ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪُونجون ٿيون ڪُڻڪن

Editorial-Article-Mohammad Khan Sial

تاريخي ڪارناما: برَ ۾ سُھڻيون بازارون
اسان جي اصل ڳوٺ سيد حاجي ابراھيم شاهه، مين ريلوي اسٽيشن بڇيريءَ جيڀر ۾، گهڻن ورهين تائين لاڳيتو تاريخي ميلو ھر سال لڳندو هو. سالياني ميلي جو نالو سيد حاجي ابراهيم شاهه ۽ سندس ننڍي ڀاءُ سيد نور محمد شاهه، ٻنھي جي نالن سان مشھور ھوندو ھو. ميلو ته ڇا هو ڄڻ ته ٽن ڏينهن لاءِ وڏي پيماني تي يعني تاريخي طور برَ ۾ بازارون لڳي وينديون هيون. مٺائين، خشڪ ميوويَ توڙي مختلف شين جا کوڙ دوڪاندار، هوٽلن ۽ ٿيٽر وارا به اچي ڪٺا ٿيندا هئا. مون ڪيترا ڀيرا عام ماڻھن جاتبصرا ٻڌا ھئا ته اھو ساليانو ميلو، شاهه لطيف ۽ قلندر جي ميلن کانپوءِ ٽيون نمبر وڏو ميلو آھي.
ميلي ۾ دستاويزي فلمون به هڪ وڏي اسڪرين تي ڏيکاريون وينديون هيون جن جو انتظام اولھه پاڪستان سرڪار (ھاڻي پاڪستان) طرفان ڪيل هوندو هو. هڪ ڀيري اسان نئون ننڍڙو ٽرانزسٽر ريڊيو سيٽ خريد ڪيو سو جيئن ئي مون فلم جي وڇوٽيءَ دوران کوليو ته الغوزي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. دستاويزي فلم ڏسندڙ هڪ همراهه ٽپ ڏئي اٿي بيٺو ۽ هيڏانهن هوڏانهن واجھائڻ لڳو ته اهو آواز ڪٿان ٿو ٻڌڻ ۾ اچي؟ همراهه ڏاڍو بي چين ڏسڻ ۾آيو پر جڏهن کيس خبر پئي ته مون وٽ ننڍڙو ٽرانزسٽر ريڊيو سيٽ آهي ته کيس ڏاڍو اچرج ٿيو ڇاڪاڻ ته تن ڏينهن ۾ اھڙا ننڍڙا سيٽ عام نه هئا. انهيءَ کان اڳ، وڏا ريڊيو سيٽ هوندا هئا، جن جي اندر شيشي جا ٽي ـ چار وال لڳل هوندا هئا سي جڏهن گرم ٿيندا هئا، تڏهن وڃي ريڊيو هلندو هو. گرم ٿيڻ ۾ به انهن کي 4 يا 5 منٽ لڳي ويندا هئا. جيستائين ڪنهن گاني کي ٻڌڻ لاءِ ريڊيو کولبو هو، تيستائين اهو گانو ئي ختم ٿي ويندو هو. اسان جي گھر جي وڏي ڪمري جي ٻن ڊگهن پاسن تي بانس جا ٻه اوچا لڪڙا لڳل هوندا هئا جن ۾ ايريل (تار) ٻڌل هوندي هئي. وچ ۾ هڪ ٻي تار ٻڌي، ريڊيو سيٽ کي ڪنيڪشن ڏبو هو. تن ڏينھن ۾ ريڊيو جا سيٽ بيٽريءَ تي هلندا هئا، جيڪا وڏي سائيز جي هوندي هئي. جڏهن بيٽري ختم ٿي ويندي هئي ته ان کي کڻي دوڪاندار کان ريچارج ڪرائبو هو ۽ وري به ھڪ مهينو مس هلندي هئي. پوءِ، وڏي سائيز جي انھن بيٽرين بدران ڊراءِ سيلن جو دور آيو. 15 يا 20 وڏا سيل، هڪ پيتيءَ ۾ وجھي سرڪٽ ٺاهي، پوءِ ريڊيو سيٽ هلائبو هو.
