
وفاقي حڪومت آسڪر ايوارڊ جي ڊوڙ ۾ شامل ڪيل فلم جوائي لينڊ جي نمائش تي فوري طور تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سرمد کوسٽ پراڊڪشن جي فلم جي ڪهاڻي ۽ انهن جي ڪجهه منظرن تي حڪومت اعتراض واريو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڪينز ايوارڊ کٽيندڙ ۽ عالمي طور ڪاميابين بعد جوائي لينڊ 18 نومبر تي پاڪستان ۾ رليز ٿيڻي هئي، ڇوتھ فلم سينسر بورڊ پڻ ان کي ڪليئر قرار ڏئي رليز جي اجازت ڏئي چڪو هو. هوڏانهن اطلاعات کاتي جي وفاقي وزارت نوٽيفڪيشن ذريعي سينسر بورڊ جي پاس ڪيل فلم تي پابندي لڳائي آهي. اطلاعات کاتي جي وفاقي وزارت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو آهي تھ سينسر بورڊ کي فلم بابت ڪيتريون شڪايتون مليون تھ ان ۾ انتهائي اعتراض جوڳو مواد آهي، جنهن بعد رليز جي اجازت ڏيڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪندي نمائش تي پابندي لڳائجي ٿي.