وفاق جي انتظام هيٺ هلندڙ تعليمي ادارن جا امتحان وفاقي تعليمي بورڊ/ڪينٽومينٽ تعليمي بورڊ طرفان ورتا ويندا آهن. توڙي جو امتحاني سرشتو وري به ساليانو آهي، پر بهتر تعليمي معيار جي ڪري نتيجا به بهتر ايندا آهن. وفاقي ادارن ۾ نه صرف نصاب جي معيار کي سمجهيو ويو آهي، بلڪ نصاب پوري طريقي سان شاگردن لا Activity and creativity به ڪرايو ويو آهي. Curriculum (2006), SLOs Based ۾ روائيز ڪري نئين سر متعارف ڪرايو ويو، ته جيئن شاگرد بنيادي طور نه صرف علم حاصل ڪن، بلڪ ڄاڻ ۽ شعوري طور مضبوط ٿي سگهن. ان ڪري شاگرد ڪاپي ڪلچر جي رجحان طرف گهٽجي ويندا آهن ۽ نصاب کي سمجهي به سگهندا آهن. نه صرف اهو بلڪ فيڊرل جي ويب سائيٽ، يوٽيوب ۽ گوگل تي به فيڊرل جي تعليمي ادارن جو معيار هجڻ جو ثبوت پيش ڪن ٿا ته سوشل ميڊيا تي به فيڊرل جا تعليمي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، ويب سائيٽ تي توهان کي هر اپڊيٽ ملندي رهندي.
سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ هلندڙ تعليمي ادارن جي شاگردن کان امتحان وٺڻ لا سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ تعليمي بورڊ قائم ٿيل آهن ۽ ٽيڪنيڪل تعليم جي امتحانن لا ٽيڪنيڪل بورڊ کان جدا آهن.
سنڌ ۾ ته امتحان صرف هڪ رسم بڻجي رهجي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪاچي ڪلچر تعليمي معيار کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
بهتر تعليمي نتيجن لا بهتر نصاب سان گڏ سٺو ۽ تربيت يافته استاد به ضروري آهي، پر جڏهن استاد پنهنجي ڊيوٽي سنجيدگي سان نه ڪندا ۽ غير ذميوار هجن ته ٻارن جي تعليم جي تباهي يقيني آهي. جڏهن استاد تعليمي ادارن ۾ ايندو ئي ڪونه ته اهو ڇا پڙهائيندو؟ غيرذميوار استادن لا هڪ اصطلاح مروج آهي، اهو آهي اهڙا استاد تعليم کاتي جي انتظاميا جي مشروط تعاون سان گهر ويٺي پگهار کڻندا آهن. تعليم جي تباهي جو انتظامي سبب انتهائي اهم آهي. سنڌ حڪومت جي انتظام هيٺ هلندڙ تعليمي ادارن ۾ غير ذميوار استادن جو تعداد گهڻو آهي. سنڌ ۾ ڪجهه سال اڳ غير ذميوار ماسترن جي اسڪولن تي جج صاحبان، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڇاپا هڻڻ شروع ڪيا هئا ته ماسترن ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو هو، اهڙا ماستر، جن ڪڏهن پنهنجو اسڪول ڏٺو به نه هو، اهي به اسڪولن ۾ رات جو سمهڻ لڳا هئا ته، متان صبح جو سوير جج صاحب پهچي وڃي. ان سان گهڻي ڀاڱي بهتر آئي هئي ۽ اهو واضح ٿيو هو ته، سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جو سبب انتطامي آهي، البت سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ڪجهه سالن کان بايوميٽرڪ وارو سرشتو متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ان ذريعي مانيٽرنگ واري سسٽم کي اثرائتو بڻايو ويو آهي، جنهن ڪري بهتري آئي آهي.
وفاق جي انتظام هيٺ هلندڙ تعليمي ادارن ۾ غير ذميوار ماسترن جو تعداد بنهه گهٽ آهي. هڪ ته اهي ادارا گهڻي ڀاڱي شهرن ۾ آهن، ٻيو ته اتي مانيٽرنگ سسٽم اثرائتو آهي. اتي حاضري ٽيچرس اٽينڊس رجسٽر تي مينيوئل طريقي سان ورتي ويندي آهي ۽ ريجنل آفيس روزمرهه ۾ اي ميل ذريعي موڪلي ويندي آهي. وفاقي تعليمي ادارن جي استادن کي خوف اهو هوندو آهي ته، انهن جي رپورٽ ڪئي وئي ته کين پاڪستان ۾ ڪٿي به مقرر ڪري سگهجي ٿو. ان ڪري وفاقي انتظام هيٺ هلندڙ اسڪولن ۾ غير ذميوار ماسترن جي شرح بنهه نه هجڻ جيتري هوندي آهي.
