ملڪي سياست جا رنگ ايترا گهرا ۽ گهاٽا نظر اچن ٿا، جيڪي پردي جي پٺيان هڪ نهار سان گهڻو ٺهندي ۽ ڊهندي طرف اشارا ڪن ٿا. ڪجهه اسڪرين تي اهڙا تماشا ٿيڻ وارا هئا، جن ڪيترن ئي ڏڪائي ڇڏيو هو، پر هي به چڱي ڳالهه آهي ته معاملا بهتر انداز ۾ حل ٿي ويا، ان سان ملڪي سويلين بالادستي ۽ جمهوري ڪلچر کي فائدو ٿيندو. ان صورتحال کي مرزا غالب ڪيترائي سال پهريان ڪجهه هن ريت بيان ڪيو هو:
تهي خبر گرم ڪي غالب که ڪي اڙينگي پرزي
ديکهني هم بهي گئي تهي تماشا نا هوا
هي تماشو اهڙو خطرناڪ هو، جو ملڪ جي وزير اعظم کي لنڊن ياترا ڪرڻي پئي، هو ٽي ڏينهن اتان ويهي، وڏي اسڪرين تي سڀڪجهه ڏسندو رهيو،جن سيڪنڊ ٿاٽ تي عمل جو سوچيو پئي، انهن کي به شايد سمجهه اچي وئي يا وري انهن کي ڪنهن جهرڪي اشارو ڪيو ته اهو رستو درست ناهي. انهن اڳيان، جيڪي آپشن موجود هئا، انهن کي پاسيرو ڪرڻو پيو، شايد اهو ئي سبب هو جو عمران خان، جيڪو گس ورتو، ان کي ڇڏڻو پيو ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي چوڻو پيو ته جن روڊ رستا بند ڪيا آهن، انهن کي کوليو وڃي، باقي رهي ڳالهه اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي ته، ان جا پهريان ته امڪان گهٽ آهن، ڇاڪاڻ ته ملڪي اعليٰ عدالت به ماضي جيان سافٽ ڪارنر نه ڏيکاري رهي آهي، مٿان جن ادارن کي ملڪ جي گادي واري شهر جو دفاع ڪرڻو آهي، يا جن جو ڪم ئي دفاعي آهي، انهن به سندرا ٻڌي ورتا آهن، انهن هي اشارو به ڏئي ڇڏيو ته هو هر صورت ۾ پنهنجا آئيني فرض نڀائيندا. ان کان وڌيڪ هي ته اهي قوتون جيڪي معاملي کي بگاڙڻ گهرن ٿيون، انهن جي اڳيان شيهي ديوار به اهي ئي ٿيندا.
صورتحال انڪري به معمول مطابق ٻڌائي پئي وڃي ته هڪ طرف الوداعي ملاقاتون آخري مرحلي ۾ آهن، ته ٻئي پاسي وري ميان نواز شريف کي ڊپلوميٽڪ پاسپورٽ ملي ويو آهي ۽ اهو چون ٿا ته هن يا ايندڙ سال پاڪستان طرف اڏام ڪندو. لڳي ٿو ته نواز شريف جون سموريون ٽيسٽون نگيٽو آهن ۽ خاص ڊاڪٽرن به کيس ڏيهه ورڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هيل تائين هي تاثر ايندو رهيو ته عمران خان پروجيڪٽ به ماضي جو حصو ٿي ويو، پر ان کان اڳتي معاملا سلجهي نه رهيا آهن. جن کي سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪرڻو هو يا اهڙو ماحول تيار ڪرڻو هو، اهي ٻڏتر جو شڪار هئا، يا وري اتفاق راءِ پيدا نه ٿي رهي هئي. ڇاڪاڻ ته جن قوتن ميان نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني، انهن جو خيال هو ته هو ماضي جو حصو ٿي ويو آهي، پر ائين ٿيو ڪونه، ميان نواز شريف جو نه صرف ووٽ بينڪ برقرار رهيو، پر هن جي اپيل ۾ ساڳي نوعيت جو اثر ڏسڻ ۾ آيو. جيڪڏهن آصف زرداري جي زور ڀرڻ تي ميان نواز شريف هاڪار نه ڪري ها ته موجوده سيٽ اپ قائم ٿيڻ ڪنهن خواب جيان هجي ها. اهي قوتون جن ڏهن سالن جي رٿابندي ڪئي، ته هر صورت ۾ عمران خان کي اقتدار ۾ رکڻو آهي، انهن کي ڪيئن پنهنجي پوزيشن تبديل ڪرڻي پئجي وئي؟ انڪري چيو ويندو آهي ته عوامي اڳواڻن، جي مستقبل جا فيصلا، ڪنهن به صورت ۾ اسٽيبلشمينٽ ڪري نٿي سگهي، ان جو فيصلو عوام جي عدالت ۾ ٿيندو آهي. انهن جنهن گهوڙي تي شرط رکيا، اهو به منڊو نڪتو، انڪري هو پرفارمنس ڏئي نه رهيو هو.
