
سنڌ پنهنجي هزاري سالن جي سفر ۾ ڪڏهن به اهڙي درد مان ناهي گذري جنهن درد جي پيڙا مان هن آيل برساتي ٻوڏ ۽ ان جي برباديءَ کان پوءِ بري حڪومتي انتظامي عذاب کي ڀوڳيندي گذري پئي، سنڌ جي عوام جي تڪليفن ۽ ڏکن کي پوري دنيا جي ملڪن ۽ ادارن جيترو محسوس ڪندي انهيءَ سان عملي يا زباني همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي انهيءَ جي ابتڙ سنڌ جي حڪمران ٽولي، ڪامورن ۽ سندن واٺن ڏهوڻ تي وڌي چڙهي پيڙيل عوام جو استحصال ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناهي ڇڏي. معاملو رڳو انهيءَ حد تائين ناهي پر ان پوري رياست جي اندر ٿيندڙ سياست تاريخ جي هن بدترين دور ۾ سنڌ جي عوام کي بي يارو مددگار ڇڏي ان جي درد ۽ دانهن تي حد درجي جي بي حسي جو مظاهرو ڪندي اهڙي انداز سان ڪن لاٽار ڪئي آهي جيئن ڪجھه هاڻي تڪليفن ۽ مصيبتن جو ڪو وجود ئي نه رهيو هجي بس هنن سڀني جي لاءِ مصيبت جي گھڙي آئي وئي سنڌ جو عوام ڄاڻي سنڌ حڪومت سندن جو ڪو واسطو ئي ناهي.
هن ملڪ جي سياسي تاريخ جو اهو بدترين الميو رهيو آهي ته هتي عوام جي درد ۽ پيڙا جي بجاءِ سياست اقتدار جي حاصلات جي لاءِ ڪندي هڪ اهڙي نورا ڪشتي جو تماشو شروع ڪيو ويندو آهي جو پورو تڪليف ۾ آيل عوام ان پوري حڪمران طبقي جي سياست کي پنهنجي مٿاهي مسئلن ۾ الجھيل محسوس ڪندي کين مجبور سمجھي ۽ انهن کان ڪا به وڏي شڪايت نه ڪري. پر خاص ڪري پاڪستان جي اندر ننڍين قوم جي حالت ۽ انهنَ ۾ عوام جي حالت ڪيتري به خراب هجي ته هو اهوئي چوندا ته هنن جو ڇا سندن خيال مطابق صوبو ڄاڻي صوبائي حڪومت. يعني مظلوم قومن جي عوام سان مرڪزي سياست جو ڪو به تعلق جڙيل ناهي رهيو ها البت ووٽ ۽ پنهنجي اقتداري مفادن جي لاءِ ضرور ڪوشش ڪندا آهن پر وڌيڪ انهن جو پورو ڌيان ننڍين قومن جي معاشي وسيلن، روزگار جي ذريعن ۽ نوڪرين تي رهندو آيو آهي. دنيا جي اندر ڪهڙي به گھڻ قومي رياست هجي اتي حاڪم ۽ محڪوم قومن جي وچ ۾ ڪهڙا ۽ ڪيترا به تضاد هجن پر آفتن ۽ مصيبتن ۾ انهن کي ڪڏهن بي يارو مددگار ناهي ڪيو ويندو ڇو ته اهڙي روش ۽ اهڙو رويو هڪ طرف سياست جي لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ خراب آهي ته ٻئي طرف رياست جي لاءِ به اهڙو عمل نقصانڪار هجڻ اڻٽر هوندو آهي. هن مصيبت جي گھڙي ۾ سنڌ جي عوام جي همدردي جي لاءِ پوري ملڪي سطح جي سياست ٻن ڌارائن ۾ نظر اچي پئي هڪ ڌارا اتحادي حڪومت جي آهي ۽ انهيءَ جي ٽڪراءَ ۾ انهيءَ جو ٻيو پارٽ يعني اپوزيشن جي تحريڪ خاص ڪري پي ٽِي آئي يعني عمران خان آهي سياست جي ٻي ڌارا جنهن ۾ حڪومت کان ٻاهر يا اپوزيشن جي تحريڪ کان پري بيٺل جماعتون پنهنجي سياسي ڪمن ڪارن ۾ عملن ۾ هلڪي ڦلڪي تحريڪن ۾ ته رڌل آهي پر سنڌ جي هن تڪليف واري دور ۾ پاڻ کي پاسيرو رکيو پيون اچن معاملو انهيءَ کي وڌيڪ تڏهن تڪليف ٿو ڏئي ته سنڌ جا دربدر ماڻهو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گندي تعصب جو نشانو ٿا بڻجن يا وري معصوم ٻارڙين ۽ عورتن کي راشن جي جھانسن ۾ ڦاسائي کين انهن جون عزتون لٽيندڙ وحشي کين ” شڪار” پيا بڻائين.
