29 سيپٽمبر 2022 جي صبح جو پهرين پهر هو ۽ ڪراچي جي پُراڻي پوش ڪالوني (PECHS) جي وڏي اڇي حويلي مستي خان لاجز ۾ هڪ بيمار بزرگ هوش، غشي ۽ سور جي سٽن ۾ هو ته کيس اوچتو سخت ناڪيري آئي. موجود ميڊيڪل اٽينڊنٽ ڪا سور ڪش (pain killer) سُئي هڻڻ جي تياري ڪرڻ لڳي ته ان بيمار شخص پنهنجا هوش سنڀالي کيس روڪيو ۽ اشارو ڪندي چيو ته هاڻ هو وڌيڪ ڪجهه نه ڪري ۽ ڪنهن ٻي (موت) کي اچڻ ڏي. هُن پنهنجي ڌي کي آخري جملو “چڱو ڌيءَ آءُ هلان ٿو” ائين چيو جيئن اياز لطيف کان موڪلايو هو. ڄڻ ته هو تيار هو. بلڪل ايئن جيئن ڪو جاپاني سيمورائي هارايل جنگ ۾ به پنهنجي منشا ۽ سمان وارو موت گهرندو آهي. ميڊيڪل اٽينڊنٽ پنهنجي تجربي ۾ اهو سڀ ڪجهه پهرين ڀيرو ڏسي وائڙي ٿي هڪ پاسي بيهي رهي ۽ پندرنهن منٽن اندر ئي هڪ بيمار شانت شخص هڪ وڏو ساهه کنيو ۽ سُڪون سان ان بيمار پڃري کي ڇڏيو جنهن کي ڪينسر ته ڳاري ڇڏيو پر هُن جي ارادي ۽ حوصلي کي نه. خبر ناهي اها هڪ پوڙهي بلوچ مزاحمت ڪار جي روايتي خودداري هُئي يا هڪ باغي جي سرمستي، جو زندگي جي آخري پل ۾ هُن هوش ۾ رهڻ قبوليو ۽ هُن کي ڪو افسوس، ڪو ڀئو ڪونه هو، هُن وٽ ڪا دانهن، ڪا وائڙائپ ڪونه هئي ۽ هُجي به ڇو؟ يوسف مستي خان، سماج (سرمائيداري، جاگيرداري، بيٺڪيت) ۽ جسم جي ڪينسر سان وڙهندي ۽ ان ويڙهه ۾ پُٺيان هڪ فعال، منظم تنظيم ڇڏيندي پنهنجو ڪم ڪري چُڪو هيو. هو نئين سفر لاءِ پنهنجي ڇاتي چوڙي ڪري چُڪو هو.
هر داغ هي اس دل مين بُجز داغِ ندامت
يوسف مستي خان پنهنجي ننڍپڻ کان ئي مزاجن باغي هو. هو پنهنجي والد جو اڪيلو پُٽ ۽ خاندان جي ملڪيت جو وارث هو. ملڪ جي مهانگي ۽ اعلي تعليمي ادارن ۾ پڙهڻ جي باوجود هر حساس نوجوان جيان هُن جو روح دولت ۽ ڪيريئر بدران، پنهنجي ديس ۽ ديس واسين جي تڪليفن سان اٽڪيل رهيو. هُن بي ايس او کان سياسي سفر جي شروعات ڪئي، لالا رند جهڙن اُستادن کان هُن سياسي سبق ورتا پر سندس والد جو دوست “باباءِ بلوچستان “مير غوث بخش بزنجو هُن جو حقيقي سياسي اُستاد بڻيو.
