سنڌ پنھنجي تاريخ ۾ ڪيترائي غيرمعمولي ماڻھو پيدا ڪيا آھن، جن پنھنجي ڌرتي ۽ ماڻھن کي سنوارڻ لاءِ پنھنجو ذھني توڙي جسماني پورھيو ڪيو آھي. ھن ڌرتي ھڪ پاسي راءِ ڏاچ، دودي سومري ۽ ھوشو جھڙا دلير ڌرتيءَ لاءِ قربان ٿيندڙ جوڌا پيدا ڪيا آھن ته ٻئي پاسي شاهه لطيف، سچل، سامي، مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، نورالدين سرڪي، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، امر جليل، سراج، نجم عباسي، آغا سليم، استاد بخاري، شيخ اياز، جي ايم سيد، ابراھيم جويو،۽ رسول بخش پليجي جھڙا غيرمعمولي ذھن پڻ پيدا ڪيا آھن، جن پنھنجي ڏاھپ، سمجھه، تجربي ۽ عمل وسيلي سنڌ ڌرتيءَ کي سنواريو آھي. رسول بخش پليجو سنڌ جي جديد تاريخ جو اھو يگانو شخص آھي جنھن پنھنجي ڏاھپ، علم ۽ تجربي سان سنڌ جي تاريخ ۾ اڻ مٽ نشان ڇڏيا آھن.
ھڪ پاسي ھن پنھنجي سياسي عمل وسيلي سنڌ ۽ سنڌي عوام کي درپيش خطرن کي منھن ڏنو آھي ۽ گھڻن نقصانن کان بچايو آھي ته ٻئي پاسي پنھنجي ذھني پورھيي وسيلي سنڌ ۽ سنڌي عوام کي فڪري واٽ ڏسي آھي. ھن جا ليڪچر، تقريرون ۽ لکيل ڪتاب سنڌ ۽ سنڌي عوام کي سنوارڻ جا ڏس ڏين ٿا. سنڌ، پاڪستان ۽ پوري انسانذات جي مسئلن غلاميءَ مان ڪڍڻ جو رستو ٻڌائين ٿا. تنھنڪري پليجي صاحب جي فڪر کي سمجھڻ ھن دور جي تمام اھم ضرورت آھي. ان حوالي سان ڪجھه مھينا اڳ پليجي صاحب جا پنھنجي عزيزن، دوستن، پارٽي ڪارڪنن ۽ پاڪستان جي ڪجهھ اھم شخصيتن کي لکيل خط عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سندس ويجھي ساٿي عبدالقادر رانٽي سھيڙي ڪتاب جي صورت ۾ ڇپايا آھن، جيڪي يقينن پليجي صاحب جي شخصيت، سياست ۽ سندس علمي ۽ فڪري قدڪاٺ کي سمجھڻ مدد ڪن ٿا ۽ اھي پنھنجي دور جا تاريخي دستاويز آھن، جن کي سھيڙي عبدالقادر رانٽي بهترين ڪم ڪيو آھي. خطن جي ھن مجموعي ۾ ڪل ڇويهھ خط آھن، جن ۾ ھڪڙا اھي خط جيڪي پليجي صاحب پنھنجن گھر ڀاتين ۽ عزيزن کي لکيا آھن. جن ۾ پليجي صاحب جي ذاتي زندگي ۽ سندس روزاني زندگيءَ جي ڪاروھنوار ۽ ڪمن ڪارن جي خبر پوي ٿي. پليجو صاحب پنھنجي عزيزن کي لکيل خطن ۾ پنھنجن ڌيئرن، ڀيڻن سان پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ درپيش مسئلن، تڪليفن، ڏکن کي منھن ڏيڻ جي تربيت ڪندي نظر اچي ٿو. پنھنجن عزيزن کي لکيل خط پڙھڻ کان پوءِ اسان کي سندس ذاتي زندگي ۽ اڻ ٿڪ جدوجھد جي سببن ۽ پنھنجي پاڻ ڏانھن رويي جي خبر پوي ٿي. جيئن اختر بلوچ کي لکيل خط ۾ لکي ٿو ته “اسان ماڻھن جي زندگي ئي قدرت اھڙي ڪئي آھي جو نه پاڻ تي رحم ڪري سگھون نه ڪنھن پنھنجي عزيز قريب تي، جي نرم دل ٿي ڪجي ته پنھنجي قوم تي ۽ انسان ذات ٿيندڙ ظلمن جو بدلو ڪيئن وٺي سگھبو؟ پنھنجن عزيزن قريبن تي قياس ڪبو ته قوم جو داد ڪري نه سگھبو. فقط پاڻ سان ۽ پنھنجن سان بي قياسي بلڪه سختي ڪري قوم سان مظلوم عوام سان گگدام ۽ ڏکن ڏدل انسانيت جي دردن جي ڪجھه دوا پيدا ڪري سگھجي ٿي.”
