
پاڪستاني اداڪارا عروا حسين پنهنجي ايندڙ فلم ٽچ بٽن جي مشهوري ۾ مصروف ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق عروا حسين ڪراچي جي مختلف جڳيهن تي وڃي فلم جي مشهوري ڪئي ۽ فوٽو شوٽ ڪرايو آهي. ٽي وي شو ۾ ڳالهائيندي هن ننڍي ڀيڻ ماورا حسين کي پاڻ کان وڌيڪ بهتر اداڪارا قرار ڏنو آهي.