
پاڪستان جي مصروف ترين اداڪارا عائزا خان ۽ سندس ساٿي اداڪار حمزا علي عباسي وچ ۾ ڊرامن جي شوٽنگ دوران سيٽ تي کل ڀوڳ واري معاملي تي لفظن جي ويڙهه ٿي آهي. ميڊيا مطابق ڊرامي پياري افضل جي جوڙي ڪم دوران سنجيدگي واري موضوع تي هڪٻئي کي مهڻا ڏنا ۽ تنقيد ڪرڻ سان گڏ وضاحتون پڻ ڏنيون آهن. عائزا خان ٻڌايو تھ حمزا عباسي سنجيدا ناهي رهندو، ڪاوڙ جو منظر ڪندي ٽهڪ ڏيندو آهي. حمزا علي عباسي جو چوڻ هو تھ مان هٿرادو طور سنجيدا نٿو ٿي سگهان، کل ڀوڳ ڪرڻ منهنجو معمول آهي، ٻين ماڻهن ۽ پاڻ خوشي ڏيان ٿو.