حافظ يوسف رند
خوشحال ۽ آسودي سنڌ خاطر ھن پنھنجا سمورا ذاتي خواب رڻ ۾ رولي ڇڏيا ھئا. ھن پنھنجي سمورين لذتن ۽ خواهشن تان ھٿ مٿي ڇڏيا ھئا. ھو هڪ جيڏن جي محفلن ۾ ويھندي به ڪنھن الھڙ نينگريءَ جون ڳالھيون ڇيڙي لطف اندوز ٿيڻ بدران وطن واسين جي ڳالھه ڪندو ھو.
ھن چيو ته مون جڏھن کان سن جي ڌرتيءَ جو جام اوتيو ته پوءِ تڙ تڙ جو رولاڪ ٿي پيس. ھڪ ھنڌ ڳالھائيندي چيو ھئائين ته مون کي ڳوٺاڻا ٽوڪ ڪندي چوندا ھئا، تون مھيني جا پنجويھه ڏينھن ٻاھر ۽ پنج ڏينھن گھر ايندو آھين. توکي پنھنجا ٻار سڃاڻڻ ئي ڇڏي ڏيندا.
ان ھوندي به ھو انھيءَ ڳالھه تي فخر ڪندو ھو ته هن پنھنجي وت ۽ وس آھر اولاد جي اھا تربيت ڪئي جو انھن کي پاڻ کان وڌيڪ تعليم ڏياريائين ۽ ھن فقير فرسوده نظام کي پٺي ڏيندي پنھنجي نياڻين کي به تعليم جي زيور وارو ڏاج ڏنائين.
ھن ھڪ وڏي ميڙاڪي کي شاهد بڻائيندي چيو ھو ته ھي ڳوٺاڻا شاهد آھن ته مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪنھن به انسان کي رنجايو ناھي، ھن ئي چيو ته اسان جو جيئن سن جي پوڙھي شينھن سان نينھن لڳو ته اسان مان حيواني جبلت جي پاڙ ئي پٽجي وئي. ھو فقير منش شخص بس امن جو ڳولائو ھو، ھن جو دوست ھو انڙآباد جو آريسر.
جنھن جي نالي سائين جي ايم سيد چيو ھو ته آريسر نه فقط منھنجو کاٻو ھٿ بلڪه ساڄو ھٿ به آھي، ھن جي دوست کي گلاب جي گل کان وڌ موتيو ان ڪري وڻندو ھو جو ان جو رنگ اڇو آھي جيڪو امن جي نشاني آھي.
ھو جيڪو سڄي سنڌ جو ماما ھو. ھن وٽ جتي مير حسن آريسر ۽ تاج جويو اچي ٿڪ ڀڃيندو ھو، اتي مولانا نظر محمد ساند ۽ سائين عبدالرحمان جماليءَ جي پٽن سميت اياز آريسر به اچي روح ريٽو ڪندو ھو. ھن وٽ جتي ارباب نيڪ محمد پھرن جا پھر ويٺو ھوندو ھو، اتي مولانا عزيز الله ٻوهيو مرحوم به اچي اسھندو ھو،
ھن وٽ ڪنھن به مڪتب فڪر جي ماڻھو لاءِ اوڇي نظر نه ھئي. ھو امن جو پنڇي ھو ۽ ھن پنھنجي قوم سميت سڄي عالم انسانيت ۾ امن ڏسڻ ٿي گھريو. اھو ئي سبب ھو جو ھو ھڪڙو گھورڙيو ٿي گھر گھر وڃي صدائون ڏيندو ھو.
ڇاڇري ۾ مفتي محمد آدم سميجو مدرسي ۾ پروگرام ڪري ٿو ته به ماما اتي پھچي به پنھنجي شاعري وسيلي امن جو پيغام ٿي رکيو ته ڍورونارو ۾ ماڻھن کي کلائڻ لاءِ ڪو اسٽيج ڊرامو ٿي ٿيو ته به ھن وڃي پنھنجي ڳالھه ٿي ڪئي.
رسول بخش پليجو صاحب جڏھن عمرڪوٽ ۾ مير حسن آريسر وٽ اچي ٿو ۽ مخلتف ماڻھو اتي پھچن ٿا ۽ ماما جمن دربدر جڏھن اتي پنھنجا ٻه ڪلام سڻائي ٿو ۽ مجلس برخاست ٿئي ٿي ته پليجو صاحب آڌيءَ رات جو مير حسن کي وٺي روحل واءِ پھچي ٿو ۽ مچ ٻاري سڄي رات ويھي ھن فقير کان شاعري ٻڌي ٿو.
