انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته ارنيسٽو چي گويرا ويهين صديءَ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ جو تمام وڏو ۽ اهم نالو آهي. جنهن مختلف نظرين سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي. بوليويا ۾ آمريڪي فوجين جي بزدلاڻي حملي ۾ هِن جي ڪيل قتل کان ڪجهه سالَ پوءِ ڪامريڊ چي، مختلف مارڪسسٽ ڌارائن وٽ انقلاب جي علامت بڻجي ويو. ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي پاڻ کي ارجنٽائن جي بيباڪ انقلابي چي گويرا کان متاثر پيش ڪندا آهن ۽ وري اسٽالن دور ۾ ٿيل نام نهاد ڏوهن کي دليل طور پيش ڪري اسٽالن مخالف هجڻ جي به دعويٰ ڪندا رهندا آهن.
اها نه فقط تاريخ تي ٺٺول آهي پر بنيادي طور اهو تضاد پڻ آهي ڇاڪاڻ ته چي گويرا پنهنجو پاڻ ۾ ئي اسٽالن جي شخصيت کان تمام گهڻو متاثر رهيو آهي. اچو ته سوويت يونين جي عظيم ليڊر اسٽالن جي 63هين ورسيءَ جي موقعي تي ڏسون ته چي گويرا جا اسٽالن بابت ڪهڙا خيال هئا ۽ اسان ڪامريڊ چي جي لکڻين ۾ ئي ڏسنداسين ته هو اسٽالن بابت ڇا سوچيندو هو.
1953ع ۾ گوٽيمالا ۾ 25 سالن جي چي پنهنجي چاچيءَ ڏانهن لکيل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته “مون جڏهن غور فڪر ڪيو ته مون کي خبر پئي ته هيءَ سامراجي ۽ سرمائيداري ٽولا ڪيتري قدر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ اهي ڪيتري قدر ڀيانڪ آهن. مان ڪامريڊ اسٽالن جي تصوير اڳيان قسم کڻي چڪو آهيان ته مان ان وقت تائين سڪون سان نه ويهندس جيستائين هنن سامراجي نرڄن کي ختم ٿيندي نه ڏسندس.”
(جون لي جي 1997ع ۾ لکيل ڪتاب “چي گويرا هڪ انقلابي زندگي” تان کنيل ٽُڪرو).
چي گويرا پاران گوٽيمالا مان خط لکڻ کان ڪجهه سالَ پوءِ ڪيوبن انقلاب جي وچَ واري در ۾، ڪامريڊ چي اسٽالن جي باري ۾ پنهنجي موقف کي وڌيڪ واضح ڪندي لکي ٿو ته؛
اسٽالن جي باري ۾ ڄاڻايل نام نهاد غلطين کي پرکڻ وقت ٻن مختلف روين يا لاڙن، هڪڙو انقلابي رويو ۽ ٻيو ورائي نظرثاني ڪرڻ وارو رويو، انهن ٻنهي لاڙن کي سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو.
اوهان کي اسٽالن جي کنيل اپائن ۽ فيصلن کي تاريخي تناظر ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي نه ڪي خام خيالي ۽ اسٽالن مخالف نگاهه سان بلڪه کيس تاريخي تناظر ۾ ڏسڻ وڌيڪ درست لاڙو آهي. منهنجي ڪميونزم طرف اچڻ جو سبب اسٽالن ئي هو ۽ ڪير به مون کي اسٽالن کي پڙهڻ کان روڪي نه ٿو سگهي. مون هن جي خلاف تنقيدن کي به پڙهيو هيو ۽ هن خلاف منهنجي ذهن ۾ خراب تصوير جڙي هُئي، پر اهو دور ٻيو هو، جڏهن مان ايترو ذهين يا هوشيار نه هئس جو شين کي تنقيدي انداز سان پرکي سگهان پر پوءِ به مان هن کي پڙهندو رهيس، خاص ڪري هن دور ۾ اسٽالن کي پڙهڻ وڌيڪ خراب محسوس ٿئي ٿو پر پوءِ به هن جون ڪيتريون شيون تمام بهترين لڳن ٿيون.
