
پاڪستان جي خوبصورت اداڪارا يمنا زيدي فيشن برانڊ جو نئون فوٽو شوٽ مڪمل ڪرائي ورتو آهي، جنهن مان سندس بيباڪ انداز واري هڪ تصوير مداحن ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڳاڙهي جوڙي ۾ ورتل انتهائي بولڊ انداز واري تصوير ڏسي مداح يمنا زيدي جي سونهن جي تعريف ڪرڻ بنا رهي نھ سگهيا آهن. هوڏانهن مداحن جي وڏي تعداد يمنا زيدي جي بولڊ انداز تي کيس تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو آهي.