شوبز

ملائڪا اروڙا مداحن کي پنهنجي اصل زندگي ڏيکارڻ جي تياري ڪري ورتي

بالي ووڊ جي ڇيان ڇيان گرل ملائڪا اروڙا مداحن کي پنهنجي اصل زندگي ڏيکارڻ جي مڪمل طور تي تياري ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق فلمن ۽ ٽي وي شوز بعد ملائڪا او ٽي ٽي پليٽ فارم تي 5 ڊسمبر کان ملائڪا شو ڪري بنا فلٽر جي مداحن سامهون ايندي، جيڪا ڪيمرا ۽ ايڪشن جي رڙ بعد اصل حالت مان نڪري جعلي گليمر جي دنيا ۾ گم ٿي ويندي آهي. جڏهن تھ موو ان ود ملائڪا نالي شو ۾ مداحن کي گليمر کان ڌار منفرد عورت ڏيکارڻ جي رٿا تيار ڪئي وئي آهي، جنهن بابت ملائڪا اروڙا ارباز خان کان ارجن ڪپور تائين جي زندگي جو سچ پڻ ٻڌائيندي. هوڏانهن ملائڪا اروڙا جو چوڻ آهي تھ هن شو ذريعي مداحن ۽ پنهنجي وچ ۾ ڀت کي ٽوڙي پنهنجي اصل دنيا ڏيکارڻ چاهيان ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button