ڏياريءَ جي ڏينهن تي ٻرندڙ ڏيئن کي ابدي فتح حاصل آهي، ڪائنات جي سمورن انڊلٺي رنگن ۾ اُنهن ڏيئن جي روشنيءَ جا ڪِرڻا آهن، فطرت جي سمورين حُسناڪين ۾ اُنهن ڏيئن جي آبرُو آهي. رام ۽ سيتا جي چاهت سان واڳيل هيءُ ڏينهن پوري عالمِ انسانيت جو علمبردار ڏينهن بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو هن ڏينهن تي رام بنواس جو جوڳ پچائي موٽيو هو ۽ سيتا ڏيئا ٻاري سندس آجيان ڪئي هُئي. هيءُ آجيان اهڙي هُئي، جنهن ۾ عشق، عقيدي جي مٿان حاوي هو ۽ جڏهن عشق عقيدي جون سموريون حدون اورانگهي ويندو آهي ته اُهو ابديت حاصل ڪري وٺندو آهي. رام، بنواس جو جوڳ پچائي ايندڙ اُهو سُورهيه هو، جنهن لاءِ سيتا جا جذبا سدا آسائتا رهيا هئا ۽ سيتا جي انهيءَ پرارٿنا ۽ ايمان رام کي سلامتي بخشي هئي. اِهو سيتا جي ٻاريل ڏيئن جو ڪمال هو، جو راوڻ کي شڪست نصيب ٿي هُئي ۽ رام کي ابديت. ورهين پُڄاڻان هن ڏينهن تي جر ٿر ڏيئا جرڪن پيا. اڄ به پورو ڏيهه ڏيئن جي روشنيءَ سان جڳمڳائيندو رهي ٿو، اڄ به سيتا آسائتي آهي، اهڙي آس جيڪا ڪڏهن ختم نه ٿيڻي آهي. مرشد لطيف ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته:
جَر ٿَر ڏِيئا ڏيهه، وَڻ ٽِڻ ٻَڌي وَاٽئُون،
اَلله ڪَانڌ اچي، آسائِتي آهيان!
خوشيءَ جو هر پل ميگهه ملهاريءَ جھڙو هوندو آهي، ۽ خوشيءَ جو تعلق ڪنهن به مذهب يا ڌرم سان نه هوندو آهي، خوشيءَ جو تعلق انسان جي اُمنگن ۽ جذبن سان هوندو آهي، خوشيءَ جو تعلق معصوم ٻار جي چپن تي تري آيل مرڪن سان هوندو آهي. جيتوڻيڪ اُنهن مرڪن ۾ سمائجندڙ خوشيءَ کان اُهو ٻار بلڪل اڻ واقف هوندو آهي، پر پوءِ به اُهو خوش هوندو آهي، اُنهيءَ جي خوشيءَ ۾ ڪيتريون بھاريون هونديون آهن، ڪيتريون ميگهه ملهاريون هونديون آهن. مون کي ٻار جو مُرڪڻ وڻندو آهي، مون کي اکين جي مُرڪ موهيندي آهي، جيتوڻيڪ منهنجي انهي ڳالهه سان ڪيترن ئي ماڻهن کي اختلاف ٿي سگهي ٿو ته اکيون ڪيئن ٿيون مرڪي سگهن؟ مرڪندا ته چپ آهن، پر مون اکين کي مُشڪندي ڏٺو آهي، اکين ۾ لڙي آيل لُڙڪن جي پٺيان لڪيل خوشيءَ کي محسوس ڪيو آهي ۽ آئون هر انهي درد کي به محسوس ڪري وٺندو آهيان، جيڪو درد خوشين جو متلاشي هوندو آهي. اڄ ڪنهن دوست ميسيج ڪيو ته هن ڀيري ڏياريءَ جا ڏيئا ڪنهن سان گڏ ٻاريندين؟
رات ڪَر موڙيا نه ها، سُورج ليئو پاتو نه هو،
ڪنهن اُٿاري هنڌ سان پاڇن ۾ اُلجهايو مون کي.
(نارايڻ شيام)
ته منهنجو ذهين ماضيءَ ۾ گهڻو پوئتي هليو ويو، اسان جڏهن اڃا شعور جي دُنيا ۾ داخل ئي نه ٿيا هئاسين، ٻاروتڻ جون وِکون کڻي رهيا هئاسين، انهيءَ دور ۾ ڳوٺ ۾ ڏِياريءَ جي ڏينهن تي اسان به ٻين ٻارن سان گڏ ڏيئا ٻاريندا هئاسين، خوشيون ملهائيندا هئاسين، ڪو به دين ڌرم جو ويڇو نه هوندو هو. اسان جي وڏڙن به ڪڏهن اسان کي اهڙو ويڇو رکڻ جو سبق نه پڙهايو هو، بلڪه اسان جا وڏڙا به انهن خوشين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. مون کي ڏيئن جو اُهو ٽمڪڻ ڪڏهن به نه وسريو ۽ ڪڏهن به نه وسرندو، ڇاڪاڻ جو ڏيئن جي انهيءَ روشنيءَ ۾ مون کي به ڌرتيءَ جو عڪس نظر ايندو هو. توڙي جو منهنجي عمر اُن وقت ڌرتيءَ جي اهميت کي سمجهڻ جيڏي نه هُئي، اُن جي باوجود منهنجي اندر ۾ ڌرتيءَ لاءِ اُنسيت هُئي، پيار هو. تڏهن ته رومانوي شاعر ايوب کوسي به ڏياريءَ جي ڏيئن کي مٽيءَ جو فلسفو ڪوٺيو آهي.
