ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي سياسي سگھه جو راز

Editorial-Article- Hameed Soomro

عمران خان جنھن جي ڇويھه سال اڳ سُڃاڻ ۽ گهر گهر سُڃاڻ ھڪ ڪرڪيٽ رانديگر جي ھُئي، هن کي ھاڻي به پاڪستان ۾ سُڃاتو ۽ ڄاتو وڃي ٿو پر ھن جي ھاڻوڪي سُڃاڻ مُلڪ جي ھڪ چوٽيءَ جي سياسي ليڊر جي آھي، جيڪو مختلف تجزين مطابق ملڪ جو مقبول سياسي ليڊر آھي. اچو ته پاڻ سندس سياسي سگھه جا ڪارڻ ڳوليون.
ملڪ جي عالمي شُھرت يافته سيليبرٽي عمران خان جي اڄ کان ڇويهھ سال اڳ سياست ۾ داخلا ٿي جنھن جي پھرين ٻُھڻي جنرل مشرف جي مارشل لا ۾ 2002ع ۾ ٿي. جنرل مشرف کان جنرل قمر جاويد باجوہ تائين 20 سال جي عرصي ۾ سمورن بري فوج جي سربراھن ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراھن سميت فوج جي اھم ادارن ۾ ويٺل آفيسرن کيس پروجيڪٽ، پروموٽ ڪيو ته ساڻن قربت به رھي، جن ۾ جنرل احمد شجاع پاشا ۽ جنرل ظھرالاسلام جي غير معمولي قربت ۽ محبت سندن ريٽائر ٿيڻ بعد به جاري آھي.
انھي عرصي دوران سموري وفاقي صوبائي ڪامورا شاھيءَ جو ساڻس مکا ميل ٿيو، جتي ھن جي داخلا ٿئي ٿي ۽ رياست جي اندر جي مامرن ۾ کيس رسائي حاصل ٿئي ٿي.
ملڪ جي صدر جو تعلق عمران خان جي پارٽيءَ سان آھي، جنھن ھر آئيني قانوني مامري ۾ آئين کي پاسي تي رکي صدر جي عھدي جي لڄ رکڻ بدران عمران خان جي فيصلي کي وڌيڪ مان پئي ڏنو آھي.
پاڪستان جي قومي اسيمبلي، سينيٽ، صوبائي اسيمبلين، ڪشمير، گلگت بلتستان اسيمبلين ۾ موجود ميمبرن جو سڀ کان گهڻو انگ تحريڪ انصاف آھي ۽ ادارن ۾ ويٺل اھي سمورا قانون ساز پاڪستان جي سياسي اسٽيبلشمينٽ جو حصو آھن، جن سان ملڪ جي فوجي اسٽيبلشمينٽ ۽ سول بيوروڪريسي مسلسل رابطي ۾ رھندي آھي ۽ ھاڻي به رھندي ھوندي.
ملڪ جي انتھائي اھم صوبن پنجاب، خيبرپختونخواه سميت ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ پي ٽي آءِ جون حڪومتون آھن. جن جا سمورا وسيلا عمران خان جي حوالي آھن ۽ ھاڻي جڏھن عمران خان وفاقي حُڪومت سان جهيڙي ۾ لٿل آھي ته اھي وسيلا به انتھائي اھم ڪردار ادا ڪري رھيا آھن.
ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۾ ويٺل ججن جو گهڻو انگ عمران خان ڏانھن نرم گوشو رکڻ وارن تي مشتمل ھو ۽ ھاڻي به آھي، جنھن جو نتيجو نه فقط انتھائي اھم فيصلن ۾ ظاھر ٿي رھيو آھي بلڪه عمران خان خلاف جڏھن ملڪ جو قانون حرڪت ۾ اچي ٿو ته انھن عدالتن ۾ ويٺل ماڻھن وٽ پھچڻ جي دير آھي، پوءِ پئُون ٻارهن ٿي وڃن ٿا.
