اسانجي ملڪ جي نرالي ۽ دلچسپ سياسي ڪردار” ٽرمينيٽر خان” واري ايڪشن فلم جي هيرو جو لانگ مارچ، گجرات ويجهو فائرنگ واري حادثي جو شڪار ٿيڻ بعد آخرڪار پنهنجي پڄاڻي کي پهچي ويو. انهي افسوسناڪ واقعي ۾ هڪ معصوم انسان جي فوت ٿيڻ ۽ لانگ مارچ واري سربراهه عمران خان ۽ سندس ڪجهه ساٿين جي زخمي ٿيڻ بعد ملڪ جي سياسي وايو منڊل ۾ پڻ تيزي سان تبديليون ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن. ٽرمينيٽر خان فوري طور تي ميدان ڇڏي پنهنجي قلعي ۽ مرڪز شوڪت خانم اسپتال ڏانهن واپس هليو ويو ۽ هن وقت اتي ئي زير علاج آهي. ڪپتان خان طرفان پنهنجي لانگ مارچ واري شو تي وچ پنجاب ۾ ٿيل فائرنگ جو ذميوار وزير اعظم ميان شهباز شريف، گهرو وزير راڻا ثناالله ۽ هڪ ميجر جنرل کي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر فوج طرفان عمران خان جي انهن تهمتن خلاف فوري ردعمل پڻ آيو آهي، جاري ڪيل پڌرائي ۾ عمران خان جي بيان ۽ تهمتن کي سختي سان رد ڪرڻ سان گڏوگڏ اداري ۽ انهن جي آفيسرن تي بي بنياد الزام هڻي ملڪ ۾ ڏڦير پکيڙڻ تي وفاقي حڪومت کي ڪارروائي ڪرڻ جو پڻ چيو ويو آهي. هوڏانهن ٽرمينٽر خان جي لانگ مارچ تي ٿيل فائرنگ، هڪ راهگير جي فوت ٿيڻ ۽ پي ٽي آ جي اڌ درجن اڳواڻن جي زخمي ٿيڻ واري هيڏي وڏي واقعي جي باوجود توقع جي برخلاف ملڪ ۾ گهڻو ردعمل پيدا نه ٿيڻ ۽ ملڪ جو ڪاروهنوار معمول موجب هلندو رهڻ جا ٽرمينٽر خان تي تمام گهڻا اڻوڻندڙ اثر پيا آهن.
ملڪ جي ٽرمينيٽر خان طرفان سندس حمايت ۾ عوام طرفان وڳوڙ ٿيڻ شهرين جي بغاوت ۽ ملڪ ۾ رستا روڪ ڪرڻ ۽ پنهنجو سمورو ڪاروبار ۽ ڪاروهنوار روڪي ڇڏڻ ۽ سموري ملڪ کي بند ڪري ڇڏڻ واري سندس خوشفهمي پوري نه ٿيڻ بجا ڪپتان خان واري آپگهاتي سياست کان لاتعلقي ۽ پاڻ کي ڌار ڪرڻ وارو مظاهرو هن هلاڪو خان لا سمجهه ۾ نه ايندڙ معاملو ۽ سندس جماعت ۽ طرفدارن لا يقينن ڳجهارت بنجي ويو آهي. لانگ مارچ دوران ۽ ڪنٽينر مٿان ٿيل فائرنگ واري حادثي کان اڳ لانگ مارچ واري انقلاب ۽ سندس تحريڪي جماعت پي ٽي آئي جي مشهوري آسمان کي ڇهندي نظر اچي رهي هئي ۽ ٽائيگر خان کي سندس جلوس جي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ واري فلمي خيال ۽ انقلابي منظرنامي واري سين جو اسڪرپٽ ۽ عوامي بغاوت وارا هاليووڊ جي جاسوسي فلم وارا جيڪي منظر نظر اچي رهيا هئا اهي نظارا اوچتو اکين کان غائب ٿي وڃڻ هن سپر اسٽار لا يقينن وڏي تڪليف جو سبب بنجي ويا آهن. يقينن، اهڙي قسم جي صورتحال جا سندس زخمي ٿيڻ کان به تمام گهڻو وڌيڪ سندس دل ۽ دماغ تي اثر پيا آهن. اهي خبرون پڻ منظر عام تي آيون آهن ته ٽرمينيٽر خان، لانگ مارچ واري طوفان ميل ڪنٽينر تي ڇانئيل پنهنجي جماعت جي اڳواڻن، شينهن، چيتن، ويڪرين ڇاتين وارن رڇن ۽ وڏن شهپرن وارن فن پارن تي تمام گهڻو مڇرجي پيو آهي ۽ هو سندس سموري ڪم کي وڃائڻ ۽ کين پنهنجي راند هارائڻ جو ذميوار قرار ڏئي رهيو آهي. واهه سائين واهه!
