جيڪڏهن ڪابه قوم ترقي ڪرڻ جي خواهشمند آهي ته اها صنفي برابري کان سواءِ ناممڪن آهي. ان حوالي سان سڀ کان پهرين غربت، بک ۽ بدحاليءَ تي ڪم ڪرڻو پوندو. ڇو ته اصل ۾ مٿي ڄاڻايل عنصر ئي عورتن جي اڻ برابريءَ جو اصل ڪارڻ آهن.
ڳوٺاڻي عورتن جي حالت کي سمجهڻ ضروري آهي ته عورت جي مختلف ڪردارن ۽ تجربن کي سمجهيو وڃي. عورت ڪو Homogeneous گروهه ناهي. ڳوٺاڻين عورتن ۾ به تمام گهڻا فرق نظر اچن ٿا. جهڙوڪ، طبقو، عمر، ازدواجي حيثيت، نسل ۽ مذهب وغيره. ڪافي ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به عورتن سان دقيانوسي تصور سلهاڙيل آهن. اهي تصور عورت ۽ مرد جي وسيلن جي منصفاڻي رسائي تائين لاءِ رڪاوٽ بڻيل آهن.
ڳوٺاڻي ترقيءَ جا جيڪي به تصور پيش ڪيا ويا ۽ اسان وٽ اڄ به هلندڙ آهن، انهن کي گلوبلائيزيشن متاثر ڪيو آهي. جهڙوڪ ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جون پاليسيون ۽ نجڪاري وغيره. اهو سڄو بدلاءُ ڪو خلا ۾ نٿو ٿئي. ان جو اثر هڪ ٻئي تي ڀاڙي ٿو ۽ ڪنهن به تبديليءَ جو اثر سماج کان وٺي فرد تي پوڻ اڻٽر آهي.
ان جو اثر نه فقط پيچيده آهي پر هر سطح تي مختلف پڻ آهي. گهر، اقتصاديات، سياست زندگي گذارڻ جي طريقيڪار ۽ سڄي سماجي ڍانچي تي ان جو اثر مختلف ٿئي ٿو.
انهن بين الاقوامي تبديلين جو اثر ڳوٺاڻي عورت تي مختلف صورتن ۾ ٿئي ٿو. ڪڏهن لڏپلاڻ، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ، کاڌ خوراڪ جي کوٽ، پاڻيءَ جي کوٽ يا زيادتيءَ جي صورت ۾ پوي ٿو. بيماريون جهڙوڪ، ايچ آءِ وي ۽ ڪرونا جهڙين حالتن ۾ به عورت ئي آهي جيڪا وڌيڪ مسئلن کي منهن ڏئي ٿي. تحقيق مان اها به ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته اڄ به عورت زراعت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي پر ان جي ڪم کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ۽ ان جي ڪم کي گهٽ پذيرائي ملي آهي.
ڳوٺاڻي عورت اڄ به اقتصاديات، زراعت ۽ چوپائي مال کي سنڀالڻ جا ڪم ڪري ٿي، گڏوگڏ ٻار پالڻ، گهرو ذميواريون، رڌ بچاءُ، صفائي ڪرڻ ۽ بنا اجوري جي گهر جي هر ڀاتي جو خيال رکڻ، سندس ئي ذميواري آهي. گڏوگڏ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ لاءِ ڪوهين ڏور روزانو پنڌ ڪري ٿي. عورت جي سڄي زندگي سخت کان سخت پورهيو ڪندي گذاري ٿي. جتي نه بجليءَ جو بندوبست آهي نه گئس، نه روڊ، نه صحت جون سهولتون، نه نيڪال جي سهولت، نه ڪا ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ آهي. انهن سڀني سهولتن کان وانجهيل هئڻ ڪري هوءَ زرعي اقتصاديات ۾ به پنهنجو ڪردار صحيح نموني نٿي نڀائي سگهي.