ملڪ جي فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوہ عمران پروجيڪٽ آڻڻ واري فيصلي ۾ مھڙ جو سپاھي ھو. انھي پروجيڪٽ لاڳو ٿيڻ سان آرمي چيف کي پنھنجي به لوڙ ھئي پر عمران اقتدار ملڻ سان ھن کي ويندڙ وقت سمجهي ايندڙ وقت ڏانھن جڏھن ڏسڻ شروع ڪيو ته جهيڙو ٿي پيو ۽ ھاڻي حُڪومت کان ٻاھر ھجڻ باوجود ايندڙ وقت جا ڪافي اھم مسافر عمران سان گڏ آھن، جنھن جو ھو پاڻ به ذڪر ڪري ٿو. جن جو ساٿ ئي کيس وزيرآباد واري گهات ۾ ڪم اچي کيس نئين زندگي ڏئي ويو.
ريٽائر فوجي آفيسرن جي ھڪ ڊگهي فوج، ظفر موج جنھن کي ماضي ۾ پڙھايو ويو ھو ته سموري روايتي سياست ڪرپٽ آھي، جنھن مان جان ڇڏائڻ جو واحد رستو عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ سان آھي. اھا ھن وقت به پنھنجي فوجي قائد بدران عمران خان سان گڏ بيٺل آھي. جن جو انتھائي سرگرم ڪردار گذريل ضمني چونڊن ۾ وائکو ٿي آيو آھي.
عمران خان ماضيءَ جو ڪرڪيٽ ھيرو ۽ عالمي ڪرڪيٽ ڪپ جو فاتح لکين دلين جي ڌڙڪن رھيو آھي، جيڪي دليون اڄڪلھه مائرون، ماسيون بڻجي ججن، جرنيلن ۽ ڪامورن جي گهرن ۾ نوجوان نسل جون مائرون بڻجي ويون آھن. اھي نه فقط فيصلن تي، سرڪاري ڪاروھنوار تي اثرانداز ٿي رھيون آھن بلڪه اھي عمران خان جي سدا بھار جلسن ۾ فنڊ، رونق ۽ سگھه به بڻيل آھن.
ملڪ جي مڊل ۽ اپر مڊل ڪلاس جا ڪرڪيٽ جا شوقين گهراڻا، جن جو اڪثر تعلق پنجاب، خيبرپختونخواہ سميت ڪراچي، حيدرآباد جي اردو ڳالھائيندڙ آبادي سان آھي، انھن جي به سياست ۾ پھرين پسند عمران خان ۽ ان جو ڪرپشن مخالف بيانيو آھي. سي به دامي درمي سُخني عمران خان جي پاسي بيٺل آھي.
ملڪ جي سياسي ميدان عمل ۾ عورتن جي شرڪت پيپلز پارٽيءَ جي سُڃاڻ رھي ھئي. ان جي پروگرامن ۾ راڳ، رنگ ناچ به ٿيندو ھو ۽ ھاڻي به ٿئي پيو. نتيجي مخالف سياست ٽوڪ ۾ ان کي ناچو پارٽي سڏيندي ھئي. پر رسول بخش پليجي جي عوامي تحريڪ اھا سياسي ڌر ھئي جنھن جي ڪارڪنن، اڳواڻن خاندانن سميت سياسي جلسن ۾ عورت جي شرڪت ڪرائي. جڏھن ته تحريڪ انصاف اھا پارٽي آھي جنھن جي جلسن ۾ خاندانن جا خاندانن شريڪ به ٿين ٿا. راڳ رنگ کان پوءِ ھاڻي ناچ جي رونق به لڳي ٿي جنھن جي ڪشش جي نتيجي ۾ اھڙو ماحول جڙيو آھي جنھن عمران جي سياسي سگھه ۽ جلسن ۾ نواڻ آندي آھي ته نوجوانن جي شرڪت به وڌي آھي.
