن وٽس پاور ڪونه ھئا ته پوءِ بھتر ھو تہ وزيراعظم طور استعيفا ڏئي ڇڏي ھا پر ھن کوڙ ناٽڪ رچايا جن تي ٻيھر ويچار ڪرڻ دوران به بار بار افسوس ٿئي ٿو. سندس دعوى آھي ته ساڍن ٽن ورھين دوران ڪنھن ٻئي جا پاور ھئا ته انھن جو نالو ڇو ڪونه ٿو وٺي ۽ شرمائي ڇو ٿو؟ ڀلا اھو ٻڌائي ته اختيار نه ھئڻ باوجود ھن وزيراعظم طور برقرار رھڻ جا کوڙ اعتراض جوڳا ناٽڪ ڇو اختيار ڪيا ھئا. مثال: کيس قانوني طور قومي اسيمبليءَ ذريعي پاڪستان جي 75 ورھين جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھٽايو ويو ته ان ۾ ڪھڙو ڏوهه ھو. ڀلا عمران خان نيازي ٻڌائي ته اختيار ڪونه ھئڻ خاطر ھن ان وقت پاڻ استعيفا ڇو ڪونه ڏني ھئي؟ رڳو سکڻن بيانن تي سندس گهڻو وقت ته گذر ڪونه ھلندو آھي. ٻيو ته ٺھيو پر ھن قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر توڙي ڊپٽي اسپيڪر ٻنھي يعني پنھنجن حامين کي قانوني طور ووٽن جي استعمال ڪونه ڪرڻ لاءِ ڀڙڪائيندو رھيو، ايستائين جو سپريم ڪورٽ مجبور ٿي کيس ووٽن جي آخري اجازت ختم ٿيڻ ڪري رات جو سپريم ڪورٽ گڏجاڻي سڏائڻ تي مجبور ٿي اعلان ڪيو پر عمران خان سکڻن بيانن ذريعي اھو بيان ڏيندو رھيو ته عدالت ڇو رات جو گڏجاڻي سڏائي؟ بھرحال، عمران خان نيازيءَ جو گذرسفر رڳو سکڻن پر وڻندڙ بيانن تي ھوندو آھي ۽ ھن ملڪ جي وزيراعظم طور عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪي خاص قدم ڪونه کنيا. سندس بيانن مان اھا ڳالجھ صاف آھي ته اعتراض جوڳا توڙي نفرت جا بيان جاري ڪرڻ سندس لاڳيتو ايمان رھيو ھو.
عمران خان اھو ٻڌائي ته کيس ڪنھن اقتدار ۾ آندو ھو؟ عمران خان توڙي سندس پارٽيءَ جي اھم ميمبرن ۾ اخلاقي بيان گهٽ رھيا آھن. ٻيو ته ٺھيو پر ڪراچيءَ سان لاڳاپيل سندس پارٽيءَ جا اڳواڻ ته کوڙ بدتميزيءَ وارا بيان جاري ڪندا ھئا. سندس سنڌ جي اصلوڪن واسين سان نفرت جو ڪاٿو انھيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته عمران خان ملڪ جو صدر توڙي سنڌ جو گورنر ٻيئي مقرر ڪيا پر اھي سنڌي ڪونه ھئا، مھاجر ھئا. عمران خان صدر ۽ سنڌ جو گورنر مھاجر رکڻ بدران وڏي دل جو مظاهرو ڪري سنڌي صدر رکي ها ته سندس پارٽيءَ لاءِ سنڌ ۾ نيڪ نيتي پيدا ٿئي ها. اھو ڳنڀيرتا سان نوٽ ڪريو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڪيترن سنڌين کي اهم سرڪاري عهدن تي مقرر ڪونه ڪيو ھو. افسوس
اصل ۾ ڏسجي ته عمران پنھنجي پوڻن چئن سالن جي وزيراعظم طور عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪي خاص ڪارنامو ڪونه ڪيا، رڳو سکڻا ۽ وڻندڙ بيان جاري ڪندو رھندو ھو. اھو ٻڌائڻ وري به ضروري آھي ته ڳاٽي ٽوڙ لاڳيتي مھانگائي عمران خان نيازي آندي ھئي ۽ انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ٽي ايم) سان ٺاهه ڪري لاڳيتي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي بار بار آندي ھئي جيڪا ٺاهه ڪارڻ اڃا به جاري آھي، ڇاڪاڻ ته اھو ٺاهه ترت ختم ڪري ڪونه ٿو سگهجي. بھرحال، اسان ليکڪ طور عمران خان کان اھو پڇي سگهون ٿا ته وزيراعظم طور وٽس اختيار ڪونه ھئا ته پوءِ اھي ڪنھن وٽ ھئا تن جا نالا ڇو ڪونه ٿو ٻڌائي ۽ اھا به سمجهاڻي ڏئي ته ھن اختيار نه ھئڻ ڪري ترت استعيفا ڇو ڪانه ڏني ھئي؟
ملڪ جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي ته عمران خان جي پارٽيءَ جو آھي پر عمران خان جي حامين، اسيمبلي ميمبرن طور استعيفائون ڏنيون ھيون پر صدر ڊاڪٽر عارف علوي جيڪو پاڻ کي صدر طور غيرسياسي سڏڻ بدران تازو بيان ڏنو اٿس ته ھو عمران خان جي پارٽيءَ جو ميمبر ھو ۽ ھوندو جڏھن ته سچائي اھا آھي ته ملڪ جا صدر بڻجڻ کان پوءِ پڻ کي سڄي ملڪ جا صدر سمجھندا آھن ۽ پارٽيءَ جو ميمبر ڪونه سڏائيندا آھن پر ھاڻوڪي صدر جو رويو عمران خان نيازيءَ وانگيان اختلافي آھي.