ڏياريءَ جا ڏيئا ٻاري
نِهارين ٿي ستارن ڏي،
لڳي ٿو اُڀ ڏياري آ،
لڳي ٿو آ سنيهو ڪو،
وڃي ٿو جو بھارن ڏي،
ڏياري ٻيو ته ڪجهه ناهي،
مٽيءَ جو فلسفو آهي.
اڄ جڏهن ماضيءَ کي ڦلهورڻ ويٺو آهيان ته مون کي ڳوٺ جون اُهي رونقون ياد اچن ٿيون، جيڪي عيد جي ڏينهن تي هونديون هيون، جڏهن ڏياريءَ جي ڏيئن سان اسان راتين کي روشن ٿيندي ڏٺو هو. جڏهن هوليءَ جي رنگن ۾ رنگجي اسان ريٽا ٿيندا هئاسين ته سچ مڃو اسان جي وجودن ۾ ڪي به ويڇا نه بچندا هئا، پر اڄ جڏهن اُهي ڏهاڙا اسان جي سامهون اچن ٿا ۽ انهن کي ملهائڻ جي ڪو ڳالهه ڪري ٿو ته فتوائون جاري ٿيو ٿيون وڃن، دهريو ڪوٺيو ٿو وڃي، منهنجي دل چئي ٿي ته هن ڏياريءَ جي ڏينهن تي ڪنهن مندر ۾ وڃي ڪو ڏيئو ٻاريان، ڪي پل ڏيئن جي ڏِياٽين سان من کي پرڀايان، پوءِ ڀل ته سنگسار ٿي وڃان! پر ڪو ته هُجي جنهن سان گڏجي ڪو ڏيئو ٻارجي، ڪو ته هجي جنهن سان گڏجي خوشين جا ڪي سانگ سجايا ڪجن!
دل ته روئندي رهي، ديپ ٻاريو نه ٿيو،
رات ڏِياري هُئي، توکان ساريو نه ٿيو.
هونئن ته هر ڏينهن خوشيءَ جو ڏينهن هوندو آهي، پر ڪي ڏينهن مقدس هوندا آهن، ڪِن ڏينهن جي خوشي منفرد هوندي آهي. ڪي ڏينهن روايتن جو ڀرم رکڻ جا ڏينهن هوندا آهن، ڪي ڏينهن ميل ميلاپ جا ڏينهن هوندا آهن ۽ ڏياريءَ جو ڏينهن به اهڙن ڏينهن مان هڪ آهي. هيءُ ڏينهن رُڳو ميل ميلاپ جو ڏينهن نه آهي، پر هيءُ ڏينهن وچن پاڙڻ جو ڏينهن آهي، وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي، ڪنهن جي اچڻ جو اوسيئڙو، ڪنهن سان مِلڻ جو موهه ۽ يقينن جيڪي ڏينهن وچن ورجائڻ جا ڏينهن هوندا آهن، اُهي ئي ڏينهن وڌيڪ اهميت لائق هوندا آهن. اُهي ڏينهن ئي سدا لاءِ يادگار بڻجي ويندا آهن. تڏهن ته نارايڻ شيام ڪنهن آسروند اکڙين جي اوسيئڙي کي ڀانپيندي چيو هو ته:
اچڻو هو ڪير؟ گهر کي سجائڻ ايئن لڳينءَ،
سينگار جو خيال به دل تان وَيئه لهي!
مون ڏياريءَ جو ذڪر ڪيترن ئي تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙهيو آهي، پر مون ڏياريءَ جي خوشيءَ کي صرف شاعر جي اک سان ڏٺو آهي. مون کي شاعريءَ مان ئي ڏياريءَ جي حقيقي خوشيءَ جو لُطف ملندو آهي. مون شيخ اياز کان ويندي ايوب کوسي تائين، شاهه لطيف کان ويندي ادل سومري تائين ڪيترن ئي شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڏياريءَ جي ڏيئن کي روشن ٿيندي ڏٺو آهي:
چنڊ تارن جي سيج سجائي، اونداهي کي ڏور ڀڄائي،
ڇيرون پائي مُرڪ وِرهائي، مٺڙا گيت خوشيءَ جا ڳائي،
ٻيهر ڀاڳ ڀلاري آئي، آئي اسان وٽ ڏياري آهي.
(ادل سومرو)