ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جا آخري داءَ

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

عمران خان نيازيءَ جي حڪومت جا معاملا اتان خراب ٿيڻ شروع ٿيا، جڏهن کيس پنهنجي پسند جي جنرل جي مدد ملڻ بند ٿي وئي. هو هينئر وڏي واڪي چئي رهيو آهي ته هو اسٽيبلشمينٽ جي سهاري سان حڪومت ۾ ڪونه آيو هو پر عوام جي ووٽن سان آيو هو. جڏهن ته سڀني کي ياد آهي سندس پارٽي ايتريون سيٽون ئي ڪونه کٽي سگهي هئي جو حڪومت ٺاهي سگهي ها. ان ڪري آزاد اميدوارن کي وڌ کان وڌ پارٽيءَ ۾ شامل ڪرايو ويو هو ۽ اهو ڪم ان وقت عمران خان نيازيءَ جي اي ٽي ايم مشين سمجهيو ويندڙ جهانگير ترين کان ڪرايو ويو هو. هن جهاز ۾ ماڻهو ڀري ڀري بني گالا پهچايا هئا. جنهن کان پوءِ هن کي سادي اڪثريت سان وزير اعظم چونڊيو ويو هو. پر وزير اعظم ٿيندي ئي هن جي مزاج ۾ هٺ اچي ويو ۽ هر معاملي تي اسهپ وسيلي هن ملڪي سياست جو مزاج بگاڙيو. ان سان ڪئين معاملا خراب ٿي ويا. هو سياستدانن کي اصل نالن بدران انهن کي چڙ مان نفرت انگيز نالن سان سڏڻ لڳو. اهڙي ريت سندس اقتدار جو سج ان وقت لهي ويو، جڏهن هن جي خلاف گڏيل اپوزيشن عدم اعتماد واري رٿ آندي.
ڪجهه ڏينهن اڳ وزير آباد مان گذرندڙ لانگ مارچ جي حملي جا اطلاع آيا، جنهن ۾ چيو ويو ته عمران خان نيازيءَ کي ٽنگ ۾ گوليون لڳيون آهن ۽ عمران خان جو چوڻ آهي ته کيس مارڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. پر هاڻ جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي ۽ سينيئر صحافين پاران اهي رپورٽون به اچي رهيون آهن ته عمران خان نيازيءَ تي ڪو حملو ناهي ٿيو ۽ نه ئي کيس ٽنگن ۾ ڪي گوليون لڳيون آهن، اهو هڪ ناٽڪ ڪيو ويو آهي ته جيئن لانگ مارچ جي ناڪاميءَ کي لڪائي سگهجي. ان حملي کان پوءِ عمران خان نيازي ٽن اهم ماڻهن جا نالا ايف آءِ آر ۾ شامل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي، هڪ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله، ٻيو وزير اعظم شهباز شريف ۽ ٽيون آرمڊ فورس جو هڪ آفيسر آهي. پر ايف آءِ آر ۾ انهن ٽنهي کي ثبوت نه هجڻ تي شامل نه ڪيو ويو آهي. ڪالهه جڏهن هڪ پرڏيهي اينڪر عمران خان نيازيءَ کان ذر ذر اهو پڇندي رهي ته هو جن تي الزام هڻي رهيو آهي، ان جا ثبوت پيش ڪري ته هو ڳالهه گول ڪندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته هن کي ٽنگن ۾ چار گوليون لڳيون آهن ۽ هڪ گوليءَ جا ذرا اڃا به ٽنگ ۾ موجود آهن.