ھنن خطن ۾ پليجو صاحب پنھنجي گھرڀاتين کان دور ھوندي به مسلسل تربيت ڪندي ھر ڏکي وقت ۽ ڏکين حالتن ۾ تيار رھڻ جي تلقين ڪندي نظر اچي ٿو. ھنن خطن مان اسان ان ڳالهھ جو پوري ريت پروڙ پوندي ته هو پاڻ ھڪ جفاڪش، سخت ذھني فڪري پورھيو ڪندڙ، پاڻ تي ۽ پنھنجن عزيزن تي رحم نه کائيندڙ ھڪ انقلابي اڳواڻ ھو، جنھن جو مقصد ھن قوم ۽ انسانذات ظالم ۽ وحشي سماج پاران ڏنل تڪيلفن، اذيتن جو ازالو ڪرڻ آھي، تنھن لاءِ ھو پنھنجي گھر ڀاتين، عزيزن ۽ ڪارڪنن کي ان سفر ۾ شامل ٿيڻ ۽ توڙ ڪرڻ جي تربيت ڪندو رھيو.
پنھنجي گھرڀاتين کي لکيل خطن کانسواءِ خطن جي ھن مجموعي ۾ “مھراڻ” ۽ “روح رهاڻ” رسالن کي لکيل ٻه اھم ادبي خط آھن، جن کي پڙھڻ کان پوءِ پڙھندڙ کي پوري ريت اندازو ٿي ويندو ته پليجو صاحب ادب جو ڪيڏو قدردان آھي. ھن کي شاعري، ڪھاڻي، ناول سان ڪيترو لڳاءُ ھو. ھُو ھڪ تخليقڪار ۽ سندس تخليق سان محبت ڪري ٿو ۽ انھن جي پورھيي کي ڪيڏو مان ڏي ٿو. اھي ٻئي خط ادب ۾ وڏي اھميت رکن ٿا ۽ انھن جي تاريخي اھميت آھي. مھراڻ کي لکيل ۾ پليجي صاحب شيخ اياز جي شاعري، غلام رباني، ابن الياس، اياز قادري ۽ شيخ حفيظ جي افسانن جي تنقيدي راءِ ڏني آھي، جيڪا تمام اھم آھي. جيئن شيخ اياز جي شاعريءَ تي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته “اياز جي شاعري سنڌي ادب جي ھن دور جي اھم خصوصيت آھي، ھو بنيادي طور ھڪ رومانوي شاعر آھي. سندس شعر جا موضوع به گھڻو ڪري روايتي آھن. محبوب جو فراق ۾ لڇڻ، حسن جا گيت ڳائڻ پنھنجي محبت جون ساکون ڏيڻ، کيس پنھنجي زندگيءَ جو مقصد ٺھرائڻ وغيرا. ھن جو محبوب جيڪڏھن ايراني ۽ اردو شاعريءَ کان اڌارو ورتل ڪونھي ته سنڌي به ڪونه ٿو لڳي. ھن جي شاعريءَ جي دنيا گھڻو تڻو ھڪ خيالي تصور جي دنيا آھي پر اھا اسان جي آسپاس جي دنيا نه ھوندي به اسان کي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺي ٿي. ان ۾ اسان کي پنھنجي دٻيل ۽ اڻ لکين اُمنگن ۽ جذبن جو تعبير ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان جو ماحول جيڪڏھن پنھنجو نه ته صفا اوپرو به ڪونھي. شيخ اياز جي شاعريءَ جو حسن سندس موضوع نه پر فن آھي. اھا سراسر سونھن ۽ رس ۾ رچيل آھي. ھن جو تخيل گوناگون ۽ زمان ۽ مڪان جي قيدن کان بي نياز آھي.”
