“سنڌ ڪي تاريخ ڪيا هي؟” ڊاڪٽر مبارڪ علي جو سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان هڪ مختصر تجزياتي ڪتاب آهي. هن ۾ ڪجھه سندس لکيل مضمون آهن ۽ ڪجهھ ترجما آهن. انهن ترجمن ۾ اليگزينڊر هملٽن جا سنڌ جا مشاهدا، ڪلارڊ مارڪووٽس جو علائقائي تعلق سان سنڌ جي معيشت ۽ سماج ۽ محمد ادريس صديقيءَ جي ڪتاب “وادي سنڌ ڪي تهذيب” مان کنيل مضمون آهن.
سنڌ جي تاريخ متعلق ٽي نقطه نظر آهن. انهن مان هڪ مذهبي، ٻيو قوم پرستيءَ تي ٻڌل ۽ ٽيون سيڪيولر. سنڌ جي تاريخ تي ورهاڱي کان اڳ به ڪم ٿيندو رهيو آهي. هتي سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي هئي، جيڪا پنهنجو هڪ جنرل به شايع ڪندي هئي. ان سوسائٽيءَ ۾ گھڻي ڀاڱي هندو ۽ انگريز هئا ۽ اها سيڪيولر بنيادن تي ڪم ڪندي هئي. انهن جو موقف اهو هو ته سنڌ جي تاريخ سنڌ ۾ مسلمانن جي اچڻ سان شروع ناهي ٿي پر اها ان کان گھڻي پراڻي آهي.
چچ نامو، تاريخ معصومي ۽ تاريخ طاهري وغيره حڪمرانن جي نقطه نظر لکيل تاريخ جا ڪتاب آهن. انهن ۾ عوام جي مسئلن، انهن جي جدوجهد ۽ ڏکن ڏولاون وغيره جو ڪو ذڪر ناهي. هڪ لحاظ کان اهي تاريخون ماڻهو کي گمراهه ڪندڙ آهن. چچ نامي کي سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ماخذ ڪري ليکيو وڃي ٿو. پر ان ۾ به حقيقتن کان وڌيڪ ڏند ڪٿائون ۽ قصا ڪهاڻيون آهن. اهو عربن جي نقطه نظر کان لکيل آهي. ان ڪري هاڻي ان کي چچنامي بدران فتح نامي جو نالو ڏنو پيو وڃي ڇو ته ان ۾ چچ جو ڪو ذڪر ئي نه اچي.
عربن جي سنڌ فتح ڪرڻ جي حوالي سان ليکڪ ان راءِ جو آهي ته سنڌ تي عربن جون ڪاهون حضرت عمر ۽ حضرت عثمان رضه جي وقت کان جاري هيون پر انهن ۾ ڪا ڪاميابي حاصل نه ٿي سگھي هئي. حجاج جي هڪ ظالم گورنر طور جيڪا شهرت آهي، ان ڪري سندس لاءِ ڪجھه عورتن جي مدد لاءِ دانهن جي ڪا اهميت نه هئي. اصل مسئلو معاشي هو ۽ عربن جي واپاري جهازن کي محفوظ واٽ گهربل هئي.