حبيبن هيڪار منجهان مهر سڏ ڪيو
سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اُهو ئي ٿيو. (ڀٽ ڌڻي)
يوسف جان جي ان سياسي چونڊ سبب سندس خاندان کي ڀُٽو دور کان سوڙهه ۽ تڪليف کي ڏسڻ شروع ڪيو. ڪامريڊ کي نوڪري ڪرڻي پئجي وئي ۽ سياست سان جُڙيل رهڻ باوجود شيل آئل جو مينيجر ٿي ويو پر 1973ع ۾ جڏهن وفاقي صدر ذوالفقار ڀُٽي عوام بدران اسٽيبشمينٽ جي ٻُڌندي، بلوچستان ۽ تڏهوڪي سرحد ۾ نعپ حڪومت جو خاتمو ڪيو ته يوسف به نوڪري ڇڏي، سياست جي زمين تي مستقل پير ڌري ڇڏيا. يوسف جي ضد جي نتيجي ۾ جڏهن سندس والد ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين روڊ ٺاهڻ جي ٺيڪي کان ڀُٽو کي کُتو جواب ڏنو ته يوسف کي پنهنجي چاچي عبدالستار سان گڏ کنڀيو ويو ۽ قُلي ڪيمپ ۾ مٿس سخت ٽارچر ڪيو ويو. پر لطيف جي سٽن ته “جيئن جيئن تپي ڏينهن، تيئن تيئن تاڻي پنڌ کي” يا “جيئن سڙن تيئن سچ، جيئن سڙن تيئن سنرا” وانگي مُڙس مٿير ئي ٿيندو ويو. ضياءُ دور به ساڳيون عقوبتون، عذاب ۽ گرفتاريون آنديون. عوامي قيادت جو تاج جيئن ته جنم سان نه پر ڪرم سان جُڙيل هوندو آهي تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته نه ته اها مير صاحب جي ڇڏيل پارٽي نه ئي سندس حياتياتي اولاد پر اهو ڪامريڊ يوسف مستي خان هو جنهن مير بزنجي صاحب جي سامراج مخالف، اسٽيبلشمينٽ مخالف، سيڪيولر، عوامي ۽ قومن جي حق خوداراديت واري سياست کي پنهنجون نوڪريون ۽ آسائشون ڇڏي ساهه ڏنو. اين ڊي پي، پي اين پي، اين ڊپليو پي ۽ آخر ۾ اي ڊبليو پي جي سياسي سفر ۾ ڪامريڊ يوسف مستي خان، مير غوث بخش جي آدرشن جي ئي نئين نسل جي سياسي ڪارڪنن منجهه آبياري ڪئي.
شايد 2010 جو سال هو جو ڪراچي ۾ سراوان هوٽل منجهه کاٻي ڌُر جون مختلف پارٽيون هڪ اتحاد جوڙڻ لاءِ گڏ ٿيون. مون پهريون ڀيرو يوسف مستي خان کي تڏهن ڏٺو هو. هُن ڪامريڊ اختر حسين سان گڏ نيشنل ورڪرز پارٽي جي نمائيندگي ٿي ڪئي ۽ اسان ليبر پارٽي پاڪستان جي. ائين سنڌ پروگريسو ڪاميٽي جو وجود پيو هو.
2012 ۾ جڏهن عوامي پارٽي سان گڏ عوامي ورڪرز پارٽي جي قيام ۽ نيئن آئين جي تياري لاءِ ٽن تنظيمن جي ڊيليگيشنس ۾ ڳالهيون شروع ٿيون ته پوءِ يوسف مستي خان سان بحثن ۽ ڪچهرين جو سلسلو شروع ٿيو. مون کي اهو قبول ڪرڻو آهي ته عوامي ورڪرز پارٽي جي قومي سوال ڏانهن سنجيدگيءَ جو هڪ وڏو سبب انهيءَ جي قيادت منجهه يوسف مستي خان جهڙي قدآور شخصيت جي موجودگي هو.
سنڌ جي فائونڊنگ ڪانگريس ٿي ته سنڌ جو صدر عثمان بلوچ ۽ جنرل سيڪريٽري آءُ چونڊجي آيس. عثمان بلوچ پڻ يوسف جو سينئر ۽ اُن جو دل گهريو يار هو. 2014 جي ڪانگريس ۾ يوسف مستي خان سنڌ جو صدر ۽ مان وري جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويس. تازو اپريل 2022 جي لاهور ڪانگريس ۾ يوسف مستي خان وفاقي صدر ۽ مان جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويس. ائين پارٽي اندر ساڻس گڏ رهڻ، ان کان سکڻ جو موقعو مونکي تهان گهڻو ملندو رهيو جنهن کي مان پنهنجو ڀاڳ ٿو سمجهان.