اسٽالن جي ليڊرشپ جي ساراهه ڪرڻ دوران ڪامريڊ چي، سدائين ٽراٽسڪيءَ جي رد انقلابي رويي ڏانهن پڻ اشارو ڪندو رهيو آهي. هن جي ڳجهن مقصدن ۽ بنيادي غلطين کي پڻ ننديندو رهندو هو. هن جي ڪيترين ئي لکڻين مان هيءَ لکڻي به تمام اهميت جوڳي آهي، جنهن ۾ ڪامريڊ چي گويرا جو ٽراٽسڪيءَ جي باري ۾ موقف وڌيڪ چٽو ۽ واضح ٿئي ٿو، چي لکي ٿو ته؛
“منهنجي خيال ۾ ٽراٽسڪي بنيادي ڳالهين ۾ ئي غلط رهيو آهي، هن جو پارٽيءَ ڏانهن رويو ڳجهو ۽ مخفي هو، جيڪو سراسر غلط آهي ۽ ٽراٽسڪي جي زندگيءَ جا آخري سال، پارٽيءَ ڏانهن رويي جي مناسبت سان تمام گهڻي حد تائين خراب هئا.” انهيءَ ڳالهه مان هڪ شيءِ واضح ٿئي ٿي ته ڪامريڊ چي موجب ڪنهن به پارٽيءَ جي ميمبر جو پارٽيءَ ڏانهن رويو صاف چٽو ۽ کرو هجڻ کپي. ڪامريڊ چي اڳتي لکي ٿو ته؛
“ٽراٽسڪائين جو ڪنهن به انقلابي تحريڪ ۾ ڪوئي اهم ڪردار ناهي رهيو، اُلٽو هُنن سدائين پنهنجي غلط رويي ۽ غلط طريقيڪار ذريعي انقلابي تحريڪن کي ڌَڪُ رسايو آهي ۽ جيڪڏهن حصو ورتو آهي ته اهو فقط پيرو ۾ ورتو آهي. جتي به هو پنهنجي غلط پاليسين ۽ طريقيڪار جي ڪري آخرڪار بري شڪست کائي ويهي رهيا.
(چي گويرا پاران سياسي معيشيت تي لکيل تنقيدي نوٽس ۾ ڄاڻايل ڳالهيون؛
(2007 جي انقلابي جمهوريت رسالي ۾ ڇپيل).
چي گويرا کي گوريلا جنگ جي اهم نالي طور سڃاتو وڃي ٿو. پر انهيءَ سان گڏوگڏ هو مارڪسي فڪر جو تمام وڏو ڄاڻو پڻ هو. نه فقط مارڪسي فڪر پر همعصر دور ۾ لينني فڪر ۽ ان ۾ واڌارو ڪرڻ سان گڏوگڏ اسٽالن جي لکڻين کان به ڀلي ڀت واقف هو. تنهن جو اندازو هن جي ٽراٽسڪائي اڳواڻ ۽ ڪيوبن انقلاب جي اهم شخصيت آرمانڊو هارٽ ڊيولوس ڏانهن لکيل خط مان لڳائي سگهجي ٿو. چي گويرا خط ۾ لکي ٿو ته؛
“ڪيوبا ۾ مارڪسسٽ ليننسٽ نظريي بابت ڪوئي خاص مواد ڇپيل ناهي، جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي. جيڪڏهن ڪوئي سويت يونين جي جدوجهد ۽ سندن فڪري لاڙي جي باري ۾ ڄاڻ کان اوهان کي پري رکڻ ٿو چاهي ته انهيءَ جو مقصد هيءَ ٿيندو ته اهو اوهان کي جدوجهد جي درست طريقيڪار ۽ درست سوچڻ جي معيار کان پري رکڻ ٿو چاهي. پر شايد اوهان کي خبر ناهي ته اهو سڀ ڪجهه اوهان لاءِ پارٽي ڪري پئي ۽ انهن جون لکڻيون اوهان تائين پهچائڻ جو ڪم ڪري پئي. اوهان کي فقط انهن کي پڙهي برداشت ڪرڻو پوندو ۽ حقيقتن کي تسليم ڪرڻو پوندو. هاڻي ٿيڻ ائين گهرجي ته مارڪس، اينگلس، لينن ۽ اسٽالن کان ويندي سڀني مارڪسي مفڪرن جي سمورين لکڻين کي ڇپايو وڃي. انهيءَ ڏس ۾ اوهان جي ويجهي ٽراٽسڪيءَ جون به ڪجهه لکڻيون اچي وڃن ٿيون.