بھرحال، ميلي ۾ ملاکڙو لڳندو هو، جنهن ۾ وڏا وڏا ملهه بهرو وٺندا هئا پر مَلهن ۾ سڀ کان وڏو نالو شير ميربحر جنهن کي “شير سنڌ” جو لقب مليل هو، سو ملهه ۾ گهڻو ڪري سرسي ماڻيندو هو ۽ ٻئي نمبر تي نورالدين ٻٻر هوندو هو. انھيءَ کانسوا ننڍڙي قد وارو هڪ ملهه، مٽر شيدي به هوندو هو. جڏهن ملهه دوران، مخالف کيس چوڌاري گھمائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته هڪدم ٻيئي ٽنگون مٿي کڻندو هو پر جڏهن کيس ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته ٻيئي ٽنگون تُرت، پٽ تي کوڙي ڇڏيندو هو ۽ ڪرندو ڪونه ھو پر وڏي گهل کانپوءِ نيٺ هارائيندو هو. انهن مقابلن دوران مون کي اڃا به ياد آھي ته اميد جي خلاف ٻه ڀيرا شير ميربحر، نورالدين ٻٻر کان شڪست به کاڌي هئي.
ملاکڙي دوران جيڪو پونئين ملهه کٽندو هو تنهن جي سرسي يعني ڪاميابي ليکبي هئي ۽ کٽندڙ ملهه هنڀوڇي هڻي ڳوٺ جي زميندار سيد حاجي اسدالله شاهه کان روڪ پيسا انعام طور وٺندو هو جڏهن ته ٻيا به کيس انعام ڏيندا هئا. ٽن ڏينهن دوران، ٻئي ڏينهن تي ميلو پنهنجي جوڀن تي هوندو هو. جيڪڏهن ملهن کي پيسن ڏيڻ وارا گھٽ هوندا هئا ته پوءِ اسان جيڪي ان وقت ٻار هئاسين تن کي منھنجو والد محمد بخش سيال به انهيءَ مقصد لاءِ پيسا ڏيندو ھو، سي ملهن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئاسين ته جيئن کين گھٽ پيسا ملڻ تي سندن دل ماندي نه ٿئي. ملاکڙي ڏسڻ لاءِ داخلا في ٽي يا چار روپيا هوندي هئي پر ڪجھه وزيٽرز کي مفت پاسون به ڏنيون وينديون هيون. ميلي ۾ ھر سال مسخرو به ايندو هو جيڪو پاڻ کي عام طور “درياهہ خاتون جو پٽ” ڪوٺائيندو هو. وڏي ڦشري ڪندو هو پر منٿون ميڙون ۽ مسخري يعني ناٽڪ رچائي ڍير سارا پيسا به ڪمائي کڻي ويندو هو.
ميلي ۾ ملهن توڙي پوليس (دوڙ پوليس) لاءِ کاڌن ۽ رھائش جو به مناسب بندوبست ٿيل هوندو هو. ملهه واندڪائيءَ جي وقت مالشون پيا ڪرائيندا هئا ته جيئن ملاکڙي ۾ سرسي ڏيکاري پنهنجي لئيَ ڪن. ميلي ۾ محترم امام بخش سيال به تعلقي ڪنڊياريَ کان ھر سال پنھنجي پراڻي ڳوٺ ۾ ڪهي ايندو هو جيڪو ميلي جي مهمانن لاءِ ڏاڍا سوادي کاڌا پچائيندو رھندو هو.
ميلي ۾ ناچ ڪندڙ عورتون به پنهنجا رنگ ڏيکارڻ ۽ ماڻهن جا کيسا خالي ڪرڻ لاءِ آتيون هونديون هيون. مون کي ٻن جا نالا اڃا به ياد آهن هڪ حميدا ۽ ٻي بِلوهئي. ٻيئي جڏهن ڳائينديون ۽ ڊانس ڪنديون هيون ته شوقين ڀر ۾ بيٺل پنھنجن دوستن جي ڳٽن تي هڪ هڪ روپئي جا نوٽ رکندا هئا ۽ طوائفون چهنڊڙي پائي اهي کڻي وٺنديون هيون.
اهي ٻيئي ڊانسر عورتون ڪيترن سالن تائين ميلن ۾ اينديون رهنديون هيون پر مون ننڍڙي يعني 5 سالن واري ٻار کي ڏاڍو ڀائينديون هيون، خاص ڪري حميدا.
