پاڪستاني اداڪارا ثروت گيلاني پنهنجي ڪاسٽ واري فلم جوائي لينڊ تي پابندي ۽ ان جي ڪهاڻي بابت پکيڙيل ڳالهين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي تھ فلم جوائي لينڊ خلاف مخصوص ذهنيت مهم هلائي رهي آهي. ميڊيا مطابق هي اهي ماڻهو آهن، جن فلم کي ڏًٺو ئي ناهي، پر اهي ٻين ماڻهن کي اجايو گمراهه ڪري رهيا آهن. فلم کي سينسر بورڊ پاس ڪيو ۽ اختيارين ڏٺي، پر ڪجهه ناڪاري ڌريون بي بنياد الزام پيون هڻن. هن چيو تھ ڪنهن بھ ماڻهو کي فلم ڏسڻ يا روڪڻ غلط عمل آهي، پاڪستاني پاڻ ئي فيصلا ڪن، ڇوتھ اهي هر ڳالهه سمجهندا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close