
هتي لينن جي مراد 19هين صديءَ جي آخري اڌ مان آهي. جڏهن ته تباهه حال روسي ٻهراڙين کي “عملي طور سرمائيدار ۽ ٽيڪس ڪليڪٽر حوالي ڪيو ويو ته هو سندس ڦرلٽ ڪري ۽ کيس تباهه ڪري ڇڏي.” جڏهن ته “وڌندڙ سرمائيداريءَ” خلاف نفرت هارين ۾ وڌي رهي هئي. زندگيءَ جو پراڻو تاڃي پيٽو وکري رهيو هو ۽ نون سماجي رشتن جي شڪل جنم وٺي رهي هئي پر بهتر حالتن لاءِ باشعور جدوجهد واسطي هارين جي سجاڳي رڳو شروعاتي سطح تي هئي. هارين جي اڪثريت اڃا تائين “روايتن ۽ وهمن” واري آڳاٽي ورثي جي بار هيٺان دٻيل هئي. ڇا روسي عوام جون حالتون، جن کي لينن بيان ڪيو آهي، هندستاني عوام جي اڪثريت جي، خاص ڪري هارين جي حالتن جون ياد نٿيون ڏيارين جيڪي نه رڳو هن صديءَ جي شروعات ۾ بلڪ ان کان پوءِ ڪيترن ئي سالن تائين موجود هيون.
لينن ٻڌايو هو ته انڌاڌنڌ ڦرلٽ ۽ سماجي جبر ۾ واڌ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ باوجود ان دور جا ڪيترائي هاري، جيئن ٽالسٽاءِ چيو هو، اڃابه روئندا ۽ دعائون ڪندا، اخلاقي تلقين ڪندا ۽ خواب ڏسندا هئا”، مٿن ظلم ڪندڙن کي بيرحميءَ کان پري رکڻ لاءِ آڀارڻ جا خواب، آزاد ۽ برابري تي ٻڌل ننڍن هارين جي برادريءَ” قائم ڪرڻ جا خواب ڏسندا رهندا هئا. ڇا بعد ۾ گانڌيءَ جي تعليم ۾ اسان کي اهي ئي ڳالهيون نٿيون ملن؟ پر ان سان گڏ ان ڳالهه تي به زور ڏيڻ ضروري آهي ته نه ٽالسٽاءِ ۽ نه ئي گانڌي ان سموري مسئلي کي رڳو برائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي خوابن تائين محدود ڪيو. ٻئي بديءَ خلاف، يعني سياسي ظلم، سماجي ناانصافي ۽ معاشي ڦرلٽ خلاف، جدوجهد جي رستن ۽ طريقن جي ڳولها ڪندا هئا. ٽالسٽاءِ “هڪ هندو ڏانهن خط” (1908) ۾ هندستاني محب وطن ماڻهن کي صلاح ڏني هئي ته “نه رڳو بديءَ خلاف مزاحمت ڪيو پر پاڻ به بديءَ کان پري رهو، ته پوءِ دنيا جي ڪا به طاقت توهان کي غلام نٿي بڻائي سگهي.” تڏهن به ٽالسٽاءِ جي اها صلاح برطانوي آفيسرن جي بائيڪاٽ لاءِ اپيل ۽ هڪ عام هڙتال لاءِ اپيل کانسواءِ ڪجهه به ناهي. “هڪ هندو ڏانهن خط” دراصل هندستانين جي “حمايت” ڪرڻ لاءِ مشهور هندستاني وطن دوست تارڪناٿ داس جي اپيل جو جواب هو. اهو ئي اهو خط هو جنهن پهريون ڀيرو گانڌيءَ کي مشهور روسي اديب ڏانهن توجهه ڏياريو. گانڌي ٽالسٽاءِ ڏانهن 10 سيپٽيمبر ۾ لکيل هڪ خط ۾ لکيو هو ته جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا ۾ هندستانين جي تحريڪ، جنهن جي هو اڳواڻي ڪري رهيو هو، ڪامياب ٿي وڃي ٿي، ته ان جو امڪان آهي ته اها هندستان ۽ دنيا جي ٻين علائقن ۾ ڪروڙين مظلوم عوام لاءِ مثال بڻجي ويندي.
