
برطانوي شهزادي هيري سان شادي ڪندڙ اڳوڻي هالي ووڊ اداڪارا ميگهن مرڪل شوبز دنيا ۾ واپسي وارن افوان کي رد ڪندي چيو آهي تھ مان اداڪاري جي دنيا ۾ ٻيهر واپس نھ اينديس. ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو تھ فلمي دنيا کي ڇڏي چڪي آهيان، هاڻ واپسي ممڪن ناهي. هن جو چوڻ هو تھ اسٽريمنگ سروسز ۽ پوڊڪاسٽ اچڻ بعد شوبز دنيا بدلجي وئي آهي، ڪنهن بھ ائين چوڻ نھ کپي پر سچ اهو آهي تھ هاڻ اداڪاري ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.