ميلي واري جاءِ تي هڪ وڏو ڪوٽ ٺهيل هوندو هو جنهن ۾ ملاکڙي کانسوا عام طور رڇ ۽ ڪتن جي به ويڙهه ٿيندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري سوئر ۽ ڪتن جي به ويڙهه به ٿيندي ھئي. انهيءَ ويڙهه لاءِ ٽڪيٽون وڪرو ٿينديون هيون. تنهن زماني ۾اسان ٻار هئاسين سو جانورن تي ظلم جو احساس ڪونه هوندو هو ۽ رڇ ۽ ڪُتن جي ويڙهه مان پيا مزو ماڻيندا هئاسون. بھرحال، جانورن تي ظلم نه ڪرڻ جو احساس گھڻو پوءِ ٿيو. ياد اٿم ته ميلي لاءِ خاص ڪري مٽيءَ سان ڀريل ويڪرو ڪوٽ ٺهڻ کان اڳ، ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪاٺ جون پيهون ٺهيل هونديون هيون جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ٽٽي پونديون هيون ته ڪيترا ماڻهو ڪري به پوندا هئا. پوءِ، انهن جي سيٽنگ بدلائي وئي باقاعدي اڏاوت ڪئي وئي.
ميلي ۾ دوڪان لڳائيندڙن ۽ ريڙهيون هلائيندڙن کان ڪرايو به ورتو ويندو هو ۽ اهو ڪم ڊاڪٽر عبدالغني شاهه (اسدالله شاهه جو وچولو ڀاءُ) ڪندو هو. دوڪان گهڻو ڪري، ڏنڊَن سان ٻڌل ڪپڙن جا ٺهيل هوندا هئا ته جيئن سولائيءَ سان شفٽ ڪري سگھجن. جڏهن ميلو ختم ٿيندو هو ته اسان ڳوٺ جا ننڍڙا ٻار، ميلي واري جاءِ ڏانهن نڪري پوندا هئاسين ته وسري ويل ڪي شيون هٿ ڪري سگھون پر ڪا خاص شي هٿ ڪانه ايندي هئي.
تن ڏينهن ۾ اسان جو ڳوٺ، دوڙ پوليس جي حدن اندر هوندو هو تنهن ڪري ميلي ۾ ٽيئي ڏينهن پوليس وارا اچي موجون ماڻيندا هئا. هميشه وانگيان سندن لئي هوندي هئي. سندن من مستيءَ تي ائين لڳندو هو ڄڻ ته ڪا پوليس اسٽيٽ هجي. ميلي اندر مختلف دوڪاندار ۽ هوٽلن وارا لائوڊ اسپيڪرن ذريعي فل آواز ۾ گانن جا رڪارڊ به وڄائيندا هئا، تنهنڪري ميلي ۾ گھمندي هڪ ئي وقت مختلف آواز ڪنن ۾ گونجندا رهندا هئا.
ميلي جا پمفلٽ ڪجهه ھفتا اڳ ورھائبا هئا، سو ميلي جو ٻڌي پري پري کان ڪيترا ماڻهو ڪهي ايندا هئا ۽ ٻيا وري مالي طور پنهنجا جهڳا جهڻ ڪندي ڪيترن مهينن کان پيسا ڪٺا ڪرڻ جون ڪوششون به ڪندا رھندا هئا. ڪي اهڙا به هئا جيڪي پنهنجا ڍور ڍڳا وڪڻي اچي ميليَ ۾ بھرو وٺندا هئا جنهن جو مکيه ڪارڻ اهو به هو ته انھن ڏينهن ۾ عام طور ٻي ڪا وندر ڪانه هوندي هئي. ميلي کان ٿورو پري تن ڏينھن ۾’ڳاڙهي بازار’ به لڳندي هئي جتي هر وقت رنگ رتل ۽ ميلو متل هوندو هو. ڪيترا شوقين اتي وڃي پنهنجي جنسي بُک جي اڃ اجھائي ۽ کيسا خالي ڪري موٽندا هئا. پھريان ٻه رپيا ۽ پوءِ 10 رپيا ڀريندا ھئا.
ڳوٺ جي ٻاهران ۽ ميلي جي جاءِ جي ڀر ۾ مکيه روڊ تي ٻير جو پراڻو وڏو وڻ هوندو هو جيڪو ڪيترن ورھين تائين موجود ھو. مان ڪيترن ورهين کانپوءِ ڳوٺ ويس ته ٻير جي وڻ هيٺان ويهي پنهنجون پراڻيون يادون اهڙي ريت تازيون ڪرڻ لڳس جيئن ڪا پراڻي فلم ھٿ اچڻ کانپوءِ ٻيھر هلائبي آهي. سچائي اھا آھي ته ھر سال ٽي ڏينھن ميلي وارا سھڻا ۽ دل کي وڻندڙ ڏينھن، ڊگهي عرصي گذرڻ باوجود اڃا تائين مون کان ڪونه ٿا وسرن. ائين لڳي ٿو ته اسان جي اصل ڳوٺ جا اھي يادگار ۽ عاليشان ميلا، ڪالھه ٿيا ھئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button