موسيقي راڳ رنگ، عمران خان جي شان ۾ چيل گانن سميت سندس پروگرامن ۾ چوٽيءَ جي فنڪارن جن جي گانن جو نوجوان نسل تي اثر به آھي. سلمان احمد، ابرار احمد عمران جا پڪا سياسي مريد آھن. جڏھن ته عطاءُ اللھ عيسيٰ خيلوي جي شرڪت به سندس حمايت ۾ اضافو ڪيو آھي. انھن فنڪارن سميت شوبز جي ڪافي شھرت يافته ھيرو ھيروئنن، ماڊلن عمران خان جي سرگرم سياسي حمايت ڪئي آھي بلڪه ٽوئيٽر ٽرينڊ سميت ٽوئيٽ ڪرڻ ۾ به اھي سڀ کان اڳرا آھن. ائين ئي راندين جي دنيا جا ڪافي سارا ماڻھو فقط عمران خان جي کاتي ۾ ئي نظر ايندا.
ھن ملڪ جي ٽي وي چينلن تي چارئي پھر ويٺل چوٽيءَ جا دانشور، صحافي، جن جو تعلق کاٻي، لبرل سميت ساڄي ڌر سان رھيو آھي جن ۾ شاھين سهبائي، ڪامران خان، اياز امير، ھارون رشيد، سرل الميڊا، خاور گهمن، اوريا مقبول جان، معيد پيرزادو، حبيب اڪرم، ارشاد ڀٽي، عمران رياض ۽ اظھر ڪاظمي سميت ھڪ وڏي کيپ آھي جيڪا سمورا ڪم ڪار ڇڏي عمران خان جي حمايت جي ڌنڌي سان لڳل آھي. جن جا نه فقط ڏسندڙ ٻُڌندڙ آھن بلڪه انھن جو حلقه اثر به آھي. انھن مان ڪن جو چوڻ آھي ته ھو قائد اعظم جي پايي جو اڳواڻ آھي.
ملڪ جي قومي اليڪٽرانڪ ميڊيا گذريل پورا ڏهه سال ته عمران خان کي ڏيکاريندي پئي رھي جن ۾ ڪجھه چينل ته فوج جي مٿي ڄاڻايل پروجيڪٽ جو حصو به ھئا پر ھاڻي به ڪيترائي چينل عمران خان جي جائز ناجائز حمايت ۾ اڳرا آھن.
سوشل ميڊيا خاص ڪري ٽوئيٽر جو جنھن طريقي سان عمران خان استعمال ڪيو آھي، اھو پاڪستان جي سياست ۾ مثالي آھي جنھن تي ته ڪافي سارو بحث ٿي چڪو آھي.
سپريم ڪورٽ بار جي ھاڻوڪي صدر جو تعلق حامد خان گروپ سان آھي، جيڪو عمران خان سان سرچاءُ ڪري واپس تحريڪ انصاف ۾ موٽي آيو آھي ۽ اچڻ سان عاصمه جهانگير گروپ کي سپريم ڪورٽ بار جي تازي چونڊن ۾ شڪست ڏني اٿس. اسلام آباد ھائيڪورٽ بار جي صدر شاھين جو تعلق به تحريڪ انصاف سان جيڪو چينلن تي آئيني ماھر طور گهرايو ويندو آھي پر اھو پرچار پنھنجي پارٽيءَ جو ڪندو آھي. ائين لاھور بار تي تازو پنج ڪروڙ جي نظر عنايت اجايو نه ٿي آھي.