ڪنهن زماني ۾ ان قسم جا ڊراما عوام کي الطاف حسين پاران ڏسڻ لاءِ ملندا هئا. جڏهن ايم ڪيو ايم اڇي ڪاري جي مالڪ هئي ۽ ملڪي ميڊيا ان وٽ يرغمال هوندي هئي. پر پي ٽي آءِ چيئرمين اهي سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. هن پنهنجو پاڻ کي نه رڳو الطاف حسين کان وڏو ڊرامي بار طور متعارف ڪرايو آهي پر سندس سياست جو مزاج به ايم ڪيو ايم چيف کان وڏيڪ فاشسٽ ۽ جنوني آهي. جيڪو ملڪ ۾ هٽلر جي سياسي نظريي کي لاڳو ڪري پنهنجن سڀني مخالفن کي مارائڻ ۾ به دير ڪونه ڪندو. پر هتي اهو ان ڪري ممڪن ڪونهي ڇاڪاڻ ته اها شيءِ اها ڌر به برداشت نٿي ڪري سگهي، جنهن کي ملڪ جي طاقت جو مرڪز سمجهيو وڃي ٿو.
ملڪ ۾هن وقت سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ ايندڙ معاملو نئين آرمي چيف جي مقرريءَ جو آهي. جنهن کي تڪراري بڻائڻ لاءِ عمران خان نيازي لاڳيتو فوج خلاف ڳالهائي رهيو آهي. هن فوج کي دفاع تائين محدود ڪرڻ لاءِ صدر عارف علويءَ کي خط به لکي ڇڏيو آهي. پر اها ساڳي ئي فوج جنهن جي مدد وسيلي هو اقتدار جا پوڻا چار سال ڪڍي ويو. ان وقت هو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو سڀ کان وڌيڪ پرستار هو. هو کيس جمهوريت پسند جنرل چوندو هو ۽ ان کان سواءِ پهريون ڀيرو سول ملٽريءَ جي بهترين لاڳاپن جي ڳالهه ڪندي ڪونه ٿڪبو هو. پر جيئن سندس حڪومت جو خاتمو ٿيو ته ٽوئيٽر جي جنرل باجوه خلاف ٽرينڊ هلڻ شروع ٿي ويا. ان کان سواءِ هو ان کي مير جعفر جا لقب ڏيندو رهيو. لاڳيتو فوج تي الزام بازيءَ سبب نيٺ آءِ ايس آءِ چيف نديم انجم کي ميدان ۾ لهڻو پيو ۽ هن عمران خان نيازيءَ جي سمورن الزامن کي رد ڪندي اهو پڻ چيو ته جيڪڏهن اسين اهڙا آهيون ته پوءِ رات پيٽ ۾ ملاقاتون ڇو ٿا ڪريو.
نئين آرمي چيف جي مقرري هڪ سادو معاملو آهي. ان کان اڳ ۾ اهو ايترو تڪراري بلڪل به ناهي رهيو. جيڪي به سينيئر جنرل ان ڊوڙ ۾ شامل هوندا آهن، انهن جا نالا وزير اعظم کي موڪليا ويندا آهن ۽ هو انهن مان ڪنهن هڪ کي نئون آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيندو آهي. ان لاءِ ڪنهن به مخالف ڌر اڳواڻ سان صلاح مشوري جي ضرورت ڪونه هوندي آهي ۽ عمران خان نيازي ان معاملي تي اجايو وقت وڃائي رهيو آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ نئين آرمي چيف جو اعلان به ٿي ويندو. تيستائين هاڻوڪو آرمي چيف الوداعي ملاقاتون ڪندو.
عمران خان نيازيءَ کي هن وقت هاڻوڪي آرمي چيف کان ڪوبه خوف ان ڪري ڪونهي جو هو پاڻ کي هاڻ وڌيڪ تڪراري بڻائڻ نٿو چاهي. ان ڪري هن شهباز شريف سان به بنهه گهٽ ملاقاتون ڪيون آهن ۽ ان کان سواءِ جيئن ته هو پاڻ به ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري چڪو آهي تنهنڪري هو رڳو 29 نومبر جو انتظار ڪري رهيو آهي، جڏهن هو پنهنجي لٺ آرمي چيف حوالي ڪندو. نئين آرمي چيف جي مقرريءَ سان سڄي اسٽيبلشمينٽ هر حوالي سان تبديل ٿي ويندي آهي، ان جون ترجيحون به تبديل ٿي وينديون آهن. تنهنڪري عمران خان نيازيءَ کي اهو خوف کائي رهيو آهي ته جيڪڏهن ڪو اهڙُو آرمي چيف اچي ٿو، جيڪو سندس همدرد ناهي ته پوءِ هن لاءِ پريشانيون اڃا وڌي وينديون.