هوڏانهن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي سميت سمورن رياستي ۽ حڪومتي مرڪزن ۾گلڪاريون ۽ اکين کي ٺاريندڙ ٿڌڪار وارا نظارا آهن. ملڪ جي اهم مرڪزن ۾ انتظامي معاملن جي حوالي سان ٿيندڙ خاص گڏجاڻيون پنهنجي معمول موجب جاري آهن ۽ اتي اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن کي روڪڻ لا لانگ مارچ واري زورآزمائي ڪئي وئي ۽ سموري ملڪ ۾ هلچل هلائڻ وارا سندرا ٻڌا ويا هئا. وفاقي حڪومت جي چوڻ موجب اڳوڻي وزير اعظم عمران خان طرفان فوج جي اهم عهدن تي پنهنجا ڪي خاص عهديدار لڳرائڻ لا هي سمورو کيل رچايو هو پر ڪپتان خان جي اٻهرائپ ڪري سمورو ڪم بگڙي ويو ۽ سندس پسند جا اميدوار اڳتي اچڻ بجا هاڻي پنهنجيون نوڪريون بچائڻ ۾ لڳي ويا آهن ۽ ڪپتان خان واري مشيني ۽ ڪمپيوٽرائزڊ ٽرمينيٽر واري سياست سندس حڪومت وڃائڻ واري پهرين وڏي حادثي بعد هڪ ٻئي حادثي جو شڪار ٿي وئي آهي، جنهن سان هاڻي ڪپتان خان کي حاصل خاص سرڪاري حيثيت ۽ برطانيا جي شاهي خاندان وارا اعزاز ختم ٿيڻ جا واضح امڪان پيدا ٿي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ملڪ ۾ هن خاص جماعت واري ايئر ڪنڊيشنڊ سياست ۽ هيلي ڪاپٽرن ۽ جهازن واري اڏامن واري رنگارنگ ماحول واري سياست شايد هاڻي پنهنجي پڄاڻي کي پهچي رهي آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ رانديگرن واري هن جماعت کي وي آئي پي پروٽوڪول واري سهولتن کان محروم ٿيڻ جا امڪان تمام گهڻو وڌي ويا آهن ۽ هاڻي نرم ۽ ملائم محبوبن کي سخت گرمي، سردي، ٻوڏ ۽ برساتن واري جاکوڙي سياست ۾ داخل ٿيڻو پوندو يا وري سياست کي پهلواني وارو ڏکيو ڪم قرار ڏئي هن ذميواري کان تائب ٿي ڪري دنيا جي ڪنهن مشهور ۽ وڻندڙ سامونڊي ڪنارن واري ملڪ ۾ ريٽائرمينٽ واري باقي زندگي گذارڻي پوندي.