مذهب بدلائڻ جي معاملي ۾ سنڌ جي ماڻهن تي عرب فاتحن پاران ڪا سختي نه ڪئي ويئي ۽ نه ئي انهن کي اسلام اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. هتي ماڻهن جي اسلام اختيار ڪرڻ وارو معاملو پندرهين صدي عيسوي کان شروع ٿيو ۽ ارڙهين صدي عيسوي ۾ پنهنجي اوج تي پهتو. هتان جي اڪثريتي آبادي اسلام اختيار ڪيو. جڏهن ته ننڍي کنڊ جي ٻين علائقن ۾ ائين نه ٿيو ۽ اتي هڪ ڊگھي عرصي جي مسلم حڪمرانيءَ جي باوجود آباديءَ جي گھڻائي هندو مذهب سان ئي لاڳاپيل رهي. ان جو ڪارڻ ليکڪ اهو ڄاڻائي ٿو ته سنڌ جي اڪثريت جو مذهب ٻڌ مت هو. ٻڌمت هڪ فلسفياڻو مذهب آهي ۽ ان ۾ گھڻي زور زبردستي ناهي. جڏهن ته هندوستان جي ٻين علائقن ۾ اڪثر آبادي هندو مت کي مڃيندڙ هئي ۽ ان ۾ برهمڻن جو ماڻهن تي عقيدي وغيره جي لحاظ کان سخت ضابطو هوندو آهي. ان جو ٻيو ڪارڻ سنڌ جو قبائلي سماج هو جنهن ۾ جيڪڏهن قبيلي جو سردار مذهب تبديل ڪندو هو ته قبيلي جا باقي ماڻهو به ائين ڪندا هئا. ان جا چچ نامي ۾ گھڻا مثال ڏنل آهن. هڪ ٻي خاص ڳالهه اها آهي ته عرب مصر، عراق ۽ ٻين جن ملڪن ۾ ويا، اتي ماڻهن پنهنجي ٻولي ڇڏي عربيءَ کي اختيار ڪيو پر سنڌ انهن ڪجهھ ملڪن ۾ شامل هئي، جن پنهنجي ٻولي کي برقرار رکيو. ان جو هڪ ڪارڻ ته سنڌ جي ايران سان ويجھڙائي هئي جنهن پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي برقرار رکيو هو. سنڌ ۾ پوءِ جيڪي فاتح ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا مان آيا انهن جي ٻولي فارسي هئي. هڪ ڊگھي عرصي تائين سنڌ جي درٻار جي ٻولي فارسي رهي پر عام ماڻهو جيئن ته درٻار کان گھڻو پري هوندو هو ۽ ان جو درٻار سان گھڻو واسطو نه هوندو هو، ان ڪري ان تي ان جو گھڻو اثر نه پيو ۽ هن پنهنجي ٻولي کي برقرار رکيو.
ڪتاب ۾ اليگزينڊر هملٽن جي ڪتاب A New Account of East India جي يارهين باب جو ترجمو ڏنل آهي، جنهن ۾ سنڌ متعلق سندس مشاهدا ڄاڻايل آهن. اهي ارڙهين صديءَ جي شروع جا لکيل آهن. هو بحري جهاز ۾ لاهري بندر تائين آيو هو. ان بندر تي ان وقت ٻه سو ٽن تائين جا جهاز اچي سگھيا ٿي. ان جي ڀر ۾ 100 کن گھرن تي مشتمل هڪ ڳوٺ هو ۽ هڪ قلعو به هو جنهن تي توبون لڳل هيون ته جيئن بندرگاهه ۾ ايندڙ جهازين جي مڪراني ۽ بلوچ ڌاڙيلن کان حفاظت ڪري سگھجي جيڪي هر مسافر ۽ قافلي کي ڦريندا هئا. مڪراني مغل حڪمرانن جي رعايا هئا، جڏهن ته بلوچ ايران مان هتي آيا هئا. اهي انهن ڌاڙيلن سان وڙهندا ٺٽي تائين پهتا.
ٺٽو ان وقت هڪ وڏو واپاري مرڪز ۽ آسودو شهر هو جيڪو لاهري بندر کان چاليهه ميلن جي مفاصلي تي هو. شهر درياهه کان ٻن ميلن جي فاصلي تي هو. ان کي سنڌو مان هڪ واهه ڪڍي پاڻي ڏنو ويو هو. هتي ميون جا باغ هوندا هئا. خاص طور هتي ڏاڙهون نهايت لذيذ ٿيندو هو ۽ اهڙو ڏاڙهون ليکڪ چواڻي ته هن وري ٻيو ڪٿي نه کاڌو. سندس هتي اچڻ کان ٽي سال اڳ مينهن نه پوڻ ڪري ڏڪار پيو هو. شهر ۽ ان جي ويجھڙائي وارا علائقا ويران ٿي ويا هئا. ان ڏڪار ۾ اٺ هزار کن ماڻهو مري ويا هئا. شهر جو نواب مسلمان هو، جڏهن ته آباديءَ جي گھڻائي هندو مذهب سان واسطو رکندڙ هئي. نواب پاران کيس گھڻي عزت ۽ سهولتون ڏنيون ويون. شهر ۽ ان جي چوڌاري گھڻا پکي ۽ جانور هئا ۽ شڪار جا گھڻا موقعا هئا. سندس چوڻ آهي ته اتي هرڻن جو وڏو انگ هو ۽ اهي ايستائين شڪاري کان پري نه ٿيندا هئا جيستائين گھوڙو سندن مٿان نه اچي بيهندو هو. هن لومڙي جيتري هڪ جانور جنهن جا ڪن سهي جيترا ڊگھا ۽ منهن ٻلي جهڙو (Shogoose) هوندو هو، جو ذڪر ڪيو آهي جنهن کي شڪاري گھوڙي تي ان جون اکيون ٻڌي پنهنجي پويان ويهاريندا هئا. هرڻ جي ويجھو پهچڻ تي ان جون اکيون کوليون وينديون هيون ۽ اهو ڊوڙي وڃي هرڻ تي حملو ڪري پهرين ان جون اکيون ڪڍندو هو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته اهو جانور ناياب هو. هو اهو به ٻڌائي ٿو ته ان دور ۾ سنڌوءَ ۾ ڪشمير تائين جهاز راني ٿيندي هئي. هتي گوشت ۽ کاڌي پيتي جي شين جي گهڻائي هئي.