ھڪ معنيٰ ۾ ھي فقير منش شخص سنڌ جو صوفي ھو. جنھن وٽ پنھنجي حقن لا ھڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين ۽ جو کيڙي سو کائي، يا مان جوئي آھيان سو ئي آھيان واري لوري به ھئي ته نوجوانن کي مايوسيءَ کان ٻاھر ڪڍڻ لاءِ اياز وانگر نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رھندي، وارو پيغام به ھو. ھو جنھن وٽ مايا کان وڌيڪ ماڻھپي کي مان ھو. ھو جنھن جي حياتي سراپا ڏکن سورن جو اھڃاڻ ھئي تنھن جون اکيون پلٽا کائي پلٽجي پونديون ھيون ته به انسان ذات جي سورن تي تڪليفن ۽ اھنجن تي.
ھن وٽ ڪي وڏا ضخيم لکيل ڪتاب نه ھئا ۽ نه ئي ھن کي ڪا دعوا ھئي ته آئون ڪو شاعر ليکڪ يا اديب آھيان. جڏھن سنڌ ۾ ھڪڙي اديب چيو مشھور غزل وٺي وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو اھو منھنجو لکيل آھي تنھن تي سوشل ميڊيا جي کيتر ۾ وڏي جنگ شروع ٿي وئي. جڏھن اها خبر ماما جمن کي پئي ته ماما چيو جيڪڏھن ڪو اھو دعوا ڪري ٿو ته اھو پنھنجي نالي ڇپرائي ڇڏي، آئون ان خلاف ڪا دعوا نه ڪندس، ڇو ته جيڪو پيغام ھو سو عوام تائين پھچي چڪو آھي ۽ بس.
ماما جا جيڪي به گيت ھئا، انھن ائين ئي عام ماڻھن جي دلين ۾ جڳهه ٺاھي، جيئن لوڪ ادب جا گيت عوام ۾ عام ٿي پوندا آھن. ھن کي وطن جو پيغام عام ماڻھو تائين پھچائڻ لاءِ ڪابه شيءِ رڪاوٽ ٿي ڪانه سگھندي ھئي عمرڪوٽ شھر ۾ ھڪ شاعرن ۽ اديبن جو پروگرام ٿيو. ماما جمن کي انھي جي دعوت ڪانه ڏني وئي. اسان جھڙا ڪيترائي شاعر وڃي رحل واءِ ۾ گڏ ٿيا. چيائون ان پروگرام جو بائيڪاٽ ڪنداسين.
ماما جمن گھران اوطاق تي آيو ۽ سڀني کي چيائين ته ڇا دعوت ملڻ ۽ نه ملڻ سبب پاڻ پروگرام ڇڏي ڏيون. ائين ھرگز نه ٿيندو. آئون شريڪ ٿيندس ۽ اتي موجود ماڻھن تائين پنھنجو پيغام پھچائيندا آھن. اھو ئي وڏ ماڻھپو ھو جنھن ھن گندي ڪلھي تي کنيل، ڇڳل چپل پاتل ھڪڙي فقير ماڻھوءَ کي ايڏي عزت ۽ مان بخشيو.
ھو زندگيءَ جي آخري ساهه تائين سنڌ جي محبت ۽ پيار تي ڪو به ٺاهه ڪرڻ لاءِ تيار نه ھو. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن وفات جي خبر سنڌ ۾ پکڙي ته اسان اھڙا وڏي پيٽ وارا چونڊيل نمائندا پڻ ڏٺا جيڪي جھوتون ڏئي رھيا ھئا ته ماما سان گڏ نڪتل ڪو فوٽو ملي وڃي ته اھو ٻڌائي سگھن ته ماما اسان کي به سڃاڻيندو ھو.
ھو بس سن جي سيد جو ڪارڪن چورائڻ ۾ ئي پنھنجي خوشنصيبي تصور ڪندو ھو. مون ويجھي کان ويھي ڏٺو ھو ته جڏھن به سائين جي ايم سيد جو نالو کڻبو ھو ته ھن جي مک تي بي ساخته ھلڪي مرڪ تري ايندي ھئي. سڄي سنڌ وانگيان عمرڪوٽ واسين لاءِ ھو ھڪڙي ڇت ھئي جيڪا ھاڻ اسان جي مٿان کسڪي وئي آھي. ماما جمن پنھنجي ڪردار ۽ گفتار سان نه فقط حياتي ھوندي پر وڇوڙي سان به ھڪ نئين انقلاب جون راھون ڏسيون آھن.
اسان کي پنھنجي اھڙن صالح ڪردارن جي ثابت قدميءَ کي سمجھڻو پوندو ۽ اھو سوچڻو پوندو ته ھاڻ اسان کي ڪيئن وکون کڻڻيون آھن. ماما جمن دربدر توڻي جو اسان جي وچ ۾ ناھي رھيو پر ھو سنڌ جي ھر نوجوان جي دلين ۾ پنھنجو ٻيو جنم وٺي چڪو آھي ۽ ھو پنھنجي شعر جيان سنڌ جي ھر ان نوجوان سان ٻيو جنم وٺي ملي چڪو ۽ پنھنجو پيغام ڏئي چڪو آھي، جنھن تائين ھو ھاڻ پھرئين جنم ۾ پھچي نه سگھيو ھو.