ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

زراعت لاءِ رکيل 7 ارب رپيا

Editorial

سنڌ ۾ آيل ٻوڏ کان پوءِ جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي، ان جي ڪري نه رڳو ٻوڏ متاثرن جي بحالي نه ٿي سگهي آهي پر انهن جي ٿيل نقصان جو ازالو به ڪونه ٿي سگهيو آهي. نتيجي ۾ حڪومت پاران اعلان مٿان اعلان ته ٿي رهيا آهن پر انهن اعلانن جي ڪا عملي شڪل نظر نه اچي رهي آهي. جنهن جي ڪري ٻوڏ متاثرن جا مسئلا به حل ڪونه پيا ٿين ۽ نه ئي وري انهن کي اها امداد ملي رهي آهي، جيڪا گهربل آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ سبب زراعت کي ارب جو ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، ان نقصان کي پورو ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري. اها انهن جي سهائتا ڪري ته جيئن اهي پريشانين کان بچي سگهن. سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ هارين کي ڪڻڪ ۽ آئيل سيڊ فر فراهمءَ لاءِ 7 ارب رپين جي منظور ڏني آهي.
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ ۽ زراعت کاتي جي ٻن مختلف اجلاسن جي صدارت ڪندي هارين کي ڪڻڪ ۽ آئل سيڊ جي فراهمي لاءِ 7 ارب رپين جي منظوري ڏني ۽ چيو ته اسان کي هارين جي همٿ افزائي ڪندي سندن ساٿ ڏيڻو پوندو ته جيئن اهي پنهنجي ٻوڏ هيٺ زمينن کي ربيع جي فصلن لاءِ تيار ڪري سگهن. اجلاس ۾ وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ، صوبائي وزير خوراڪ ۽ ايڪسائيز مڪيش چاولا، چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ سيڪريٽري زراعت اعجاز مهيسر شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته اٽڪل 369400 ايڪر ايراضي ڪڻڪ جي پوک لاءِ تيار آهي، هارين کي فصل پوکڻ لاءِ ڪڻڪ ۽ آئل سيڊ ڏنو وڃي. وڏي وزير چيو ته هن هارين کي ڪڻڪ ۽ آئل سيڊ ڏيڻ جو اعلان اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيو آهي. هن ان مقصد لاءِ 7 ارب رپين جي منظوري ڏني ۽ آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته پاڻي جي فراهمي لاءِ پنهنجو نظام مضبوط ڪيو وڃي. هن زراعت کاتي کي ٻڌايو ته اسان کي خريف جي پوک جي شروعاتي ۽ دير سان لڻائي بابت رٿابندي ڪرڻي آهي. وڏي وزير پنهنجي صلاحڪار منظور وساڻ کي هدايت ڪئي ته هو ٻج جي ورڇ جو طريقيڪار ٺاهي هڪ هفتي اندر منظوري لاءِ پيش ڪري. هوڏانهن وڏي وزير پي اينڊ بي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چيئرمين حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ماتحت هر شعبي جي ترقياتي پورٽ فوليو جو جائزو وٺي ۽ ٻوڏ ۽ تيز برساتن سبب تباهه ٿيل جاري اسڪيمن جي نشاندهي ڪري. هن چيو ته اسان کي روڊن، عمارتن، پلين ۽ آبپاشي نظام سميت موجوده تباهه ٿيل انفرااسٽرڪچر کي بهتر ڪرڻو آهي. چيئرمين پي اينڊ ڊي حسن نقوي وڏي وزير کي ٻڌايو ته اي ڊي پي 23-2022 ۾ نون اسڪيمن لاءِ 79 ڏهائي 199 ارب رپيا ۽ جاري اسڪيمن لاءِ 253 ڏهائي 145 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وڏي وزير ڪراچي اسڪيمن کانسواءِ جاري ڪيل سمورا فنڊ منجمد ڪري ڇڏيا آهن ۽ انساني وسيلن جي بحالي جي ادائيگين لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته نئين اسڪيمن لاءِ ڪو به نئون فنڊ جاري نه ڪيو ويندو. وڏي وزير چيئرمين پي اينڊ ڊي کي هدايت ڪئي ته هو اسڪيمن جي صورتحال جو جائزو وٺي جنهن ۾ جسماني نقصان جي شرح، اثرائتي لاڳت، ڪم جاري رکڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل کاتي کي فنڊ جاري ڪرڻ جي سفارش، اسڪيم جي لاڳت ۽ دائري ۾ تبديلي يا نظر ثاني ٿيل اسڪيمن لاءِ رکيل فنڊ/جاري ڪيل فنڊن جي معطلي/منجمند شامل آهن. چيئرمين پي اينڊ ڊي چيو ته هو تفصيل گڏ ڪري ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ چيئرمين کي پيش ڪندو.
رڳو اعلان ڪرڻ سان هارين ۽ آبادگارن جي نقصان جو پورائو ڪونه ٿي سگهندو. تنهنڪري پهرين ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته زراعت جي شعبي ۾ جيڪو نقصان ٿيو آهي، ان جي سروي ڪرائي وڃي. ڪيترن ايڪڙن ڪهڙن ڪهڙن علائقن ۾ هارين فصل جا متاثر ٿيا آهن، ان جو ڪاٿو لڳايو وڃي. ان کان پوءِ انهن کي اها گهربل رقم ڏني وڃي. ان ۾ رڳو زراعت کي شامل نه ڪيو وڃي پر جيڪي گهر يا اجها آبادگارن جا ڊهي ويا آهن، انهن کي شامل ڪيو وڃي. ان کان سواءِ زراعت جي مد ۾ رکيل رقم ڪهڙي ريت خرچ ڪئي ويندي. ڇا اها انهن ماڻهن تائين صحيح نموني پهچي به سگهندي يا مٿان مٿان ئي هڙپ ٿي ويندي.
اسين سمجهون ٿا ته حڪومتي اعلان هڪ بهتر عمل آهي پر ان سلسلي ۾ وڌيڪ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته ان کان سواءِ ان ڪم کي اڪلائي نٿو سگهجي. آبادگارن ۽ هارين جو برسات کان اڳ نقصان ان ڪري به ٿي چڪو هو جو اهي پاڻيءَ جي کوٽ ڀوڳي رهيا هئا، هاڻ وري اهي پاڻي سبب ٻڏي ويل فصل جو نقصان ڀوڳي رهيا آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته 7 ارب جي رقم کي مناسب نموني خرچ ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button