ٻيو مضمون ڪلارڊ مارڪوٽس جي ڪتاب The Global World of Indian Merchants, 1750-1947; Traders of Sind from Bukhara to Panama آهي.
سنڌ هڪ ساحلي علائقو آهي، جيڪو خراسان ۽ هندوستان کي گڏڻ جو ڪم ڪري ٿو. ان جا ايران سان شروع کان ويجھا ناتا رهيا آهن ۽ ان جي ثقافت جو ان تي گھڻو اثر رهيو آهي. سنڌ جي مسقط سان واسطو رکندڙ واڻين متعلق پندرهين صديءَ جي عرب ۽ پرتگيزي دستاويزن ۾ ذڪر ملي ٿو. ان ۾ چيو ويو آهي ته ٺٽو مسقط جو اهم ساٿي آهي ۽ هندو ڀاٽيا سنڌ ۽ عرب وچ ۾ واپار ڪرڻ وارا ماڻهو آهن.
ليکڪ شڪارپور ۽ حيدرآباد جي واپاري اهميت تي روشني وڌي آهي ۽ ان ڳالهه کي واضح ڪيو آهي ته ارڙهين صديءَ جي ختم ٿيندي واپاري لحاظ کا جيڪا اڳ ٺٽي جي حيثيت هئي. اها لاهري بندر جي ويران ٿي وڃڻ ڪري ڪراچيءَ کي ملي ويئي هئي. ليکڪ ٻئي هڪ اهم عنصر جو ذڪر ڪيو آهي، اهو آهي سنڌ جي رستي مالوه جي آفيم جو واپار. ان واپار 1770 کان 1870ع تائين هندوستان جي سرمائي کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ هندوستاني واپارين جي آفيم جي واپار تان ٿيل ٽڪراءُ جي ڪري سنڌ جي رستي چين ڏانهن آفيم جي واپار جي واٽ کلي پيئي. ان واپار ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ 1820 کان 1830ع تائين جي عرصي ۾ سنڌ جي واپار کي متاثر ڪيو.
ليکڪ محمد ادريس صديقيءَ جي سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب متعلق مضمون کي پڻ ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. ان مضمون ۾ ان ڳالهه کي واضح ڪيو ويو آهي ته اهي سڌريل ماڻهو هئا جن وٽ شهر جي معاملن کي هلائڻ لاءِ بلدياتي نظام به هو. واپاري لحاظ کان انهن جا ٻاهرين دنيا سان ناتا هئا. اهي ڪپهه ۽ ٻين مختلف شين جي پوک ڪندا هئا. اهي گوشت جو استعمال ڪندا هئا. مختلف جانور پاليندا به هئا ۽ شڪار به ڪندا هئا.
ڊاڪٽر مبارڪ ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي جلال الدين خوارزم شاهه متعلق هڪ مصمون، جنهن ۾ ان کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويو آهي، تي مختلف تاريخي حوالن سان تنقيد ڪندي، ان ڳالهه کي واضح ڪيو هو ته هو هيرو نه پر هڪ ڦورو هو جنهن هتي قتل عام ڪيو ۽ ڦرمار ڪئي.
سنڌي مهاجر تضاد جي حوالي سان پنهنجي لکيل مضمون ۾ سندس چوڻ آهي ته اهو تضاد ۽ ٽڪراءُ ان وقت تائين ختم نه ٿيندو، جيستائين سنڌ ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻن علائقن وچ ۾ معاشي ۽ سماجي تضاد ۽ ٽڪراءُ هوندو ۽ حڪمران طبقو ان جو فائدو وٺندو رهندو.
ان ڪتاب سان پڙهندڙ کي سنڌ جي تاريخ جي ٻين گھڻن پاسن جي مطالعي ۽ انهن کي تنقيدي نظر سان ڏسڻ جو اتساهه ملي ٿو.