پيپلز پارٽيءَ جو مرڪزي رھنما ۽ ملڪ جو اھم قانوندان اعتزاز احسن عمران خان جي حمايت ۾ نه فقط چينلن تي نظر اچي ٿو بلڪه روز صبح جو سندس ٽوئيٽ ٽوئيٽر تي نظر ايندي آھي ۽ انھي ڪرت سان نواز شريف جو ڪنھن وقت ساڄو ھٿ سمجھيو ويندڙ نثار علي خان به لڳل آھي. عمران خان جي پارٽي رِنگ کان ٻاھر رھي سندس حمايت ھجڻ ڪنھن غنيمت کان گهٽ ناھي.
عمران خان جو سگهارو پاسو جنھن ۾ ڪافي پاسن جي سيڙپ ٿيل آھي. اھو فلاح وارو آھي جنھن ۾ شوڪت خانم ميموريل اسپتال جا مختلف شھرن ۾ ڪيمپس ۽ نمل يونيورسٽي به شامل آھن، جن عمران خان کي ماڻھن جي چڱي خاصي حصي سان جوڙي رکيو آھي.
عمران خان ڪرڪيٽ طور ھندوستان ۾ تمام گهڻو پاپولر رھيو آھي ۽ بي بي سيءَ جي ڪجهھ تازين رپورٽن مطابق ھاڻي به ڀارت ۾ عمران خان جي سياست ۾ ڌيان موجود آھي. ائين ئي عمران خان جو اقتدار مان لھڻ کانپوءِ عالمي ميڊيا ۾ شور غوغاُ ھجڻ ڪنھن دلچسپيءَ کان خالي ناھي.
گذريل اپريل ۾ جڏھن عمران خان کي عدم اعتماد ذريعي ھٽايو ويو ھو ته عمران لاءِ اھا ڳالهھ وسھڻ جوڳي نه ھئي ته کيس فوج جي حمايت بنا ھٽايو ويو آھي ۽ ملڪ جي راءِ عامه به اھا ڳالھه ھضم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي ۽ ھاڻي عمران خان جهيڙي لاءِ نڪتل آھي.
عمران جي بيدخليءَ کان پوءِ مٿي ذڪر ڪيل سمورا ڪردار ڪاوڙ سبب حرڪت ۾ آھن. جن جي ڏڍ تي عمران خان تحرڪ ۾ اچي سڀني جو ساهه مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آھي. وفاقي حُڪومت جي دائرہ اختيار جي چوطرف عمران خان جي پنجاب حُڪومت آھي ۽ عمران خان جو ساٿي پرويز خٽڪ پيو چوي ته اسلام آباد جو ھر طرف کان گهيراءُ ڪبو. عدالتون عمران خان کي ڪو به نقصان پھچائڻ سميت ايتري وڏي خلق کي ناراض ڪرڻ جي رسڪ کڻڻ کاءِ تيار ناھن. اليڪشن ڪميشن اختيار ۽ مواد موجود ھوندي بندوق پاڻ ھلائڻ لاءِ تيار ناھي. پارليامينٽ مخالف ڌر جي غيرموجودگيءَ ۾ پنھنجي وقعت وڃائي ويٺي آھي. فوج جو سربراهه ھيڏي وڏي خواري باوجود وقت کان اڳ ڪنھن ٻئي جو اعلان نامون نٿو ٿيڻ ڏئي تنھن ۾ مورڳو شڪ وڌي رھيا آھن. جڏھن ته عمران خان بيماريءَ جي بستري تان وزير آباد ۾ معطل ٿيل لانگ مارچ جو ھڪ ڀيرو وري اسلام آباد ڏانھن ڌُوڪڻ جو اعلان ڪندي، ان جي قيادت جو اعلان ڪيو آھي ۽ ڊِي سِيل ٿيل اسلام آباد ھڪ ڀيرو وري سِيل ٿي رھيو آھي. سنڌ پوليس کي وري واپس گهرايو ويو آھي. شايد ڏينهون ڏينهن تبديل ٿيندڙ حالتن عمران خان لاءِ فقط ٻه آپشن ڇڏيا آھن، ھٽڙي مان ھٽ يا ھٽڙي چٽ.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button