ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سياست ۾ تشدد معمولي ڳالهه سمجهڻ نه گهرجي

Editorial-Article-Allah Bux Rathor

اهي ملڪ جتي سياسي سهپ تقريبن ختم ٿي وئي هجي ۽ سياسي مخالف هڪٻئي سان دشمنن جهڙو ورتاءَ ڪن، اتي جمهوري عمل ۽ سويلين حڪمراني جو عمل هميشه خطري ۾ هوندو آهي. جمهوريت جو بنياد ئي سهپ، هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ معاملن کي سياسي انداز سان حل ڪرڻ تي هوندو آهي. سياست ۾ تشدد، پوءِ اهو رياست پاران هجي يا مختلف سياسي پارٽين يا ڪجهه انتهاپسند ڌرين پاران هجي، انتهائي خطرناڪ سمجهڻ گهرجي. افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته جن اڻ سهپ، رواداري ۽ مذهبي يا انتهاپسندي کي پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو اهي ئي نقصان ۾ رهيا، انهن کي انتهاپسندي پنهنجي گهيري ۾ آندو يا ان ئي اهڙين ڌرين کي پنهنجو شڪار بڻايو. ان جا بنياد ملڪ جي وجود کان وڌا ويا ۽ هي غلطي ورجاءَ سان ڪئي وئي. ان جي نتيجي ۾ پنهنجي وڍئي جو نه ويڄ ۽ نه ئي طبيب ٿيو!
ملڪ ۾ پهريون جمهوري يا ڪنهن حد تائين بهتر آئين 1973 جو رهيو، توڙي جو ان ۾ ڪيتريون ئي خاميون رهجي ويون. پر جنهن ويل ذوالفقار علي ڀٽو جي خلاف فتوائون اچڻ شروع ٿيون، ته دٻاءَ ۾ اچي ڪري هن مولانا ڪوثر نيازي جي مشوري تي مذهبي معاملن جي وزارت متعارف ڪرائي. ان سان گڏ رياستي يا حڪومتي سطح تي انتهاپسندي لاءِ دروازا کلي ويا. ان کان اڳ سٺ جي ڏهاڪي ۾ به انتها پسندي لاهور شهر کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري ورتو هو، صورتحال انتهائي خراب ٿي، بعد ۾ جسٽس منير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميشن قائم ٿي، جنهن معاملن جي سببن جي جاچ پڙتال ڪري اصل مرض تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کانپوءِ جيڪو سياسي سفر شروع ٿيو، ان ۾ آمرن ته سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون. جنرل ضياءَ پاران مذهب جو استعمال سموري معاشري جو تاڃي پيٽو تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. ان کانپوءِ ڪنهن کي به همٿ نه ٿي ته ڪو هڪ لفظ به ڪڇي ها. حڪمران توڙي عام ماڻهو انتهاپسندن هٿان يرغمال ٿي ويا.
معاملي جو ڇيهه ايستائين نٿو ٿئي، پر صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي رهي آهي، محترما بينظير ڀٽو تي حملو ڪري ان کي شهيد ڪيو ويو، بعد ۾ خبر پئي ان حملي جي پنڊي جي لياقت باغ ۾ ڪيئن ريهرسل ڪئي وئي. ان دوران حملي لاءِ اينگلز ورتا ويا ته ڪهڙي طرف کان حملو ڪجي، جو محترما بچي نه سگهي. شوٽرز حملي دوران محترما کي شهيد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر انتهاپسندي جو سفر جاري آهي. ملڪ اندر جيترا به آپريشن ٿيا، انهن جي پٺيان ڪانه ڪا ڏيهي ۽ پرڏيهي ايجنڊا هئي، پر انتهاپسندن سموري معاشري جي مثبت قدرن جي ستياهه ناس ڪري ڇڏي. هينئر عمران خان تي پنجاب جي شهر وزيرآباد ۾ جيڪو حملو ٿيو، ان بابت به ساڳي نوعيت جون ڪهاڻيون ٻڌايون وڃن پيون، اشارن ۾ ٻڌايو وڃي پيو ته هن حملي جي نوعيت پنجاب جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير ۽ وفاقي وزير احسن اقبال تي حملن سان ملي جلي ٿي. باقي رهيل ڪسر ان حملي آور، جنهن کي زندهه حالت ۾ پڪڙيو ويو، ان پوري ڪري ڇڏي. رپورٽس مطابق حملي ڪندڙ جي ٻي ويڊيو ۾، هن مايوسي جو اظهار ڪيو ته هو ته پڪڙيو ويو، پر هن جو مشن مڪمل نه ٿيو، هن ته عمران خان کي نشانو بڻايو، پر هو بچي ويو! ان سان گڏ هي رپورٽس به آيون آهن ته حملي ڪندڙ جي موبائل مان جيڪي ويڊيوز هٿ آيون آهن، اهي سمورن شڪن ۽ شبهن جي تصديق ڪن ٿيون. اڄڪلهه جي دور ۾ ان نوعيت جون ويڊيوز وڏي انگ ۾ سڀني وٽ اينديون آهن، حملي ڪندڙ کي شڪ جو فائدو ملي سگهي ٿو، پر هن جي اعترافي بيان ۾ هي ثابت ٿئي ٿو ته هو Motivated هو. ان حملي ۾ جنهن شخص جي قيمتي جان ضايع ٿي، اهو انتهائي غريب شخص هو، ان جي جنازي نماز ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو اڳواڻ به شريڪ نه ٿيو، هي ڪيڏي افسوس جهڙي ڳالهه آهي.
