ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوامي ڀلائيءَ لاءِ گڏيل جدوجھد ڪريو

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

سڄي ملڪ جي صورتحال، گھڻي عرصي کان بگڙيل رھي آھي جنھن جو دکدائڪ نتيجو اھو نڪري ٿو ته عام ماڻھو لاڳيتو ڀوڳيندا رھندا آھن. تنھنڪري ضروري آھي ته عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڏيکاءُ جا سکڻا نعرا ھڻڻ بدران باقاعدي گڏيل جدوجھد ڪرڻ گهرجي. جيڪڏھن ائين ڪونه ٿيندو ته صورتحال ويتر خراب ٿي ويندي، جنھن ڪري ملڪ جي اٽڪل 23 ڪروڙن جي ڪل آباديءَ جا گهڻا ماڻھوتڪليفون ڀوڳيندا رھندا.
مون ته نوٽ ڪيو آھي ته دنيا جي ڪيترن سڌريل ملڪن ۾ عوامي جي ڀلائيءَ لاءِ کوڙ خانگي تنظيمون ٺھيل ھونديون آھن پر سرڪاري نه ھئڻ جي برابر آھن، جيڪي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڏينھن رات جدوجھد ڪنديون رھنديون آھن. مان ڪيترا ڀيرا اھم ملڪ آمريڪا، ڪيناڊا وغيره گهمي آيو آھيان ۽ اتان جي ماڻھن سان ملي معلومات لاءِ ذاتي طور سندن تبصرا به پڇندو رھندو آھيان. مون نوٽ ڪيو ته عوامي ڀلائيءَ لاءِ اتي پرائيويٽ ادارا تمام گهڻا ھوندا آھن جن جو مکيه مقصد رڳو عوام جي ڀلائي ھوندي آھي. سندن سوچ موجب، ائين ڪرڻ سان اڳتي ھلي ملڪ جو گڏيل فائدو به سمايل ھوندو آھي پر اسان جي ملڪ ۾ اھڙا ڀلائيءَ وارا ادارا نه ھئڻ برابر آھي. اسان جي اڳيان سنڌ جو مثال آھي ته اتي قانون موجب کوڙ ادارا يعني عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ٺھيل ته آھن پر انھن مان باقاعدي ڪم ڪندڙ ايڪڙ ٻيڪڙ ئي ادارا آھن، ٻيو ڪجھه به ڪونھي.
مون ڪيترا ڀيرا ڪالم لکيا ته سنڌ جو عوام جي گڏيل ڀلائيءَ لاءِ سکڻا نعرا ھڻڻ بدران باقاعدي اھڙا ڀلائيءَ وارا پرائيويٽ ادارا قائم ڪريو ته انھيءَ مان عام ماڻھن جي ڀلائي ٿيندي جيڪي ترقي ڪندا رھندا پر لڳي ٿو ته عوام جي ڀلائيءَ وارا ڪارناما ڪيترن کي شايد سمجهه ۾ نٿا اچن. بھرحال، منھنجي پنھنجي ذاتي راءِ آھي ته سياسي اختلاف ھئڻ ته هر ڪنهن جو بنيادي حق آهي جنھن کان بنيادي طور انڪار ڪنھن به صورت ۾ ٺيڪ ناھي پر انهن کي ڪنهن به صورت ۾ ذاتي دشمنيءَ ۾ بدلائڻ نه گھرجي. مون اڳ به گھڻا ڀيرا سنڌين کي اپيل ڪئي ته سياسي اختلافن کي ڇڏي، عوامي ڀلائيءَ لاءِ گڏيل سماجي تنطيمون ٺاهيو جيئن سنڌي هندو ڪندا رھندا آهن. مون اڳ به لکيو آھي تہ ڪاش! عوامي ڀلائيءَ لاءِ سنڌ جا سنڌي، ڏيساور ۽ ڀارت جي سنڌين (ھندو) کان عوام جي ڀلائيءَ لاءِ سبق حاصل ڪن. مون کي چئني کنڊن جي ملڪن ۾ گهڻو ڪري سنڌي ملندا آھن، جن کي ڀلي پاڻ ۾ اختلاف ھجن پر عوام جي ڀلائيءَ لاءِ پرائيويٽ ادارا بڻائي جدوجھد ڪندا رھندا آھن. ھڪ ڳالهھ نوٽ ڪرڻ گهرجي ته عام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ڪبيون ته ڪيترا سرڪاري ادارا سڌي يا اڻسڌيءَ ريت مخالفت ڪري رڪاوٽون به وجھندا رھندا آھن.
مون کي مشھور اڳواڻ نيلسن منڊيلا جو تبصرو ياد ايندو رھندو آھي. سندس چواڻي: سڀ ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ به توهان جي اندر ۾ حوصلو موجود آهي ته سمجهي ڇڏيو ته اڃا توهان ڪجهه نه وڃايو آهي. سندس مقصد آھي ته عوامي جدوجھد جاري رکو. اھا ڳالهھ خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي اھي ته اسان جي مذھب اسلام ۾ عوام جي ڀلائيءَ جو کليو کلايو سبق ڏنل آھي، تنھنڪري عوامي ڀلائيءَ کي اھميت نه ڏيڻ اسلام خلاف به سازش آھي سو عوامي ڀلائيءَ لاءِ ڀلي نيڪ نيتيءَ سان ڪوششون ڪرڻ گهرجن ته بھتر جنھن ۾سڄي انسانيت جو فائدو سمايل ھوندو آھي. ھڪ خاص ڳالهھ نوٽ ڪرڻ گهرجي ته اسلام ان جو حامي ناھي ته رڳو مسلمانن جي مدد ڪريو ۽ ٻين جي بلڪل به نه ڪريو. اسلام ته سڄي انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو ڪٽر حامي آھي.
