ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوامي سواريءَ کان محروم حيدرآباد

Editorial-Article-Rashid Laghari

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ غربت انساني زندگيءَ کان سڪون کسي ورتو آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي حالت به بدتر ٿي چڪي آهي. ماڻهو روز جيئن ۽ روز مرن ٿا. هڪ تڪليف ۽ درد جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، جيتوڻيڪ ملڪ ۾ سياست ۽ رياست جو بحران کٽڻ جو نالو نه وٺي رهيو آهي. ڪينيا ۾ صحافي ارشد شريف جو قتل ۽ عمران خان جي ريلي تي ڪيل فائرنگ جي جاچ به ڪنهن نتيجي تي نه پهچي رهي آهي. اهو بحث به صحافتي حلقي ۽ وچولي طبقي يا دانشور ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن تائين محدود ٿي رهيو آهي. عوام جو هڪ وڏو حصو رياست جي بحران جي سزا به ڀوڳي رهيو آهي.
وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن کي ڏسون ٿا ته اهي به عوام جي ڀلائيءَ لا ڪجهه نه ڪري رهيون آهن. حڪمرانن جي جهيڙي جو وڏو فائدو هتي جي واپاري ۽ بزنس ڪلاس به خوب ورتو آهي. جيڪي پنهنجي مرضيءَ جون شيون، اليڪٽرانڪ سامان، گاڏيون، کاڌي پيتي جو سامان پنهنجي مرضيءَ جي اگهن تي وڪرو ڪري وڌ کان وڌ پنهنجي منافعي ۾ اضافي ۾ ڪري رهيا آهن. جنهن جو هڪ جواز ڊالر جو مهانگو ٿيڻ به ٻڌايو وڃي ٿو. هتي ٺهندڙ (مينو فيڪچرنگ) سامان جون به من پسند قيمتون مقرر ڪيون ويون آهن. جنهن سان ملڪ ۾ ڪي 10 سيڪڙو ماڻهو هوندا، جن وٽ پنهنجي ذاتي ڪار يا ٻي سواري هوندي. ساڳئي وقت سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ ماڻهو هڪ مهانگائيءَ جي نظر ٿيل آهن. ٻوڏ جي صورتحال کانپو هر شيءِ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. اتي عوام لا سستي سواري جو پڻ مسئلو موجود رهي ٿو. حيدرآباد ۾ هڪ علائقي کان ٻئي علائقي تائين پهچڻ لا ڪجهه سوزڪين کان سوا سروس ناهي. واڌو واهه روڊ تي 20 کن موٽر سائيڪل ضرور هلن ٿا، جيڪي رڪشا جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڀاڙو وٺي منزل تي پهچائين ٿا. هنن وٽ ايپ سروس به ناهي سواري سان سڌي ريت ڊيلنگ ڪري ڪرايو وٺن ٿا. جيڪي ڪراچي ها ويز تي نسيم نگر چوڪي تي هر وقت بيٺل ملن ٿا. حيدرآباد ۾ اڳ ۾ ڪريم ڪار سروس به شروع ٿي هئي، جيڪا ڪورونا وبا ايندي ئي بحران جو شڪار ٿي پنهنجا پير ڄمائي نه سگهي هئي ۽ نيٺ بند ٿي وئي. ماضي ۾ ايس آر ٽي سي بس سروس جو هڪ عروج وارو زمانو به ملي ٿو. جيڪا سروس حيدرآباد مان مختلف روڊن تي هلندي شهرين ۽ عوام کي سستي سواري ڏيندي هئي. هن سروس جون بسون ته کڻي کپايون ويون پر هن اڏي جي ياد طور صدر بازار ۾ ايس آر ٽي سي پلازه ۽ گدو چوڪ وٽ ٺاهيل بس ٽرمينل جي ياد ضرور موجود آهي. هن سروس جي بند ٿيڻ سان ڪيترن ئي ملازمن، ڊرائيورن، ڪلينرن جي گهر جي چلهه وسامي وئي هئي. ملازمن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڏيپر صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيترائي سال مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪري احتجاج جاري رکيو هو، جنهن احتجاج دوران ملازم جي اولاد ۽ گهرڀاتين قربانيون ڏيندي غربت ۾ زندگيءَ جو ڏيئو به اجهايو هو. نياڻين جون شادي به نه ٿي سگهيون هيون. اها سروس ته کڻي بحال نه ٿي سگهي. جنهن سروس جي خاتمي سان ئي سلهاڙيل خاندان به ختم ٿي ويا هئا.
هن وقت اهڙي بحران واري دور ۾ وري پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ لاڙڪاڻُي کان پو حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن بس سروس شروع ڪرڻ لاءِ ڏهه ڏينهن اڳ هڪ بس سروس آڻي ٽرائل شروع ڪيو ويو هو. هيٺ جهڪي هجڻ جي ڪري بس کي روڊ تي هلندي ڪجهه هنڌن تي اسپڊ بريڪر دوران گاڏي کي بيهڻو پيو پئي، جيڪي بريڪر گاڏيءَ سان ٽڪرائجي به رهيا هئا. بس ۾ ڊي سي حيدرآباد، آر ٽي اي حيدرآباد ۽ ٻين عملدارن پڻ سفر ڪيو. بس کي ٽرائل لاءِ گدو چوڪ کان بس ٽرمينل کان شروع ڪري حيدر چوڪ کان ٿڌي سڙڪ، ٽيڪنڪل ڪاليج کان هوش محمد فلاءِ اوور، قاسم چوڪ، جيل روڊ، هالا ناڪو، شهيد بينظر ڀٽو فلاءِ اوور تائين هلايو ويو. هي بس شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ورڪس کاتي روڊ تان بريڪر پڻ هٽائڻ لا پابند ڪيو ويو آهي.
شروعات ۾ 5 کان 6 بسون آنديون وينديون، جنهن کان پوءِ وري ٻيون بسون پڻ آنديون وينديون. پيپلز بس سروس جي شروع ٿيڻ وقت حيدرآباد جي عوام طرفان پڻ ڀرپور موٽ ڏني وئي آهي. ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ۾ عام بس سروس نه هجڻ جي ڪري اسان ڏسون ٿا ته مختلف هنڌن، روڊن تي شهرين طرفان ڪار سوارن ۽ موٽر سائيڪلن وارن کي اڳتي کڻي هلڻ لا ايلاز ڪرڻا پوندا آهن.

حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جي شروع ٿيڻ دوران حيدرآباد جي صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين سنڌ حڪومت ۽ ضلعي حڪومت کان سوشل ميڊيا جي سائيٽس تي مطالبو ڪيو آهي ته بس سروس قاسم آباد جي واڌو واهه روڊ، شيدي ڳوٺً، نسيم نگر ۽ حسين آباد جي روڊن تي پڻ شروع ڪئي وڃي. حيدرآباد ۾ پيپلز بس جي ٽرائل شروع ڪرڻ کان پو صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي کان پوءِ هاڻي حيدرآباد جا شهري بس سروس ذريعي سفر ڪري سگهندا. واعدي مطابق پيپلز بس سروس کي پوري صوبي ۾ وڌايو پيو وڃي ته جيئن هر شهري بهتر سفري سهولت مان فائدو کڻي سگهي.
هن مهيني ۾ حيدرآباد ۾ پيپلز بس سروس جي باقاعده شروعات ٿي ويندي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ پهرين روٽ جي لاءِ حيدر چوڪ کان هٽڙي پوليس اسٽيشن روٽ کي چونڊيو ويو آهي. روٽ تي 15 بس اسٽاپ ٺاهيا ويندا. پيپلز بس سروس حيدر چوڪ سان گل سينٽر، ٿڌي سڙڪ، ايگريڪلچر ڪامپليڪس، وحدت ڪالوني، سنڌ ميوزيم، قاسم چوڪ، جيل روڊ، اسرا اسپتال کان هٽڙي پوليس اسٽيشن تائين هلندي.
اهڙي بيان کان پو سوشل ميڊيا تي حيدرآباد جي صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين جو ردعمل آيو آهي ته پيپلز بس سروس حيدرآباد ۽ قاسم آباد، حسين آباد ۾ پڻ شامل ڪئي وڃي. ماڻهن چيو پئي ته پيپلز بس سروس جو اسٽاپ نسيم نگر قاسم آباد ۾ رکيو وڃي. بس سروس نسيم نگر کان بدين اسٽاپ تائين هلائي وڃي. واڌو واهه تي پيپلز بس سروس شروع ڪئي وڃي. نسيم نگر ۽ واڌو واهه، علمدار چوڪ تي ساڳي بس جا اسٽاپ ٺًاهي قاسم آباد جي شيدي ڳوٺ، علي پيلس، سحرش نگر، حسين آباد، لطيف آباد تائين بس سروس هلائڻ جو مطالبو ڪيو پئي.
هيءَ شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪراچي ۾ وري اليڪٽرانڪ بس اچي وئي آهي، جنهن جو پڻ تجربو ڪيو ويو آهي. عوام پنهنجي سهولت واري سروس مان ضرور مطمئن ئي هوندو آهي. ان ڪري عوام لا هيءَ سروس جلد شروع ڪري بي چينيءَ کي به ختم ڪيو وڃي. جنهن جا ڀاڙا به مناسب رکيا وڃن. جنهن سان اڳ ۾ مهانگائي ۽ غربت ۾ پيڙهنجدڙ طبقي کي فائدو ملي سگهندو. اهڙا منصوبا ميٽرو پوليٽن شهرن کي حسن به بخشين ٿا. اليڪٽرانڪ بسون هر شهر ۾ شروع ڪيون وڃن ته ٻارڻ ۽ گئسن مان جيڪو ماحول کي نقصان رسي رهيو آهي. ان سان ماحولياتي گدلاڻ کي به ٻنجو اچي ويندو. ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت ۾ پيٽرول وسيلي هلندڙ ٽرانسپورٽ جو خاتمو ٿيڻو آهي. ان سان ماحول ۾ ڪاربان پڻ ختم ٿي ويندي، جيڪا سڄي دنيا جي ماحوليات کي تباهه ڪري رهي آهي. تنهنڪري ملڪ جي عوام لاءِ سفري سهولتون پيدا ڪيون وڃن ته جيئن اهي به سفر کي انجواءِ ڪري سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button