هينئر لڳي ائين ٿو ته هڪ طرف عمران خان جو لانگ مارچ Irrelevant ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي، جنهن مقصد ماڻڻ لاءِ عمران خان رات ڏينهن هڪ ڪيا، ان جو ڪوبه نتيجو سامهون نه پيو اچي. عمران خان جن ڌرين جي خلاف محاذ کوليا ۽ وڌيڪ ڌمڪين مٿان ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، انهن جو ڪوبه نوٽيس نه وٺي رهيو آهي. عمران خان جي ايجنڊا جو هڪ نقطو ته عمل هيٺ اچي ويو آهي ۽ هن کي Isolate ڪري، واضح ڪيو ويو آهي ته ان جي خواهش مطابق ڪي به فيصلا ڪري نٿا سگهجن. انڪري نومبر،عمران خان لاءِ ڪابه سٺي خبر کڻي نه آيو. هاڻ مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي؟ان بابت سوچيو پيو وڃي. جيڪي چون ٿا ته عمران خان پارليامينٽ ۾ واپس ويندو، شايد اهي ان جي سياسي ڪيمسٽري کان واقف ناهن. هن پاڻ کي پارليامينٽ کان ٻاهر رکيو آهي، ان جي هو قيمت به ادا ڪري رهيو آهي. هن جي چئن سالن دوران پهريان ته ڍنگ جي قانون سازي ٿي نه،جيڪا ٿي، اها ريورس ٿي چڪي آهي ۽ ڪيس سپريم ڪورٽ وٽ ٻڌڻي هيٺ آهن، جن ۾ نيب جي قانون ۾ ترميمون به شامل آهن. ان سان گڏ عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ چاهي پئي، ان جي اها تجويز به رد ٿي وئي. هاڻ اليڪشن ڪميشن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ووٽنگ ڪيئن ٿيندي. ان حوالي سان عمران خان کي جن پرڏيهه ۾ رهندڙ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ جو آسرو هو ۽ ان لاءِ رٿابندي به ڪئي وئي، ان تي به پاڻي ڦيرجي ويو آهي. ملڪي معيشت جو به ڏيوالو ڪڍڻ لاءِ بقول موجوده حڪمرانن جي ته اڳوڻن حڪمرانن بارودي سرنگهون وڇايون هيون، جيڪي گهڻو ڪري صاف ٿي ويون آهي، پر ڪنهن ڪنهن وقت ڌماڪا ٿين ٿا، جن کي حادثاتي قرار ڏنو پيو وڃي. ايف اي ٽي ايف، جنهن پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکيو ۽ پاڪستان جي نڙي ۾ اٽڪي پيو هو، ان مان به جان آجي ٿي وئي آهي.
هينئر صرف نين چونڊن جو ڪم رهيل آهي، ان حوالي سان حڪومتي اتحاد جي حڪمت عملي هي نظر اچي پئي ته، پهريان ميان نواز شريف کي ڏيهه آندو وڃي، ان کانپوءِ شايد، حڪومت جي اميج ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. نواز شريف ته هينئر تائين ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي آهي. هن مريم نواز سان گڏجي ڪجهه ٽريلر ڏيکاريا، پر اصل فلم اڃان پردي تي لڳڻي آهي. موجوده حڪمران چاهين ٿا ته کين جولاءِ ۾ اليڪشن سان ٺهڪندڙ بجيٽ جو اعلان ڪرڻو آهي، جيتوڻيڪ عالمي مالياتي فنڊ جا شرط جيئن جو تيئن لاڳو هوندا، ان حوالي سان حڪومت ٻوڏ جي تباهي کانپوءِ عالمي اداري کان رعايتون وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيا. ان مان اندازو ٿي سگهي ٿو ته عالمي ادارن جو پاڪستان تي ڪيترو دٻاءُ آهي، اهي حڪومت کي طراط مستقيم تي رکڻ گهرن ٿا! حڪمران اتحاد نين چونڊن لاءِ انڪري به تيار ناهن ته انهن کي ڪجهه اهڙو ڪرڻو آهي، جنهن سان ووٽ ريٽنگ بهتر ٿئي. ان حوالي سان شايد حڪمرانن کي ڪجهه ٻيا ٽولز به استعمال ڪرڻا پوندا، جيڪڏهن موجوده سيٽ اپ جي ذريعي گلشن جو ڪاروبار هلائڻو آهي ته ايندڙ تبديلي کي جسٽيفاءِ ڪرڻو پوندو. جيڪي هي ڳالهيون ڪن ٿا ته هن ڀيري نگران سيٽ اپ کان اڳ بنگلاديش ماڊل تي عمل ڪندا، جنهن تحت ستن مهينن کان هڪ سال تائين سياسي سيٽ اپ قائم ڪرڻو پوندو. ان جي هاڻ کان ئي مخالفت شروع ٿي وئي آهي، ان پلان تي اتفاق به ناهي، ڇاڪاڻ ته ان تي عمل لاءِ گرينڊ ڊائلاگ ڪرڻو پوندو ۽ عمران خان سميت ڪجهه قوتن کي پارليامينٽ ڏانهن واپس ورڻو پوندو، جنهن لاءِ اهي تيار ناهن.
