
برطانيا جي مشهور ميوزڪ بينڊ اسپائسي گرل جون اڳوڻيون ميمبر ڳائڻيون ۽ دوست وڪٽوريا بيکهم، ايما بنٽن ۽ ايمي سي پنهنجي پراڻي دوست گيري هيلي ويل جي سالگرهه جي موقعي تي ٻيهر هڪ ٿي ويون آهن ۽ انهن گڏجي پرفارم پڻ ڪيو آهي. جڏهن تھ اڳوڻي اسپائسي گرلس جي پرفارمنس تقريب ۾ موجود ماڻهن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ اسپائسي گرل جي مشهور گيت يو ول بي ديئر جا ٻول گڏجي ڳايا تھ هر ماڻهو کين داد ڏيڻ بنا رهي نھ سگهيو.