دلچسپ خبرون لڳاتار منظر عام تي آهن، جنهن موجب ڪپتان خان طرفان سمورو ڏينهن پنهنجي پروڊيوسرن کي ڌمڪيون ڏيڻ بعد راتين جو وري رابطا ڪري مشروط معافي لا حيلا هلايا پيا وڃن ۽ بخشا بخشي ڪرڻ ۽ حڪومت وري موٽائي ڏيڻ يا وري نظر ڪرم جاري رکڻ لا منٿون ڪيون پيون وڃن. يقينن اقتدار ۽ ڪرسي واري جنت ۽ راحت واري زندگي مان حڪمراني جو ڏهڪا، هوائي جهازن ۽ هيلي ڪاپٽرن جا مفت سفر ۽ سوين اردلين جي سلامي، پوش پوش ۽ جئي جئي ڪار نه هئڻ ڪري زندگي جو لطف ۽ مزو به نڪريو وڃي. اهڙي قسم جي صورتحال ڪنهن به سپر اسٽار ۽ هيرو قسم جي ماڻهو يا ليڊر لا زندگي جو لازمي جز ۽ معمول هوندو آهي. جيئن ڪنهن به رياست جي شهزادن جي باز برداري ۽ رسائين واري زندگي دنيا ۾ پنهنجي جنت ۾ رهڻ وانگر هوندي آهي ته ڪنهن گستاخي يا احسان فراموشي ۽ دماغي خلل جي صورت ۾ ڪيل حادثي بعد اهڙي قسم جي شهزادن جي رياست محل ۽ ڪلب ۾ ساڳي حيثيت نه رهي سگهڻ واري صورتحال پيدا ٿيڻ ڪري برداشت کان ٻاهر، زندگي بي فيض ۽ بيڪار ٿيو وڃي.
ڳالهه رڳو حڪومت جي ڦرجي وڃڻ تائين هجي ته به کڻي صبر ڪجي پر هاڻي ته کاڌل ۽ پيتل سامان جو پڻ حساب ڪتاب ٿيڻ لڳو آهي ۽ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ جوابدار ٿيڻ کان علاوه توشا خانه واري سرڪاري ملڪيتن ۾ گهوٻيون هڻڻ جا ڪيس به کوليا ويا آهن ۽ وڌيڪ لڪل راز ۽ ڪارنامن واريون فلمون پڻ جلد ئي سوشل ميڊيا ۽ ملڪ جي ٽي وي چينلن تي پڻ نمائش لا پيش ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. رياست ۽ حڪومت وارا ڪارخانا پنهنجا سمورا ڪم تيزي سان اڪلائي رهيا آهن ۽ ٽرمينيٽر خان کي وڏي اعزاز سان سندس اصل آرام گاهه يا اسڪريپ يارڊ پهچائڻ وارا انتظام پڻ مڪمل ڪيا پيا وڃن. يقينن پاڪستاني ٽرمينيٽر واري هن فلم ملڪ ۾ تمام گهڻو بزنس ڪيو ۽ باڪس آفيس تي نوان ريڪارڊ پڻ قائم ڪيا پر اها پڻ حقيقت آهي ته فلم ته آخر فلم ئي هوندي آهي جيڪا پنهنجي مقرر ٿيل وقت ۾ ختم ٿيڻي هوندي آهي. جنهن جو حاصل اداڪار جي مشهوري ۽ ڊالرن ۾ ڪمائي ۽ فلمسازن جون پڻ ٽجوڙيون ڀرجي وينديون آهن ۽ هاليووڊ وارن کي وري ڪنهن نئين ايڪشن يا ڊراما فلم جي تياري ۽ ڪنهن نئين ڪهاڻي ۽ انهن جي ڪردارن جي تربيت ۽ سکيا تي ڪم ڪرڻو هوندو آهي ڇاڪاڻ جو فلمساز ڪمپنين جو اهو ئي ڪاروبار آهي تنهن هوندي به اسانجي ملڪ جي دلچسپ فلم جي سرعام نمائش جاري آهي ۽ فلم جي آخري سين ۾ جيڪي ڪجهه ٿيڻ وارو آهي اهو اسان پنهنجي پڙهندڙن سان گڏجي ضرور ڏسنداسين، بس ٿورڙو انتظار!