عمران خان تي حملي واري معاملي کانپوءِ جيڪي الزام ۽ جوابي الزام لڳي رهيا آهن، اهي پنهنجي جاءِ تي، پر انهن الزامن جي نوعيت ڪجهه حيرت ۾ وجهندڙ آهي. ڪنهن به جاچ پڙتال کان پهريان الزام مڙهيا ويا ته حملي پٺيان ڪير هئا؟، هڪ طرف سياسي حڪومت کي نشاني تي رکيو ويو ته ٻئي پاسي وري رياستي ادارن جي خلاف به سوشل ميڊيا تي مهم شروع ڪئي وئي. انهن الزامن ۾ ڪيتري سچائي آهي، انهن جي جيستائين ڇنڊڇاڻ نه ٿيندي، حقيقتون سامهون ڪيئن اينديون؟ اهڙي صورتحال ۾ جڏهن ڌريون هڪٻئي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري چڪيون آهن ۽ ڪنهن به معاملي تي اعتبار ڪرڻ جي گنجائش نه هوندي ته پوءِ صورتحال خراب ٿيندي ويندي. ملڪ جون عدالتون، جن جي حوالي سان چيو ويو ته انهن جو الف يا بي پارٽي ڏانهن نرم گوشو آهي، انهن کي به چوڻو پيو ته انهن سان ڌوڪو ڪيو ويو، غلط بياني کان ڪم ورتو ويو. هاڻ اڳتي ڇا ٿيندو، ان جي اڳڪٿي ڪرڻ ڏکيو ڪم ناهي.
هينئر موجوده منظرنامي ۾ ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ خاص ڪري اسٽريٽجڪ هنڌن تي احتجاج ته ڪيو ويو، پر تشدد جا رجحان به واضح طور ڏسي سگهجن پيا. ڪي حلقا چون ٿا ته تشدد کي ڄاڻي واڻي هٿي ڏني پئي وڃي ته جيئن حالتون بوائلنگ پوائنٽ تائين پهچي وڃن ۽ ڪا اڻ وڻندڙ صورتحال پيدا ٿي وڃي. جيڪڏهن موجوده نظام ڊي ريل ٿئي ٿو ته پوءِ ماضي آئيني جيان موجود آهي، ته ڪيئن لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي تائين جمهوري عمل رڪجي ويو. هي ڳالهه وڏي واڪي چئي پئي وڃي ته جيڪڏهن موجوده حڪمران، عام چونڊن جو اعلان نٿا ڪن ته پوءِ ڪنهن به سياسي ڌر کي ملڪ تي حڪمراني جو حق ڏئي نٿو سگهجي. هي سوچ ڪيتري جمهوري ۽ ملڪي مفادن وٽان آهي، ان تي هرڪو سوچي سمجهي سگهي ٿو. هي ڳالهه سمجهڻ مشڪل نه هوندي آهي ته جڏهن به ڪي ڌريون تشدد کي هٿيار طور استعمال ڪنديون آهن، هڪ ڏينهن انهن کي ساڳي عمل مان گذرڻو پوندو آهي. ڪنهن به ڌر کي خوش نه ٿيڻ گهرجي ته اهي ملڪي نظام کي ڊي ريل ڪري ڪو وڏو ڪارنامو ڪري وينديون. سويلين توڙي جمهوري معاشرن ۾ سمورا رولز طئي ٿيل هوندا آهن، ڪهڙي ڌر کي ڪيئن ۽ ڪهڙي ريت کيڏڻو آهي، ان لاءِ ميدان تيار هوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به غير سياسي قوت کي اننگز کيڏڻ جو موقعو نه ملندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ ادارا فنڪشنل نه رهن يا انهن کي اهڙي پوزيشن ۾ نه ڇڏيو ويو هجي ته اهي بحراني صورتحال کي منهن ڏئي سگهن ته پوءِ هڪ اهڙو موڙ ايندو آهي، جو رياستي ڍانچو ڌڙام سان ڪري پوندو آهي!
