ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گانڌي ۽ روسي انقلاب-I

Editorial-Article- Yameen Jatoi

ڇا مهاتما گانڌي ۽ روسي انقلاب بابت هاڪاري نموني ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي؟ اها ڳالهه ته واضح آهي ته انقلاب جي قيادت ڪندڙ ماڻهو طبقاتي جدوجهد جي مارڪسي نظرئي، پرولتاري ڊڪٽيٽرشپ ۽ سهيوڳي سڀيتا جي سمورين ڪاميابين کي سماج جي سوشلسٽ تبديليءَ لاءِ ڪتب آڻڻ ۽ ترقي ڏيڻ واري مارڪسي نظرئي کان روشني حاصل ڪندا هئا، جنهن کي لينن وڌيڪ اڳتي وڌايو هو. ان جي ابتڙ مهاتما گانڌي پنهنجي عقيدن جي ڪري، ان نظرئي کي رد ڪندو هو. بالشيوڪن کي پنهنجي انقلابي عمل ۾ پرتشدد طريقن کي اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ هنن شعوري انداز ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪيو. مهاتما گانڌي ته انقلابي تشدد کي رد ڪندو هو. ان ڪري اها ڳالهه حيرت جوڳي ڪانهي ته عظيم آڪٽوبر انقلاب جي سوڀ کان پوءِ شروعاتي سالن ۾ هن “بالشيوزم” کي هڪ برائيءَ سان ڀيٽيو هو. اهڙي نموني هيءَ ڳالهه به حيرت ۾ وجهندڙ ڪانهي ته سوويت روس ۽ ان کا ٻاهر رهندڙ ڪيترائي ڪميونسٽ گانڌيءَ کي هڪ سياسي مخالف جي حيثيت سان ڏسندا هئا، ڪيترائي ماڻهو ايئن سمجهندا هئا، پر لينن منجهن شامل نه هو، جيڪو ايم اين راءِ جي ساروڻين موجب، گانڌيءَ کي هڪ “انقلابي” سمجهندو هو ۽ اهڙي نموني پنهنجو هڪ سرگرم ساٿي سمجهندو هو. بعد واري دور ۾ گانڌي به بالشيوڪن جي مقصد سان انصاف ڪيو ۽ لينن جو ذڪر هن هڪ “عظيم شخصيت” جي حيثيت سان ڪيو.
روسي انقلاب ڏانهن مهاتما گانڌيءَ جي حقيقي روئي جي نوعيت ۽ سڀ کان وڌيڪ تضادن کي واضح نموني سمجهڻ، ۽ بنيادي ڳالهين ۽ عبوري نوعيت وارين ڳالهين وچ ۾ فرق کي سمجهڻ لاءِ هيءُ ضروري آهي ته تاريخ سان رجوع ڪيو وڃي، ٽالسٽاءِ جي لکڻين تي ڌيان ڏنو وڃي جنهن کي گانڌي پنهنجو “رهبر” سمجهندو هو ۽ لينن جي لکڻين جو جائزو ورتو وڃي جنهن ٽالسٽاءِ جي نظرياتي موقف کي اختيار ڪيو آهي، ان تجزئي سان گانڌيءَ جي تعليم جي تاريخي نوعيت کي ڄاڻڻ ۾ ڪافي مدد ملي ٿي ۽ اهو به واضح ٿئي ٿو ته روسي انقلاب ۽ هندستان جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي اڳواڻ جي حيثيت سان گانڌيءَ جي سرگرمين وچ ۾ نه رڳو هڪ معروضي تاريخي لاڳاپو موجود آهي، بلڪ گانڌيءَ جي سامراج دشمن نظرئي ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ سندس سياسي جدوجهد تي روسي انقلاب سڌو اثر وڌو ۽ اهو ته لينن ۽ گانڌي هڪٻئي جا ساٿي هئا، ڇاڪاڻ ته روسي انقلاب ۽ هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جا مقصد به انسانذات لاءِ هڪ سٺي آئيندي لاءِ جدوجهد ۾ هڪ ٻئي جا دوست هئا.
اناطول فرانس ٻنهي انقلابن جي، يعني فرينچ انقلاب ۽ روسي انقلاب جي، جيڪو هن صديءَ جي شروعات ۾ اڀري رهيو هو ۽ جيڪو 1917ع ۾ فتحياب ٿيڻ کان پوءِ تاريخ ۾ عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جي نالي سان امر ٿي ويو، ڀيٽ ڪندي 1905 ۾ ئي لکيو هو ته “1789ع ۾ اسان جي وڏڙن يورپ ۾ هڪ بورجوا انقلاب جو مثال پيش ڪيو هو، جڏهن ته اڄ روس جو مزدور طبقو اسان کي هيءُ سبق ڏئي رهيو آهي ته هڪ سماجي انقلاب ڪيئن آندو وڃي.” ان مشهور فرينچ ليکڪ جا اهي خيال ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته تاريخ هن صديءَ جي شروعات ۾ ئي روس کي دنيا جي تبديليءَ جي عمل ۾ مرڪزي حيثيت ڏئي ڇڏي هئي. روس، ان جي نظرياتي زندگي ۽ انقلابي جدوجهد سڄي دنيا جي ترقي پسند انسانن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو ۽ ان جي اندر وارن واقعن ٻين ملڪن، جنهن ۾ هندستان جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ به شامل آهي، وڌ کان وڌ متاثر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو.