ڪجهه وقت هڪ خبر آئي، جنهن ۾ صاف لکيل هو ته سنڌ ۾ 4866 اسڪول بند ۽ 17973 اسڪول ته هلائڻ جي قابل ئي نه آهن. الميو اهو آهي ته سنڌ سرڪار جي طرفان خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي.
سنڌ ۾ تعليمي صورتحال ايتري خراب ٿي چڪي آهي ته ڪٿي تعليمي عمارتون کنڊر بڻجي چڪيون آهن نه ئي اسڪولن ۾ بنيادي ضرورتون آهن، ڪجهه اسڪول وڏي ايراضي تي هجڻ جي باوجود نه ئي انهن ۾ پلي گرائونڊ آهن، صاف پاڻي جي کوٽ، استادن جي غير موجودگي، بجلي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم ٻارڙا ۽ ان سان گڏوگڏ منفي فرق به انتهائي واضح آهي. 10 ۽ 24 جو ريشو هجڻ جي ڪري ڪافي ٻهراڙي وارن اسڪولن جي حالت انتهائي تباهه ٿي چڪي آهي جو واش روم به ٽٽل آهن.
سنڌ سرڪار ۽ تعليمي نظام جي تبديليExpress News, M.Asif Memon (17 March 2021)
هر سال ارب روپيا تعليم جي شعبي لا مختص ڪيا ويندا آهن پر خبر نه آهي اهي ڪٿي استعمال ٿيندا آهن ۽ تعليمي شعبي اتي جو اتي، ڪو فرق ئي نظر نه آيو ۽ پو به غير معياري تدريسي طريقا جاري آهن، جنهن تي ڪا سنجيدگي نه آهي. ان ڪري مائٽ پنهنجي ٻارن کي سنڌ سرڪاري اسڪولن جي بجا فيڊريا پرائيوٽ جهڙن ادارن ۾ ڀرتي ڪرائڻ تي مجبور آهن، اتي سٺيون سهولتون ۽ Extra co-curriculum به شاگرد واپرائي سگهن.
وفاقي اسڪولن جون عمارتون ڀلي ننڍي ايراضي تي آهن پر پو به شاگردن کي سٺيون سهولتون مهيا ڪيون وينديون آهن، پاڻي، بجلي، آڊيٽوريم، پلي گرائونڊ يعني انفرا اسٽرڪچر سهولتون ۽ سب فنڪشنل آهن. وفاقي تعليمي نظام هلائڻ لا حڪومت پوري توجهه ڏيئي رهي آهي، جنهن جو حڪومت خود ثبوت سوشل ميڊيا ۽ هر آئي ڏينهن وزٽن جي ذريعي ڏيئي رهي آهي.
سنڌ سرڪار کي به سنڌ ۾ نظام تعليم کي ٺيڪ ڪرڻ لا تعليمي ادارن ۽ اسان جي ڀرتي تائين طويل محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. فنڊز جو ديانتداري سان استعمال ڪرڻو پوندو. شاگردن جي ڀلائي لا تعليمي ادارن ۾ بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻو پوندو.
تعليمي ادارن ۾ سياسي مداخلتن کي به روڪڻ جي ضرورت آهي. ان کان وڌيڪ استادن جي اعليٰ تعليم يا وري انهن جي ٽريننگ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ تدريسي طريقيڪار بهتر بنائڻ نصاب تي توجهه ڏيڻ سان هي معاشرو سڌرندو ۽ ملڪ ترقي ڪندو، ڪم ڪندڙن جي گهٽتائي ۽ نه ڪندڙن جي شرح وڌيڪ هوندي ته ادارن ۾ بگاڙ جو سبب پيدا ٿيندو رهندو. تنهن ڪري سرڪار سنجيدگي سان ادارن تي نظرثاني ڪري ان ۾ سڌارا آڻي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري.
(پورو ٿيو)