ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جهنڊو مري ۾ ٻيلي جي واڍي

Editorial

دنيا ۾ هن وقت اهم ترين معاملو ماحوليات جو آهي، جنهن تي وڏا بحث ٿي رهيا آهن ۽ ان مسئلي جا حل ڳوليا پيا وڃن. تازو مصر ۾ ڪوپ-27 ڪوٺائي وئي آهي، جنهن ۾ به ماحوليات خراب ٿيڻ کان پوءِ جيڪي مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، انهن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. پاڪستان ۾ هاڻوڪي آيل ٻوڏ کي به ماحولياتي تباهي قرار ڏنو پيو وڃي. صنعت جي شعبي ۾ اڳڀرا ملڪ جيڪا ڪاربان پيدا ڪندا رهيا آهن، ان سبب غريب ملڪ لوڙي رهيا آهن. پاڪستان به انهن ملڪن مان آهي. پر هن ملڪ ۾ نه ته ٻيلا رهيا آهن ۽ نه ئي ماحوليات جي بهتري ڏانهن ڪو ڌيان ڏنو وڃي. جيڪي ٻيلا آهن، انهن جي واڍي جاري آهي، اهو سلسلو جتي ڪٿي هلندڙ آهي.
جهنڊومري جي سرڪاري ٻيلي جي 333 ايڪڙ ايراضي ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن ۾ ڪجهھ سال اڳ سوين ايڪڙن تي ٻيلو پوکيل هو، جنهن کي بعد ۾ واڍي ڪري ختم ڪيو ويو. ٻيلي کاتي پاران 7 سال اڳ 60 ايڪڙن تي وڻ پوکيا ويا ۽ ٻيلي جي سرڪاري زمين تان قبضن خلاف وڏو آپريشن ڪري زمين آجي ڪرائي وئي هئي، تازو ئي چوماسي برساتن سبب تعلقو جهنڊومري سخت متاثر ٿيو ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل توڙي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن ۾ ايلچي ٻيلي جي وڻن کي پڻ نقصان پهتو ۽ ڪيترن ايڪڙن تي اڃان به برساتي پاڻي بيٺل آھي، برساتن کان پوءِ مبينا طور ٻيلي کاتي ۽ حد جي پوليس جي ملي ڀڳت سان لکين رپين جو ڪاٺ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو ۽ سوين وڻن جي واڍي ڪري ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي. مقامي ماڻهن موجب ٻيلي کاتي ۽ پوليس جا ڪجھه عملدار ملي ڀڳت ڪري رات جي وقت گاڏين ۾ ڪاٺ کڻي وڃي وڪرو ڪن ٿا، اسان پاران منع ڪرڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ٻيلي کاتي جي ڊي ايف او حيدرآباد ثناالله بليدي جو چوڻ هو ته ايلچي ٻيلي ۾ مقامي ماڻهو وڻ وڍي رهيا آهن، جن جو واسطو مهڪاڻي ڌر سان آهي، جيڪي زبردستي وڻ وڍي وڪرو ڪري رهيا آهن. اسان پاران منع ڪرڻ تي اسان جي عملي تي سخت تشدد پڻ ڪيو ويو ۽ گاڏين تي ڀٿرا ڪيو ويو. اسان پوليس کي لکت ۾ ڏنو، پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا، جنهن کان پوءِ اسان ڪورٽ ۾ وڻن جي واڍي ۾ ملوث 12 کان 14 ماڻهن خلاف درخواست ڏني، جنهن تي ڪورٽ انهن خلاف عمر ساند پوليس کي گرفتاريءَ جا نان بيل ايبل وارنٽ پڻ جاري ڪيا، ان باوجود پوليس کين گرفتار ڪرڻ لا تيار ناهي. هن چيو ته اسان ڊي آءِ جي حيدرآباد کي درخواست پڻ ڏني آهي ته ڄاڻايل جاءِ تي اسان کي پوليس پڪٽ قائم ڪري ڏني وڃي. هوڏانهن عمر ساند ٿاڻي جي ايس ايڇ او منظور جمالي جو چوڻ آھي ته ٻيلي کاتي جي عملدارن کي پاڻ اختيار آھن ته هو ڪارروائي ڪري سگهن ٿا، جنهن باوجود ڪورٽ پاران نان بيل ايبل وارنٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ اسان ٻيلي کاتي جي عملدارن سان 5 ڀيرا ڪارروائي لاءِ وياسين، اسان جو ڪو به ڪاٺ وڪري ۾ هٿ ناهي. باقي ڪارروائي دوران ٻيلي کاتي جي عملدارن ملوث ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس مٿان لڳايل الزامن ۾ ڪا به صداقت ناهي. هوڏانهن سڄاڻ ڌرين ٻيلي کاتي جي صوبائي وزير کان گهر ڪئي ته وڻن جي واڍي کي روڪي ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
هن قسم جي ڪارروائي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪهڙي ريت ادارا توڙي فرد ماحولياتي تباهيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وڻ پوکي ماحول کي بهتر ڪرڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويندو آهي ۽ ان کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪجهه ڏينهن لڳندا آهن. جهنڊومري ۾ پوکيل ماحول دوست وڻن جي واڍيءَ سان نه رڳو تباهي ايندي پر ان سان ٻيا به گهڻا نقصان ٿيندا. ان ڪري ان عمل خلاف ترت ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button