نٽشي چيو هو “جڏهن ماڻهو ٿڪي پوندو آهي ته هو انهن ئي خيالن کان شڪست کائيندو آهي جن کي هو ڪڏهن فتح ڪري چڪو هوندو آهي.” ۽ اها به حقيقت آهي ته زندگي جي هيٺ مٿانهين ۾ هر ماڻهو ٿڪجي ٿو پر اهو سچ ڪونهي ته هر ماڻهو پنهنجي ٿڪ کي قطعي (يا مستقل) فرض ڪري، پنهنجي ئي هارايل خيالن يا دليلن کان هار کائي ويندو آهي. يوسف مستي خان سخت تڪليفن ۾ رهندي ڪڏهن به سون ڏسي سيڻ ڪونه مٽائي. سندس تڏي تي آيل پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سِراج دراني چيو ته هڪ وار پي پي ۾ اچڻ جي آڇ جي جواب ۾ جيڪو يوسف مستي خان مونکي چيو سو آءُ هن محفل ۾ ٻُڌائڻ جهڙو ناهيان.
نظرياتي طور تي هو هڪ حقيقي عوامي جمهوريت پسند هو. سياسي طور هو قومپرستن وچ ۾ پاڻ کي ڪميونسٽ ۽ ڪميونسٽن وچ ۾ قومپرست سڏائيندو هو. هو پاڪستان منجهه قومي طبقاتي تضاد جي هيڪڙائي تي زور ڏيندو هو. هو پنجاب ۽ سرائيڪي وسيب جي باغي جاويد هاشمي کان وٺي بلوچستان ۽ سنڌ جي باغي اُستاد مير محمد ٽالپر وٽ هميشه مان ۽ سمان لهندو هو. جيئن ته هو پاڻ مزاجن باغي هو سو اسان جهڙن جونيئر ڪارڪنن پاران ڪڏهن ڪڏهن سخت ٿيڻ تي ارهو ٿيڻ بدران، ان جو قدر ڪندو هو.
يوسف سنڌ ۽ خاص طور لياريءَ کي پنهنجي ماءُ سڏيندو هيو. سندس مڃڻ هو ته رياست نه پر ڌرتي ماءُ ٿيندي آهي، رياست ته عوام پنهنجي منشا مطابق ٽوڙيندو ۽ ٺاهيندو رهندو آهي. پاڪستان پورهيتن ۽ قومن جو قيد خانو آهي ۽ ان ۾ به بلوچ ۽ سنڌي سڀ کان پيڙهيل قومون آهن تنهن ڪري انهن جي پاڻ ۾ ويجهڙائي اڻٽر ۽ لازمي آهي. هو انهيءَ ڏس ۾ ڪوشان رهندو هيو. آخري وقت ۾ بلوچ متحده محاذ کي به جنميائين پر سنڌ جي ڪجهه ناعقبت انديش ۽ نسل پرستي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل ڪجهه قومپرستن لاءِ اها به نسل پرستي هُئي. اڄ جڏهن ملڪ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ مختلف پليٽ فارمز تان سمورن نسلن ۽ قومن جا ماڻهو يوسف مستي خان کي پنهنجو سمجهندي تعزيتي ميڙاڪا ڪري رهيا آهن تڏهن اُن جي روشني ۾ اهڙي تنقيد پارو (مرڪيوري) ٿي پرواز ڪري ٿي وڃي.
ڪراچي ۾ جڏهن هڪ بلڊر عسڪري سرمايي ۽ سرڪاري پُٺ ڀرائي سان “زمين بو، زمين بو” ڪندو ڌوڪيندو آيو ته بلڊوزرن ۽ عام ڳوٺاڻن جي وچ ۾ تڏهن ٻيو ڪير ڪونه پر ماما فيضو جهڙا ڌرتي ڌڻي ۽ حفيظ بلوچ جهڙا ايڪڙ ٻيڪڙ سياسي ڪارڪن هيا. اهو به ڪامريڊ يوسف مستي خان هو جنهن انڊيجينئيس رائيٽس الائنس جي نالي ۾ سمورن گهڻ گهرن کي گڏ ڪري ان جي رستي روڪ ڪئي ۽ ڪاٺوڙ ۾ هڪ تاريخي آل پارٽيز ڪانفرسن جي صدارت ڪئي جنهن ۾ 50 کان مٿي سياسي سماجي تنظيمون گڏ ٿيون.