ڪيترن ئي علائقن ۾ هن وقت تائين برساتي ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي عوام هر روز ڪٿي نه ڪٿي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جي لاءِ احتجاج پيو ڪري ته وري ڪٿي تباھه ۽ برباد ٿيل ڪٽ آيل رستن جي بحالي جي لاءِ تحريڪون ٿا هلائن پر ان سڄي عوامي عذابن ۽ مطالبن يا انهن کي نئين سر آباد ڪرائڻ جي لاءِ ڪا به سياسي پارٽي سنڌ جي عوام جو ساٿ ڏيندي نظر نٿي اچي هن وقت تائين ٻوڏ متاثرن جي لاءِ جيڪا عالمي امداد آئي آهي انهيءَ جو ڪو به تفصيلي انگ اکر عوام کي نٿا ٻڌايا وڃن جيڪا سروي ٿئي پئي اها به ڪامورن جي من موجين من پسندين لاپراهين ۽ لايانين جي ور چڙهيل آهي ڪنهن به ضلعي جي هن وقت تائين انتظاميا طرفان ميڊيا کي انگر اکر ٻڌايا ٿا وڃن نه وري ڪا اهڙي ويب
سائيٽ ترتيب ڏني وئي آهي جتي سروي جا انگ اکر اچن ان سڄي ساري خاموش حڪمتِ عملي ۾ اين ڊي ايم (نيشنل ڊيزاسٽر مينجيمينٽ) جو رويو به اهڙو ئي آهي سياسي پارٽين ڪو به سنجيده دٻاءُ ناهي وڌو ته رڳو سروي جا انگ اکر پڌرا ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وجھڻ جنهن جو فائدو اهو ٿيندو ته ٿيل سروي ۾ متاثرن کي اها خبر پوندي ته انهن جا ڊٿل گھر سروي ۾ رجسٽرڊ ٿيا آهن يا نه ۽ پوءِ کين انهيءَ گرائونڊ تي قانوني رستا اختيار ڪرڻ جي راھه هموار ٿيندي يا کين مدد ملندي.
حڪومت ۽ سروي ۾ شامل ادارا انهيءَ ڪري ٽال مٽول ڪن ٿا جيئن عوام سروي جي خوشفهمي ۾ رهي ۽ سنڌ جي ڀوتارڪي حڪومت پنهنجي ٺڙڪ ٺڳين سان مليل امداد جي پيسي کي هڙپ ڪري سگھي آخر ڪهڙو سبب آهي جو پي ٽي آئي جو مرڪزي ليڊر ته پنهنجي جاءِ تي پر سنڌ پي ٽي آئي جي قيادت به پنهنجو اخلاقي ۽ اپوزيشن جو ڪردار ادا نٿي ڪري سنڌ جي ڀائي لوڪن جو ته مثال ئي الڳ آهي اسان کي ياد ٿو اچي ته جڏهن ڪراچي ۾ لسانياتي جھيڙا پنهنجي پيڪ تي هئا تڏهن راھه ويندڙ ماڻهن جي قتل ۽ نقصانن تي سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي ويندي هئي ته انهن کي ڪمپليشن ڏني وڃي ۽ ڪيترن خاندانن کي ڏياري به وئي پر سنڌ جي عوام ڏانهن سڀني جو رويو انتهائي اوپرو غير همدردانا يا تعصبانا نظر ٿو اچي.