پليجي صاحب جي شيخ اياز جي شاعريءَ تي مٿئين ڏنل راءِ تمام اھم آھي. جيتوڻيڪ پليجي صاحب اياز جي شاعريءَ تي باقاعدي لکيو ئي ناھي پر مختلف جڳھن جي جيڪا راءِ ڏني سا به تمام اھم آھي. ان کانسواءِ ھن ئي خط ۾ شيخ حفيظ جي فن تي ڏنل راءِ به وڏي اھميت رکي ٿي. ان کانپوءِ ھن مجموعي ۾ ٻه خط پليجي صاحب جي پُٽ اياز لطيف ۽ پارٽي ڪارڪن جي تربيت لاءِ لکيل پڻ شامل آھن ته ھڪ اياز لطيف کي لکيل اختلافي خط پڻ شامل ڪيو ويو آھي. پارٽي ڪارڪنن کي لکيل خط ۾ پليجو پنھنجو ڪارڪنن کي سنڌ جي تاريخي حوالن ذريعي سنڌي قوم جي اوڻائين جا مثال ڏيندي پنھنجي ڪارڪنن جي تربيت ڪري ٿو. ھن خط ۾ پنھنجن ڪارڪن کي ڪم جي اھميت کان واقف ڪندي انھن کي سخت جفاڪش ۽ سخت محنتي ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو. ھن خط ۾ هو پنھنجن ڪارڪن تي ڪم ڪرڻ جي ڍنگ ۽ ڪم جي اھميت کي سمجھائيندي نظر اچي ٿو. پليجو صاحب جيئن ھڪ سخت ڊسيپلينڊ اڳواڻ ھو، تنھنڪري ھُو چاھي ٿو ته ھن جا ڪارڪن جي ڪم ڪرڻ جو ڍنگ روايتي نه ھجي. ھُو ھر ڪم باقاعدي پلاننگ سان ڪن. تنھنڪري ھُو جيل مان به پنھنجن ڪارڪن تربيت ڪندو رھي ٿو.
ان کانسواءِ اياز لطيف کي لکيل خط ۾ پليجي صاحب ڪارڪنن جي ذھني ۽ فڪري تربيت ڪري ٿو. انھن کي پنھنجي پاڻ مان اوڻايون ڪڍڻ لاءِ اتساھي ٿو. يقينن “وڳ ڪي وسريا” پليجي صاحب جي ھڪ غير معمولي تخليق آھي. جيئن ته هن سنڌ ۽ سنڌي قوم جي حقن لاءِ پنھنجي پوري حياتي جدوجھد ڪئي آھي. هن سنڌ لاءِ نه رڳو عملي ۽ فڪري جدوجھد ڪئي آھي پر سنڌ جي دشمنن سان ۽ حڪمرانن سان سنڌ جي مسئلن تي اکيون ملائي ڳالھائيندو آھي. اھو ئي سبب آھي جو پليجي صاحب جنرل مشرف کي پاڻيءَ جي مسئلي ۽ عدليا جي مسئلي تي خط لکي پنھنجو ڀرپور موقف پيش ڪيو آھي ته نواز شريف کي سنڌ جي اھم مسئلن تي خط لکي پنھنجو ڀرپور ڪيس رکي ٿو. ان کانسواءِ سندس سائين جي ايم سيد، ولي خان، بيگم ولي خان کي لکيل اختلافي خط پڻ آھن، جيڪي ھڪ تاريخي دستاويز واري اھميت رکن ٿا. تنهنڪري سندس فڪر، سمجهھ، ڏاھپ نظريي ۽ سياست کي سمجھڻ لاءِ ھي خط پڙھڻ تمام ضروري آھن. سنڌ جي ھر سياسي ڪارڪن، شاگرد ۽ نوجوان کي ضرور پڙھڻ گھرجن.