شوبز

راڪ موسيقي جو بنياد وجهندڙ جيري لي عرف دي ڪلر وڇڙي ويو

دنيا ۾ راڪ موسيقي جو بنياد وجهندڙ راڳي، پيانسٽ جيري لي ليوس 87 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن سبب راڪ موسيقي جي دنيا ۾ اداسي آهي. ميڊيا مطابق آمريڪا سان تعلق رکندڙ راڪ اسٽار جيري لي ليوس ڊگهو عرصو بيمار رهڻ سبب مداحن کان موڪلايو آهي. هن دي گريٽ بالز آف فائر، شي واز مائي بيبي، اناڌر پليس اناڌر ٽائيم جهڙا لازوال گيت ڳائي شهرت ماڻي. جڏهن تھ هن 7 شاديون ڪيون، سندس 50 سالن کان مٿي ٻڌل ڪيريئر ۾ ڪيترائي اسڪينڊل بھ سامهون آيا، راڪ موسيقي ۾ کيس دي ڪلر طور بھ سڃاتو ويندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button