سنڌ جي يڪجھتيءَ کي هر ڏهاڙي نون خطرن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جن کي ضروري حڪمت عملي جوڙي منهن ٽوڙ موٽ ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇاڪاڻ ته سنڌ، هزارن ورهين کان يڪجھتيءَ جي حيثيت ۾ قائم رهي آهي ۽ ان کي آئيندي به ائين ڪرڻ جو پورو پورو حق حاصل آهي. ظلم ته اهو آهي ته سنڌ جي يڪجھتيءَ جا ويري پاڻ کي سنڌ جو اڪيلو خيرخواه سمجهن ٿا ۽ ڌرتيءَ جي حامين کي وري سنڌ جو دشمن سمجھن ٿا. سنڌ جي يڪجھتيءَ جو حوالو ڏيڻ انھيءَ ڪري به ضروري ٿي پيو آھي جو ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سربراهه عمران خان تازو مطالبو ڪيو آھي ته ڊويزنن کي صوبا بڻايو. سندس پراڻن بيانن مان ظاھر آھي ته ھو سنڌ ٽوڙڻ جو ڪٽر حامي آھي پر ڊويزنن کي صوبا بڻائڻ جو سندس بيان تازو ميڊيا ۾ ڇپيو آھي ته سنڌ ۾ پاڻ کي اڪيلو خيرخواه سڏائيندڙ، عمران خان جي سنڌ دشمنيءَ وارن کليو کلايو بيانن تي ٽڪو به نٿا ڪڇن ۽ نه ئي نندين ٿا.
سياسي اختلافن باوجود، سنڌ جي ڀلائيءِ لاءِ لاڳيتو ۽ زوردار ڪوششون ڪندا رھو ۽ سنڌ جي وجود ٽوڙڻ وارا بيان ڏيندڙن کي ننگو ڪرڻ گھرجي ته جيئن سنڌ ٽٽڻ کان بچي وڃي. بھرحال، ان کان سواءِ سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ زوردار ۽ عملي ريت ڪوششون به ڪندا رھو ته بھتر. باقي اھا ڳالهھ خاص ڪري نوٽ ڪرڻ گهرجي ته سکڻن بيانن ذريعي سنڌ جو وجود برقرار رکڻ ۽ ان جي ڀلائيءَ لاءِ ڪوششون ڪرڻ ڏکيو ڪم آھي. ھونئن به اھا ڳالهھ خاص ڪري سمجھه کان مٿانهين آھي ته سنڌ جا ماڻهو عوامي ڀلائيءَ لاءِ لاڳيتي ۽ زوردار مھم ڇو نه ٿا ھلائين؟
بھرحال، ھڪ ڳالهھ جي سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آھي تہ عوام جي ڀلائيءِ واريون تنظيمون نہ رڳو سنڌ ليول تي ٺاھيون وڃن پر سنڌ جي ضلعن ۾ بہ اھڙا ادارا الڳ ھئڻ گھرجن جنھنجو نتيجو اھو نڪرندو تہ سڄي سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ زوردار ڪوشسون ڏسڻ ۾ اينديون. انھيءَ جو بھتر نتيجو اھو نڪرندو ته سڄي سنڌ شاد ۽آباد ھوندي پر ھڪ خاص ڳالهھ نوٽ ڪرڻ گهرجي ته عمران خان جو رويو شروع کان سنڌ دشمن رھيو آھي سو سنڌ کي ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ اھو ضروري آھي ته عمران خان جي سخت مخالفت ڪريو، عمران خان جي مخالفت ڪونہ ڪرڻ جو اھو مقصد ھوندو ته اھي ماڻھو سنڌ ٽوڙڻ جا سڌي يا اڻ سڌي ريت حامي ھوندا.
بھرحال، اسان جو ھڪ ئي مکيه مقصد آھي ته سنڌ ٽوڙيندڙن جي سخت مخالفت ڪريو. نه رڳو ايترو پر عوام جي ڀلائيءِ لاءِ ھر طبقي وارا ماڻھو نيڪ نيتيءَ سان ڪوششون ڪن جنھن جو اھم نتيجو اھو نڪرندو ته سنڌ ٽٽڻ کان بچي ويندي ۽ سنڌ جي عوام جي ڀلائي به سمايل ھندي. ڪاش! اھا ڳالھه سنڌ جي ماڻھن کي سمجھه ۾ اچي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ سنڌ جي ماڻھن جي گهڻائي جذباتي ھوندي آھي. رڳو جذباتي نه ھئڻ گھرجي. ھونئن به بردباري اھم ھوندي آھي، تنھن کي اوليت ڏيڻ گهرجي، جيڪا اڳتي ھلي سنڌ جي وجود توڙي عوامي ڀلائيءَ لاءِ فائدي ۾ ھوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button