سوامي ديويڪانند 1896 ۾ ان خيال جو اظهار ڪيو هو ته روس کان ئي مستقبل جي شروعات ٿيندي جيڪو هڪ نئين دور جو “شوڌرن جي دور” جو يعني پورهيتن جي دور جو رستو کولي ڇڏيندو، سندس اها ڳالهه ثابت ٿي. هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪ جي وڏي اڳواڻ دادا ڀائي نوروجي 1906 ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي ڪلڪتي واري اجلاس ۾ خود اراديت جو مطالبو پيش ڪندي روس ۾ زارشاهيءَ خلاف جدوجهد جو ذڪر به ڪيو هو. مشهور هندستاني انقلابي ميڊم ڪاما 1907 ۾ اسٽٽگارٽ ۾ بين الاقوامي سوشلسٽ ڪانگريس ۾ تقرير ڪندي هندستاني وطن دوستن پاران “روس کان ايندڙ اسان جي ساٿين کي خاص برادراڻيون مبارڪون” ڏنيون هيون ۽ اعلان ڪيو هو ته هندستاني عوام “سندن مثال تي عمل ڪندو.” ڪيترين ئي هندستاني اخبارن روس جي واقعن تي تبصرا ڪيا هئا. ان کان سواءِ 1909 ۾ روسي انقلابين جي سرگرمين بابت غيرقانوني ڪتاب به هندستان پهچڻ لڳا، جن ۾ ٻين ڳالهين کان سواءِ سوشلسٽ خيال پيش ڪيا ويا هئا.
هن صديءَ جي شروعات ۾ ئي روس جن هندستانين جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو انهن ۾ موهن داس ڪرمچند گانڌي به شامل هو. ان ڳالهه جي سڀنيءَ کي خبر آهي ته مهاتما گانڌي ليو ٽالسٽاءِ جي تعليم کان متاثر هو. تڏهن به ٽالسٽاءِ ۽ گانڌيءَ جي نظرياتي ويجهڙائي رڳو مبهم نوعيت جي نه هئي. رڳو مذهبي ۽ اخلاقي سطح تي، عام عالمي نقطه نظر جي سطح تي نه هئي يعني روس ۽ هندستان جي سماجي زندگي سياسي جدوجهد جي خاص حالتن کان ڌار نه هئي. پر ٽالسٽاءِ ۽ گانڌيءَ جي نظرياتي ويجهڙائي ڪيترن ئي حوالن کان ٻنهي ملڪن جي تاريخي حالتن ۾ هڪجهڙائي جي بنياد تي هئي، جڏهن ته ٽالسٽاءِ جي اهم نظرياتي اثر، روس جي انقلابي واقعن جيان، جن ۾ گانڌي گهري دلچسپي وٺي رهيو هو، آزاديءَ لاءِ هندستاني عوام کي اتساهيو ۽ اهڙي نموني هندستان جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ منفرد ۽ خاص انداز ۾ روسي انقلاب جي اثر جي عڪاسي ڪئي. ظاهر آهي ته لينن ايئن ئي اها ڳالهه نه ڪئي هئي ته ليو ٽالسٽاءِ “روسي انقلاب جو آئينو” آهي.
ٽالسٽاءِ جي تعليم ۾ زارشاهي روس اندر سياسي جبر ۽ سماجي ناانصافيءَ خلاف احتجاج ۽ “بديءَ خلاف عدم تشدد تي ٻڌل مزاحمت” جو ميلاپ ملي ٿو. ڪيترن ئي ماڻهن ان انوکي تعليم ڏانهن ڌيان ڏنو جيئن قومي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ عدم تشدد تي ٻڌل طريقا استعمال ڪرڻ بابت گانڌيءَ جي تعليم کان متاثر ٿيا، جيڪا ٽالسٽاءِ جي تعليم جي ويجهو هئي. تڏهن به جيئن لينن ٻڌايو آهي، ٽالسٽاءِ جي تعليم ڪنهن به نموني رڳو انفرادي ڪانهي، لينن لکيو ته اها انهن حالتن جو پيدا ڪيل نظريو آهي، جن ۾ لکين ڪروڙين ماڻهو اصل ۾ هڪ خاص مدي تائين زندگي گذاريندا رهيا.”
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button