
پاڪستان جي مشهور ڳائڻي حديقا ڪياني ٻوڏ متاثرن جا گهر جلد تعمير ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق حديقا ڪياني هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي، جنهن ۾ کيس ٽيم سان گڏ گهرن جي تعمير واري جڳهه جو تعين ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. حديقا ٻڌايو تھ هاڻ تعمير وارو ڪم شروع ڪيو ويندو.