
پاڪستاني اداڪارا مديحا رضوي جي اڳوڻي مڙس حسن نعمان انڪشاف ڪيو آهي تھ سندس اڳوڻي زال طلاق جو شرعي حق استعمال ڪيو آهي، مان ان فيصلي ۾ راضي نھ هئس. ميڊيا کي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ حسن نعمان زال مديحا جي طلاق واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي تھ اڳوڻي زال پاران کائنس طلاق وٺڻ جي مذمت بھ ڪيان ٿو، ڇوتھ اهو فيصلو درست ناهي. هن چيو تھ مديحا کان طلاق گڏيل رضامندي سان ناهي ٿي، خواهش هئي تھ منهنجون ڌيئرون ڀرپور زندگي گذارين، پر هاڻ نياڻين جي مستقبل بابت ڳڻتي آهي. هن چيو تھ مان ٻيهر اها ڳالهه چوان ٿو تھ شادي تي يقين آهي.