پي ٽي آءِ پنهنجو پاڻ کي هر محاذ تي تڪراري ٺاهيو آهي، جيڪڏهن عمران خان نيازيءَ کي عدالتن جي ٽيڪ نه هجي ته هن کي جيڪو رليف ملي رهيو آهي، اهو ڪنهن به ريت نه ملي ها پر جيئن ته عدالتون اڃا به هن تي مهربان آهن، تنهنڪري هو هر مسئلو عدالتن ڏانهن کڻي وڃڻ ۾ دير نٿو ڪري. تازو جيڪا ايف آءِ آر ڪٽي وئي آهي، ان کي به هو عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ وارو آهي. ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ڪيترو خوف ۾ ورتل آهي. اڄ هن کي سول بالادستي ياد اچي رهي آهي ۽ اِهو چئي رهيو آهي ته وزير اعظم کي اختيار ڏيڻو پوندو ۽ اتحادين جي حڪومت قائم نه ٿيڻ گهرجي. پر جڏهن هو پاڻ وزيراعظم هو ته هر فيصلي لاءِ چوندو هو ته اهو فيصلو سندس مرضيءَ سان ٿيو آهي. نواز شريف ۽ آصف زرداري لاءِ ڪجهه وقت اهو چئي چڪو آهي ته اسٽيبلشمينٽ کيس ٻڌايو ته اهي ٻئي ڪرپٽ آهن. اسٽبلشمينٽ جيڪڏهن کيس اهو چوي ته اهي ٻئي ڪرپٽ نه آهن ته هو ان ڳالهه کي قبول ڪندو. ان جو مطلب اهو آهي ته هن ان ڳالهه کي سچ سمجهيو آهي، جيڪا هن کي ٻڌائي وئي آهي پر هن پنهنجي عقل آهر ان جي جاچ ناهي ڪئي.
سول بالادستيءَ جي ڳالهه نواز شريف ۽ آصف زرداري وڏي وقت کان ڪندا آيا آهن. عمران خان نيازي ڪڏهن انهن جو ساٿ نه ڏنو پر کيس اقتدار ۾ اچڻو هو تنهنڪري هن عوامي مسئلن ۽ سول بالادستي کي پاسيرو رکي پنهنجو پاڻ کي هڪ عظيم ليڊر طور پيش ڪندو رهيو. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ملڪ ۾ سول بالادستي نه هجڻ ڪري سياستدان سدائين ان قوت وٽ يرغمال رهيا آهن، جنهن جو ڪم سياست ڪرڻ ڪونهي ۽ نه ئي سياستدانن کي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. پر اها بالادستي عملي طور تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿي، جڏهن عمران خان جهڙا سياستدان سياسي مسئلن کي سياست ۽ جمهوري عمل ذريعي حل ڪرڻ لاءِ ملڪ جي ٻين سياستدانن سان هٿ ملائيندا ۽ سياسي قوت کي ايترو مضبوط ڪري سگهندا جو ڪابه غير جمهوري قوت انهن کي لوڏي نه سگهي. پر هتي ته عمران خان اڃا تائين اسٽيبلشمينٽ کان مدد لاءِ واجهائي رهيو آهي ته جيئن کيس وري اقتدار جو آسرو ڏنو وڃي.
عمران خان نيازيءَ هاڻ جيڪي ڪجهه به ڪندو اهي هن جا آخري داءُ هوندا ۽ سندس هاڻوڪن ڪيل فيصلن مان لڳي رهيو آهي ته هو جيڪي ڪجهه ڪري رهيو آهي، ان ۾ شڪست سندس ئي ٿيڻي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button