جيتوڻيڪ عمران خان کي سندس سازشي ۽ اعتراض جوڳي رويي سبب قانوني طور ھٽايو ويو ھو پر صدر ڊاڪٽر عارف علوي چواڻي مان ان تي راضي آھيان ته عمران خان جي سرڪار ختم ڪرڻ لاءِ سازش ڪئي وئي ھئي. نجي ٽي وي تي سندس چواڻي عمران خان کي سو سيڪڙو سچو مڃان ٿو، عمران خان جا بيان به سچا آھن، کيس ھٽائڻ لاءِ سازش ڪئي وئي آھي. صدر کي غيرجانبدار ٿيڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته صدر سڄي ملڪ جو ھوندو آھي پر ھاڻوڪي صدر ڊاڪٽر عارف علوي عمران خان نيازيءَ جي ناجائز حرڪتن بابت سندس بيانن مان لڳي ٿو کيس جائز سمجهي ٿو سو صدر لاءِ بھتر آھي ته انھيءَ اھم صدارتي عھدي تان استعيفا ڏئي، ڇاڪاڻ ته نفرت جا بيان جاري ڪرڻ ملڪ جي فائدي ۾ ڪونه آھن.
بھرحال، عمران خان جي تازي بيان تي وڌيڪ تبصرو ڪرڻ مناسب آھي. سندس دعوى آھي ته بلاول ڀٽو زرداري ڪڏھن ھيڏانھن وڃي ٿو ته ڪڏھن ھوڏانھن، کيس ائين ڀڄائڻ سان ڇا ملندو؟ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو پرڏيھي وزير آھي، ھن ڪيترن ملڪن جو دورو ڪيو ۽ سندس ڪوششن ڪري پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباھيءَ لاءِ اعلان ٿيل امدادي پيسا منظور ٿيا آھن. لڳي ٿو عمران خان کي امداد ملڻ تي صدمو پھتو آھي، تڏھن اھڙا بيڪار بيان جاري ڪري ٿو. جيڪڏھن امداد وٺڻ تي کيس تڪليف آھي ته اھڙا صاف صاف بيان ڏئي ھا، ھروڀرو غلط فھميون پيدا ڪرڻ مان ڪھڙو فائدو ٿيندو؟ ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي تازو ٽي وي انٽرويو ۾ چيو ته آصف علي زرداري جڏهن صدر ٿيو ته هن پي ٽي آءِ چيئرمين کي فون ڪيو هو، صدر بڻجڻ کانپوءِ آصف زرداري عمران خان کان پڇيو هو ته ڇا ڪرڻ گھرجي، عمران خان هن کي ٻڌايو هو ته پهرين 100 ڏينهن ۾ سمورا ڏکيا فيصلا ڪري ڇڏيو.
اسان جو صدر صاحب کي عرض آھي ته ٻڌائي ته عمران خان 100 ڏينھن ۾ وزيراعظم طور عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪو ڪارنامو ڇو ڪونه ڪيو. عمران خان جو رويو پوڻن چئن ورھين دوران توڙي پوءِ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ھرگز بھتر ڪونه رھيو آھي، رڳو ماڻھن کي متاثر ڪرڻ لاءِ سکڻن بيانن سان ملڪ جو ڪو مسئلو حل ڪونه ٿيندو. ڪاش! اھا ڳالھه ملڪ جي ھاڻوڪي صدر ڊاڪٽر عارف علوي توڙي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان (ٻيئي ھڪ ئي پارٽيءَ جا اڳواڻ)کي سمجھه ۾ اچي ته ملڪ لاءِ ڀلائي ھوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button