ملڪي سياست ۾ اتحادي حڪومت ڪو Proactive ڪردار ادا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، اها اهم اداري سان ٽڪراءَ به نٿي چاهي، جيڪڏهن ان کي ڪجهه اهم معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻي هجي ها ته صورتحال ٻي نوعيت جي هجي ها. اتحادي حڪومت چاهي ٿي ته اهم ڌر سان اعتماد جي بنياد تي گڏجي رهڻ گهرجي ۽ جيڪو نئون گهوڙيسوار اچڻو آهي، اهو توڙي جو پنهنجي ئي اداري جي مفادن جو نگهبان هوندو، پر علامتي طور تي سياسي معاملن کي به متاثر ڪندو. هي سڀ ڀلي ته نيوٽرل هجن يا نيوٽرل رهڻ جي هام هڻن، پر ڪيترائي اهڙا معاملا آهن، جن ۾ انهن کي پنهنجي راءِ ڏيڻي آهي ۽ اهي اثرانداز به ٿيندا. جيڪڏهن صفائي جو عمل ادارن جي اندران ئي ڪيو وڃي ته ان کان وڌيڪ بهتر ڳالهه نه هوندي، پر اهي ڌريون جيڪي وري وري مداخلت جون دعوتون ڏين ٿيون، انهن جو اثر به سامهون اچي سگهي ٿو. في الحال ته مداخلت جي دعوت ڏيندڙ يا ناسٽيليجاءِ جو شڪار ڀلي ماضي جهڙي جنت جي خواهش ظاهر ڪن، پر ان جي واپسي جا امڪان تمام گهٽ آهن، اهي ڏينهون ڏينهن پاسيرا ٿيندا ويندا ۽ جيڪي عوامي مقبوليت جون دعوائون ڪن ٿا، انهن کي به ڏينهن جا تارا نظر اچي ويندا. جيڪڏهن سياسي توڙي غير سياسي قوتن ۾ سوجهه ٻوجهه هجي ۽ اهي پنهنجي طاقت کي ورهائڻ بدران سموهين ته ملڪ جي مستقبل لاءِ بهتر اتفاق راءِ جڙي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪجهه سالن لاءِ ئي سهي، ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو وڃي ته حڪومت کي گڏيل ڏاهپ جي بنياد تي هلايو ويندو، ان کانپوءِ جنهن قوت جي جيڪا حيثيت هجي، ان مطابق سياست ڪري، ان سان ملڪي سياسي ۽ معاشي طور تي ٽريڪ تي اچي ويندو. هي صورتحال عبوري نوعيت جي هوندي، پر ان لاءِ رڳو خواهش ظاهر ڪري سگهجي ٿي. هن ملڪ ۾ سموريون سياسي قوتون حڪمران ٿيڻ گهرن ٿيون، جيڪو ممڪن نظر نٿو اچي، ان لاءِ دنيا جي تجربي مان سبق سکڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ترقي ڪري سگهي ۽ عوام به خوشحال ٿئي. ان حوالي سان ڏکڻ آفريقا جو ماڊل شاندار آهي، جنهن پٺيان نيلسن منڊيلا هو،اسان وٽ ڀلي ايتريون قدآور شخصيتون نه هجن، پر هي ناممڪن به ناهي.