
بالي ووڊ ادڪارا جهانوي ڪپور انڪشاف ڪيو آهي تھ ڪيترائي ڀيرا اهڙي صورتحال پيدا ٿي جو مون فلم انڊسٽري کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو، جيڪو بعد ۾ واپس بھ ورتو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ ڀيڻ خوشي جي ڪمرشل جي شوٽنگ جو پهريون منظر نھ ڏسڻ تي مون کي فلم انڊسٽري کان نفرت ٿي هئي.