خروشيف پاران شروع ڪيل اسٽالن مخالف پروپيگنڊا کان چئن سالن کان پوءِ يعني 1960ع ۾ ارنيسٽو چي گويرا ڪيوبن حڪومت جي سرڪاري عيوضي طور جڏهن ماسڪو جو دورو ڪيو ته ڪيوبن سفير کيس اسٽالن باري ۾ ڪوئي مثبت موقف رکڻ کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني. تنهن باوجود هن موقف نه ڏيڻ ته ٺهيو، پر ڪامريڊ چي گويرا سڀني کان پهرين ڪامريڊ اسٽالن جي قبر تي ويو ۽ جذباتي انداز سان سندس قبر تي گلن جي گلدستي سان ڀيٽا پيش ڪئي ۽ کيس انقلابي سلامي پيش ڪئي، جنهن مان چي گويرا جي ڪامريڊ اسٽالن ڏانهن محبت ۽ لاڙو ظاهر ٿئي ٿو. ڪامريڊ چي گويرا وٽ اسٽالن لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ پيار هو. سوشلزم جي پکيڙ کان ويندي سوشلسٽ مخالف سامراجي ٽولن سان وڙهيل جنگ ۾ اسٽالن ڪڏهن به نه جهڪيو ۽ نه ئي ٽراٽسڪي وانگر سامراج وٽ وڪاميو انهن خوبين ڪري ڪامريڊ چي ڪامريڊ اسٽالن کان تمام گهڻو متاثر هو.
شايد اهو ئي سبب هو جو ڪامريڊ چي اهو چوڻ درست سمجهو ته “اسٽالن کي تاريخ ۽ حالتن جي تناظر ۾ پرکڻ گهرجي ۽ انهن خاص حالتن ۾ روس کي اهي ئي پاليسيون اپنائڻيون هيون، جن کي اسٽالن اپنايو نه ته ٻي صورت ۾ روس سان گڏوگڏ ڪميونسٽ تحريڪ پڻ گهڻو وقت هلي نه سگهي ها. جنهن وقت اسٽالن سويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، انهي وقت جيڪي حالتون هيون ۽ اهڙين بدترين حالتن مان روس ڪڏهن به ڪين گذريو هو. سياسي معاشي ۽ سماجي حالتون بدترين هيون ۽ معاشي بحران جي ڪري روس جي چيلهه چٻي ٿي چڪي هئي. نه فقط اهو پر سامراجي طاقتن سان پڻ سويت يونين وڙهي رهيو هو ۽ سويت يونين جي دفاع سان گڏوگڏ دنيا ۾ سوشلسٽ تحريڪن جي مدد پڻ ڪرڻ اهو يقينن ڪمال هو ۽ اهو ڪمال صرف اسٽالن ئي ڪري سگهي پيو. ڇاڪاڻ ته اهڙين حالتن کي دلير ئي منهن ڏئي سگهن ٿا ۽ روس ۾ لينن کان پوءِ اسٽالن جهڙو دلير ڪنهن ماءُ ڪونه ڄڻيو هو.
“اسٽالن مجموعي طور تي هڪ ڪمال جو ليڊر ۽ سوشلسٽ تحريڪ جو روح روان هو. جن به اسٽالن تي تنقيد ڪئي آهي انهن سندس پاليسين کي ان وقت جي حالتن جي تناظر ۾ پرکيو ئي ناهي. دوستَ ۽ ساٿي اسٽالن بابت پنهنجي ذهنن ۾ اڳواٽ جوڙيل تصور کي پاسي تي رکي ڪري درست طريقيڪار سان کيس پڙهن”
سنڌيڪار: وحيد چانڊيو