ڳوٺاڻين عورتن جو وڏو حصو اڄ به دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جون جنسون پيدا ڪرڻ ۾ رڌل آهي ۽ کاڌي جي ضرورتن جو پوراءُ ڪري رهيو آهي. جڏهن ته مرد عام طور لڏپلاڻ ڪري ٿو. هو شهرن ڏانهن يا وري ڪيش ڪراپ (روڪ رقم وارو فصل) ڏانهن وڌيڪ لاڙو رکي ٿو. ان صورتحال ۾ عورت تي گهر جي کاڌ خوراڪ جي ذميواري اڃا وڌي وڃي ٿي.
ڳوٺاڻي عورت اڄ به خاندان جي خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ سڄي سال لاءِ اناج گڏ ڪري رکي ٿي. تحقيق مان اها ڳالهه به ثابت ٿي چڪي آهي ته ڪيش ڪراپ جي ڪري روزگار ۽ کاڌ خوراڪ وارا فصل متاثر ٿيا آهن. جن جو سڌي يا اڻ سڌي ريت عورتن تي اثر پيو آهي. رپورٽون اهو به ٻڌائين ٿيون ته پاڪستان جي عورت مناسب کاڌ خوراڪ نه کائڻ ڪري ڪيترين ئي بيمارين جو شڪار ٿئي ٿي. ڇو ته اسان وٽ ڪلچر آهي ته ماني پهرين گهر جا مرد پوءِ ٻار ۽ ان کان آخر ۾ عورت کائيندي آهي. جيڪڏهن هن زمين جا وسيلا عورت کي مليل هجن، فيصلي سازي عورت جي هٿ ۾ هجي ته هوءَ پهرين اوليت خوراڪ کي ڏيندي ۽ ايئن اسان نه فقط خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهنداسين پر ڪيش ڪراپ جي ڪري جيڪا زمين تباهه ٿي رهي آهي، ان کي به روڪي سگهجي ٿو.
اسان وٽ ته مزدورن جا حق به ڳوٺاڻي عورت لاءِ ناهن. غربت جي ڳالهه ڪجي ته اسان جا ڳوٺ ئي غريب تصور ڪيا ويندا ۽ انهن ۾ عورتون وڌيڪ غريب آهن. غربت کي چڪاسڻ جو اهم يونٽ اڄ به خاندان ۾ عورت ۽ مرد جو تعلق ۽ حيثيِت سان واڳيل آهي. غربت کي هاڻي دنيا مختلف پيمانن سان ماپي رهي آهي. انهن مان وقت جي غربت ۽ بک جي غربت جو سڌو سنئون تعلق عورت سان آهي. عورت کي اسين ڀلي Income Support جي نالي تي ڪيترا به پئسا ڏيون، پر اهي نيٺ گهر جا مرد کڻيِ خرچ ڪن ٿا. اسان وٽ ان قسم جي تحقيق به ٿي آهي، جنهن موجب عورت پاڻ تي انهن پئسن مان ڪيترو خرچ ڪري ٿي يا سٺي کاڌ خوراڪ وٺي صحتمند ٿئي ٿي ۽ تندرست ٻار کي جنم ڏئي ٿي. يا اهي پئسا مرد کي ڏيڻ عيوض ڪيترا ڪلاڪ آرام ڪري ٿي.
پي آر ايس پي جا ماڊل ڪنهن حد تائين ڳوٺاڻن جي شموليت کي اوليت ڏين ٿا پر ان ۾ به مسئلي جي چونڊ ۾ عورتن کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي ۽ تازو ئي پي آر ايس پي جي اثر جو اندازو لڳائڻ لاءِ تحقيق ٿي، جنهن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته عورتن کي Homogeneous گروهه ڪري سمجهيو ويو هو. جڏهن ته هر گروهه جي عورت جون ضرورتون، ذميواريون مختلف آهن ۽ جيستائين عورتن جي شموليت مسئلي جي نشاندهي، حل ۽ چڪاس جي مرحلن ۾ مڪمل ۽ منظم نه ڪئي ويندي، تيستائين عورتن جي برابري پوءِ ڀلي اها اقتصادي هجي يا سماجي، هڪ ديواني جو خواب ئي هوندي.