سنڌ جون قوم پرست جماعتون ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي لاءِ ٿورو گھڻو آواز ته اٿارن ٿيون پر سنجيدگي سان هن وقت تائين انهن ڪي به اپاءُ ناهن ورتا ڀلي هو پارليامينٽ جي اندر نه هجن پر پارليامينٽ کان ٻاهر احتجاج يا ان کان وڌيڪ قانوني رستا يا دٻاءَ وجھي متاثرن کي حق ڏيارڻ جي لاءِ قوم پرست اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا جيڪو هن وقت تائين نٿو ڪيو وڃي جيڪو انتهائي افسوسناڪ هجڻ سان گڏوگڏ عوام لاءِ نقصانڪار به آهي اسان سڀني کي خبر آهي ته انصاف ۽ حق وٺڻ لاءِ يا ڏيارڻ جي لاءِ ٻه رستا رهيا آهن هڪ رياست جا ادارا ۽ ٻيو رستو سياسي عمل جو. رياست جا ادارا ڪيترو ڪري ٿا سگھن انهيءَ جي لاءِ ملڪي حڪومتي سسٽم وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون تمام گھڻيون لاڳاپيل هجن ٿيون. ادارن ۽ حڪومتن جي تعلق ۽ تعاون سان ماڻهن کي حق ملندو آهي ڀلي عدالتون ڪهڙا به فيصلا ڪن جيستائين حڪومتون پنهنجي جذبي ۽ نيت سان ڪم نه ڪنديون ان وقت تائين نتيجو ملڻ مشڪل آهي، جيڪڏهن حڪومت ۽ رياستي ادارن کان عوام کي رليف نٿو ملي يا انهن کي حق نٿو ملي ته پوءِ طاقتور ۽ بهترين رستو سياسي جدوجهد جو آهي سياسي جدوجهد صرف ۽ صرف سياسي پارٽيون ڪري سگھن ٿيون سياسي جدوجهد ڪڏهن به عوام پنهنجي طور تي ناهي ڪري سگھندو، عوام پنهنجن مسئلن جي لاءِ صرف دانهن ڪوڪ ڪري سگھي ٿو انهيءَ کان علاوه هلڪا هلڪا احتجاج ڪندو رهندو آهي پنهنجي تڪليفن جي اظهار کان سواءِ ڪا به منظم تحريڪ ان وقت تائين هلي نٿي جيستائين عوام جي انهن مسئلن تي سياسي پارٽي يا سياسي پارٽيون ڪا حڪمت عملي جوڙي تحريڪ نٿيون وڌائن هن وقت به سنڌ جي عوام کي هڪ سياسي پشت پناهي جي ضرورت آهي جيڪا سياسي طاقت منظم طريقي سان عوام کي گڏ ڪري انهن کي انهن جو حق ڏياري ۽ عوام جي بحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري هن وقت سنڌ جو منظر اهو آهي ته سنڌ جا ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آهن ماڻهو دربدر آهن ڌڪبا پيا وڃن مدد کي ٻاڏائيندي ٻاڏائيندي ماڻهو پنڻ جي طرف وڌن پيا، انهن جي دانهن ۽ دردن کي صرف ۽ صرف سنڌي ميڊيا فوڪس پئي ڪري هاڻي ته اردو ۽ انگريزي ميڊيا جي لاءِ به اهي مصيبت زده ماڻهو ۽ انهن جون دربدرايون پراڻي خبر بڻجي ويا آهن جڏهن ڪو وڏو واقعو ٿئي ٿو ته ان کي فوڪس ڪن ٿا هڪ ٻن ڏينهن کان پوءِ سڀ ڪجھه وسريو وڃي پر کين هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته قومن جي عذابن ۽ دردن کي غير اهم سمجھي لنوائي ڇڏڻ يا لايانو ڪرڻ تاريخ جو وڏي کان وڏي سياسي گناھه هوندو آهي ۽ ان گناھه کان بچڻ جي لاءِ لازمي آهي ته ملڪي سياست سنڌ کي نظرانداز نه ڪري پر جي هنن اهو گناھه جاري رکيو ته پوءِ تاريخ ڏاڍي بي رحم هجي ٿي ۽ اها بي رحم تاريخ لازمن گناهن جي سزا ڏئي ٿي ۽ ڏيندي.