
پاڪستاني اداڪارا مايا علي عليزي سلطان سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي تھ گهريلو تشدد ڪهڙي بھ شڪل ۾ ٿئي، اهو هرگز قبول ناهي. ميڊيا تي شيئر ڪيل پوسٽ ۾ هن جو چوڻ هو تھ مان عليزي کي مضبوط رهڻ جو مشورو ڏينديس، حيران آهيان تھ عليزي سلطان ايڏو وڏو تشدد آخر ڪئين برداشت ڪيو آهي، هن قسم جي واقعي تي اعتبار ئي نٿو اچي، عليزي مون کي يقين آهي تھ هي واقعو توکي وڌيڪ مضبوطي ڏيندو.