موجوده وقت ۾ توڙي جو مڙني ڪوششن جي باوجود زندگي جو وهنوار متاثر ضرور ٿيو آهي، پر مفلوج نه ٿيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ملڪي ادارن خاص ڪري عدليا ۽ سياسي ڌرين سرچاءَ وارو گس نه ورتو ته معاملا هٿن مان نڪري سگهن ٿا. ملڪ جي راڄڌاني ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، يا جيڪي خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن، انهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته ڪجهه حلقا زور ضرور لڳائيندا، پر هي ممڪن ناهي ته رياستي ادارن کي مات ڏئي وٺندا. عمران خان تي حملي کانپوءِ تشدد جي رجحان کي هٿي ملي آهي. لانگ مارچ، جنهن ڏانهن ميڊيا توڙي عوام جو گهٽ ڌيان هو، هاڻ Attention نظر اچي ٿو. ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا به نوٽيس وٺڻ شروع ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪي حلقا ٽياڪڙي لاءِ اڳتي وڌن ٿا ته معاملو سلجهي سگهي ٿو. هي سوال به ڪيا پيا وڃن ته ان جي ضمانت ڪير ڏيندو ته عمران خان جي مطالبي تي عام چونڊون ڪرايون وڃن؟ جنهن اهم مقرري جي مخالفت ٿي رهي هئي، ان کي به فائنل ٽچز ملي چڪا آهن. عمران خان کي سياسي راند کيڏڻ جو محدود ميدان آهي،انڪري هن جي مطالبن جي مڃتا جا امڪان به گهڻا گهٽ آهن. هڪ ڌر لاڳاتار چئي رهي آهي ته جيڪي به مقرريون ٿيون يا عام چونڊن جو اعلان ڪرڻو پيو ته هي ڪم انهن ڌرين جو ناهي، جيڪي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. انهن ڌرين جو پنهنجو ماضي جو ٽريڪ ريڪارڊ به ڪو سٺو ناهي. انهن کي آئيني ضرورتن مطابق جيڪا اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهربي هئي، اها به نه ڪئي. هاڻ هو ٻين کان ڪيئن اميد ڪن ٿا ته اهي سندن رولز تي عمل ڪندا؟ ان جي باوجود وقت جي حڪومت ۽ ادارن جو فرض آهي ته اهي مختلف ڌرين سان گڏجي جمهوريت ۽ سول حڪمراني کي بچائڻ لاءِ سرچاءَ جي گس تي عمل ڪن، انهن کي ڪجهه اهڙا رستا ڪڍڻ گهرجن، جيڪي پليورل سوچ جي عڪاسي ڪن. ڪرائسز مينيجمنٽ مطابق ڪنهن به سياسي ڌر جو امتحان، غير معمولي صورتحال ۾ هوندو آهي ته اها ڪيئن معاملن کي سلجهائي ٿي. ائين نه ٿيڻ گهرجي ته معاملن کي سلجهائڻ جي نالي ۾ وڌيڪ الجهايو وڃي. هينئر ڪجهه ادارن جو رويو به ڪنهن سرچاءَ جي حق ۾ نظر نٿو اچي. پر زميني حقيقتن کي سامهون رکندي، معاملا فهمي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. عمران خان ۽ ان جي پارٽي کي Engage ڪجي ته ڪهڙي ريت الجهيل سُٽ کي سلجهائي سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي، ان سان گڏ حڪومتي ادارن کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته طاقت جو استعمال گهٽائجي ۽ اهي جيڪي معاملن کي خراب ڪن ٿيون، انهن کي حدن ۾ رکڻ لاءِ اهڙا طريقا استعمال ڪن، جنهن سان تشدد کي گهٽائي سگهجي. ساڳي اميد ٻي ڌر مان ڪرڻ گهرجي، هي ملڪ، ڪو دشمنن جو ناهي، جنهن کي فتح ڪرڻ ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button