اهڙي ريت عورت مارچ هجن يا شاگرد مارچ، اظهار جي آزادي لاءِ سرگرم صحافي هجن يا قانون جي بالادستي لاءِ جهيڙيندڙ وڪيل، يوسف مستي خان گلگت کان وٺي وزيرستان تائين رياستي جبر جي شڪار عوام سان، ابراهيم حيدري کان گوادر تائين مقامي ملاحن سان، ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين مسنگ پرسنس جي خاندانن ۽ مزاحمت ڪارن سان، اورنگي نالا کان وٺي اسلام آباد تائين جي ڪچي آبادين جي پورهيتن سان، هڪ ٿي بيٺو رهيو. شهيد ناظم جوکيو جو تڏو هجي يا چيل ۾ علي وزير سان ملاقات، هو ڪارڪن بڻجي پنهنجي پارٽي جي نمائيندگي ڪندو هو. علي انٽرپرائيز جي ڪوس جنهن ۾ 250 کان مٿي پورهيت جيئرا ساڙيا ويا، يوسف کي جنجهوڙي وڌو ۽ هو متاثرن سان گڏ سرگرم ٿي ويو، پوءِ جڏهن ان ڪم ۾ ٽريڊ يونين نما اين جي اوز سرگرم ٿيون ته يوسف پير پوئتي ڪيا. موت کان ٽي ڏينهن اڳ سندس مونکي آخري ڪال به اڪوافينا جي مزدورن جي ڪيس جي ڪاميابي بابت هُئي. هُن مبارڪ اسان کي پئي ڏني پر ان جو حقدار هو پاڻ، عثمان لالا ۽ منان باچا وارا هيا جن پورهيتن جي قانوني مدد به ڪئي ۽ تن ڏينهن ۾ متاثر مزدورن سان گڏ فيڪٽري ٻاهران سڄو ڏينهن ڌرڻا ڏنا. بنا ڪنهن شڪ جي هو رياستي ڪنڊيدار ڄارين وچ ۾ ڦاٿل، سماج جي ڌٻڻ منجهان ڦُٽل ڪنول پاڙون پاتار جيان عوامي گُل هيو.
سب ڪهان ڪُڇ، لالا وگل مين نمايان هو گئين
خاڪ مين ڪيا صورتين هونگي ڪه پنهان هو گئين. (غالب)
يوسف مستي خان کي ٻن سالن کان جيري جي ڪينسر جو عارضو هيو. بيماري ظاهر ٿيڻ جي ڪُجهه عرصي کانپوءِ هُن غير فعال ۽ ڊگهي زندگي بدران فعال ۽ مختصر زندگي جي چونڊ ڪندي، دوائون کائڻ ڇڏيون ۽ سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون. سندس آخري دورو پختونخواهه صوبي جو هو، جنهن سموري پنڌ ۾ آءُ ساڻس گڏ ئي رهيس. سال اڳ سندس رفيق حيات جي وڇوڙي هن جي روح جي ڪجهه پاسن کي ويتر حساس بڻائي ڇڏيو هو، لتا جو گيت هن عاشق مزاج جون اکيون ڀري ڇڏيندو هو پر سندس خودداري اڳي کان اڳري ئي رهي. هو پنهنجي جسماني ڪمزوري ۽ روحاني پيڙا کي پنهنجي دُشمنن توڙي دوستن اڳيان مختلف سببن جي ڪري ظاهر ٿيڻ نه ڏيندو هو. هو پاڻ کان وڏي، مير غوث بخش بزنجي جي کُٽل ئي سهي پر واجب تجسيم هو. ساڳي وقت مون منجهس ڪڏهن خير بخش به ڏٺو ته ڪڏهن عطاالله به ۽ ڪڏهن آخري وقت جو بُگٽي به. “کاٻي ڌُر جي وسيع تر اتحاد لاءِ ڪوشان رهو” هُن جو پارٽي ڪارڪنن کي آخري پيغام هيو. حبيب جالب ته مير غوث بخش لاءِ لکيو هو پر مون کي ته اهو يوسف مستي خان لاءِ به مُنڊي تي ٽڪ جيان ٿو لڳي.
ميرا هم قفس بزنجو، ميرا رهنما بزنجو
ڪهان اب سري زمانه، ميري جان ايسا حق گو