اهڙي نموني ٽالسٽاءِ ۽ گانڌيءَ ۾ نظرياتي ويجهڙائي جو ڪارڻ ڪو ٻيو نه پر آزاديءَ جي تحريڪ ۾ بهرو وٺڻ جي ڪري پيدا ٿيو، جنهن سان روس ۽ هندستان جو عوام وڏي انگ ۾ حصو وٺڻ لڳو هو. ٽالسٽاءِ “هڪ هندو ڏانهن خط” ۾ هندستان اندر برطانوي اقتدار جو عام بائيڪاٽ ڪرڻ وارو جيڪو خيال پيش ڪيو هو اهو دراصل 07-1905 واري روسي انقلاب وارن ورهين ۾ روس اندر زارشاهيءَ خلاف جدوجهد جي وايومنڊل مان اڀريو هو، ان کان اڳ روسي انقلاب جو هڪ اهم واقعو آڪٽوبر 1905 جي ڪل روس سياسي هڙتال هئي. ٽالسٽاءِ جو سگهارو آواز هندستان پهتو، جنهن سان ظلم خلاف عوامي جدوجهد جو روسي تجربو پهتو، جيتوڻيڪ اهو چوڻ جي بنهه ضرورت ڪانهي ته اهو تجربو ان جدوجهد بابت ٽالسٽاءِ جي خاص فڪري انداز سان گڏ پهتو. پر هندستان ۾ ان وقت جيڪي تاريخي حالتون هيون، يعني ان وقت تائين رڳو قومي جبر خلاف آزاديءَ لاءِ جدوجهد خاطر سجاڳي پيدا ٿي هئي ۽ پورهيت تحريڪ بلڪل نه هئي ۽ مجموعي طور طبقاتي بنياد تي پورهيت عوام جي ڪا منظم تحريڪ نه هئي، انهن ئي حالتن جي بنياد تي ان قسم جو نقطه نظر تمام گهڻو اپيل ڪندڙ هيو، ۽ ان کي هڪ زرخيز زمين ملي.
برطانوي اقتدار خلاف جدوجهد بابت ٽالسٽاءِ جي خيالن سان، جن جو اظهار هن “هڪ هندو ڏانهن خط” ۾ ڪيو هو، گانڌي وڏي حد تائين سهمت ٿيو. تڏهن به ان حقيقت کي واضح ڪرڻ به ضروري آهي ته ٽالسٽاءِ جي خط لکڻ کان گهڻو اڳ گانڌي پاڻ ئي روس ۾ انقلابي جدوجهد ڏانهن ڌيان ڏنو هو ۽ ان مان جذبو حاصل ڪري رهيو هو. اها ڳالهه سمجهه جوڳي آهي ته هو ان تجربي کي پنهنجي انداز ۾ سمجهي رهيو هو جيڪي سندس پنهنجن تصورن سان هڪجهڙائي رکن پيا. انهن سڀنيءَ ڳالهين جو واضح اندازو اخبار “انڊين اوپينيئن” ۾ ڇپيل سندس مضمونن مان ٿئي ٿو جيڪي 1905 جي روس جي انقلابي واقعن بابت لکيا ويا هئا. پهرين، گانڌي زارشاهيءَ جي مطلق العنانيت ۽ هندستاني وحشياڻي بيٺڪي راڄ وچ ۾ هڪ حد تائين موجود هڪجهڙائيءَ جو ذڪر ڪيو. ان حقيقت ڏانهن لينن به اشارو ڪيو هو. وڌيڪ، ان زماني ۾ قومي تحريڪ جي اعتدال پسند ليڊرن جي پاليسي “احتجاجن ۽ اپيلن” واري “پاليسي” جي مخالفت لاءِ ان قسم جي ڀيٽ ڪندي گانڌي اهو به ٻڌايو ته روسي عوام رڳو اپيلون ڪرڻ تائين محدود نه رهيو. هو همت وارا ۽ وطن پرست هئا ۽ هنن پنهنجي ملڪ جي بي لوث خدمت ڪئي، ان ڪري اها ڳالهه حيرت ۾ وجهندڙ ناهي ته ان ملڪ ۾ جابر حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ آزادي حاصل ڪري ورتي. گانڌي سياسي جدوجهد ۾ تشدد جي مخالفت ڪرڻ سان گڏ هندستانين کي آوزا ڏنو هو ته هو به “ان قسم ۽ انهيءَ انداز” جي سچائي ۽ وطن دوستي جو اظهار ڪن، جيئن روسي عوام ڪيو آهي.
گانڌي ميڪسم گورڪيءَ بابت جيڪو خيالن جو اظهار ڪيو آهي اهو ان سلسلي ۾ سندس فڪر جو اولڙو آهي. گانڌي، گورڪيءَ بابت “انڊين اوپينيئن” ۾ پهرين جولاءِ 1905 ۾ لکيو هو. گانڌي، ميڪسم گورڪيءَ ۾ هڪ اهڙي اديب کي نٿي ڏسي سگهيو، ۽ ان وقت هندستان ۾ جيڪي حالتون هيون انهن لاءِ اهو ممڪن به نه هو ته ميڪسم گورڪيءَ کي هڪ هڪ اهڙي اديب جي حيثيت سان ڏسي جيڪو مزدور طبقي جي تحريڪ ۽ سوشلزم جي موقف جي بنياد تي ڳالهائي رهيو آهي. تڏهن به هن ميڪسم گورڪيءَ جي بي لوث پڻي ۽ خلوص کي هڪ مثال جي حيثيت سان پيش ڪيو. گانڌيءَ لکيو هو ته گورڪيءَ جي لکڻين جو مقصد مطلق العنانيت خلاف عوام کي اڀارڻ آهي ۽ اهو ته گورڪيءَ جي عوامي خدمت ڪرڻ جي سلسلي ۾ کيس قيد ڪيو ويو ۽ هو پنهنجي گرفتاريءَ کي هڪ اعزاز سمجهي ٿو.
(هلندڙ)