
ملڪ ۾ جمهوري ادارن ۽ سياسي قوتن جي بقاءَ ۽ ملڪ جي وفاقي سرشتي ۽ سلامتي وارا سوال تمام گهڻي ڳڻتي وارو معاملو بنجي ويا آهن. حيرت جي ڳالهه آهي ته هن وقت ملڪ جا معاشي، اقتصادي، آئيني ۽ قانوني معاملا بحث جو موضوع هئڻ بدران ملڪ جي هٿياربند فوجن جي سربراهن جي ريٽائرمينٽ ۽ ٻين جي مقرري ملڪ جو سڀ کان وڏو، اولين ۽ پهرين صف جو معاملو بنجي ويو آهي. پر نئين آرمي چيف جي نامزدگي اڃا تائين ناهي ٿي سگهي ۽ ملڪ ۾ آرمي چيف جي مقرري هڪ وڏو موضوع بڻجي ويو آهي. ڪي ذريعا انهن معاملن تي وفاقي حڪومت جي اتحادي ڌرين مسلم ليگ نواز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۾ مقررين تي اتفاق نه ٿيڻ واريون خبرون هلايون پيون وڃن ته ڪي ذريعا وري پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي ڦڏي ۽ لانگ مارچ ڪري انهن جي طرفدار ڌرين سان هلندڙ ڳالهين کي انهن مسئلن جو سبب قرار ڏين ٿا. فوج جي سربراهن جي انهي سموري معاملي واري مرڪزي نقطي جي اڀري اچڻ سان اهو معاملو ئي ملڪ جو اصل مسئلو قرار ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته ملڪ جا گهرو ۽ پرڏيهي معاملا پٺتي هليا ويا آهن ۽ ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جا سمورا فرض، ضرورتون، صوبن ۽ قومن جي حقن ۽ مسئلن جا سمورا ڪيس ۽ معاملا ڄڻ ته پنهنجي حيثيت ئي وڃائي ويٺا آهن.
ملڪ جي 75 سالن واري تاريخ ۾ لڳ ڀڳ 50 سالن جي عرصي اسان جي ملڪ ۾ مارشل لائن ۽ شخصي آمريتون ڊگهي مدت تائين اقتدار ۾ رهڻ هڪ تاريخ آهي ۽ ان ڊگهي مدت دوران ملڪ جي قسمت جي حوالي سان بنيادي فيصلا ڪيا ويا جنهن جا نتيجا اڄ ملڪ ڏسي رهيو آهي. انهن حڪومتن ۾ ملڪ ۾ هڪ خاص قسم جي انتظامي جوڙجڪ ڪئي وئي ۽ ملڪ کي آئين موجب وفاقي جمهوري ملڪ طور هلائڻ يا صدارتي نظام قائم ڪرڻ يا شخصي آمريتون قائم ڪري ملڪ کي جمهوري مملڪت بنائڻ بدران ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي ۽ محتاج جمهوريت کي رائج ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ کي بي اختيار ۽ بي مانائتو بنائڻ لاءِ انهي سموري عرصي ۾ملڪ جي جمهوري قيادت ۽ سياسي جماعتن خلاف هڪ خاص قسم جي انتقامي ۽ نفرتن واري مهم هلائي وئي ۽ انهي کان سواءِ ڪيترائي سياسي گڏا ۽ هٿرادو ليڊر بڻائي ميدان ۾ لاٿا ويا ۽ عوام جي ووٽن ۽ فيصلن کي چوري ڪري ۽ بدلائي ملڪ ۾ ڪٺ پتلي حڪومتون قائم ڪري جيڪي ڪٺ پتلي تماشا ڪيا ويا، انهن سان دنيا جو هي سرسبز، زرخيز، خوشحال ۽ باصلاحيت قومن ۽ عوام جو تاريخي خطو انيڪ قسمن جي تباهين جو شڪار ٿي ويو. اڄ اسان جو ملڪ تازو لاٿل ڪٺ پتلي وزير اعظم ۽ حڪومت واري چئن سالن جي حڪومت جي هاڃيڪارين جو نه فقط شڪار آهي پر ملڪ ۾ نفرتن واري ٿيل هن سياست ۽ مهم ملڪ جي بنيادن کي اڏوهي وانگر کائي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ پنهنجي تاريخ جي تمام وڏي سياسي، سماجي، معاشي ۽ اقتصادي تباهين جو شڪار ٿي ويو آهي.
هوڏانهن، پاڪستان تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل ۽ اڳوڻي حڪومت جي چونڊايل صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي پارٽي ۽ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۾ پيدا ٿيل اختلاف ۽ جهيڙن جي شڪار ٿي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان طرفان سندس وڃايل حڪومت ۽ ملڪ ۾ ٽڪراءُ واري شروع ڪيل سياست تي يقينن تمام گهڻو پريشان آهي، جو خبرون آهن ته پارليامينٽ جي وڏي ايوان قومي اسيمبليءَ مان سندس حامي جماعت پي ٽي آءِ پاران استعيفائون ڏيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ عمران خان جي حامي صدر مملڪت جو عهدو پڻ لوڏن ۾ آهي ۽ ڪنهن به وقت ايوان ۾ هن خلاف به بي اعتمادي واري رٿ پيش ٿي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان سندس جماعت ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه لاءِ سرگم آهي ۽ گذريل مهيني هن ايوان صدر ۾ آرمي چيف جنرل باجوه ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان وچ ۾ ٽياڪڙي وارو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڳالهيون ڪرايون پر اهو معاملو ٺهي نه سگهيو. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي موجب ته هن ڪوشش ڪئي ته ڳالهيون ٿين ۽ چونڊن جو رستو نڪري پر ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون، چونڊن جو به ڪو حل نه نڪتو. صدر عارف علويءَ جو وڌيڪ اهو پڻ چوڻ هو ته آرمي چيف جي مقرريءَ تي آئين صلاح مشوري جي اجازت نٿو ڏئي. يعني آئين موجب اهو فقط وزير اعظم جو اختيار آهي ته هو پنهنجي فيصلي تحت ڪنهن به سينيئر جنرل کي آرمي چيف مقرر ڪري سگهي ٿو. ملڪ جي آئين موجب، وفاقي حڪومت جي آئيني پوزيشن واضح ۽ مضبوط آهي. انهي صورتحال ۾ عمران خان جي اتفاق وارو مطالبو سندس ئي صدر مملڪت جي بيان موجب رد ٿي ٿو وڃي. باقي وفاقي حڪومت جو اتحادي ۽ حڪومت ۾ شريڪ ٻه وڏيون جماعتون پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي بنيادي طور تي وزير اعظم ميان شهباز شريف حڪومت جي بقاءَ جون ضامن ۽ ٻه بنيادي پلر ۽ ٿنڀ آهن ۽ ملڪ جي حال ۽ مستقبل سان لاڳاپيل اهم فيصلن لاء انهن ٻنهي ڌرين جي صلاح ۽ رضامندي يقينن ضروري آهي.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ملڪ جي جمهوري، آئيني ۽ پارلياماني سياست ۾ يقينن بنيادي ڪردار آهي، هو ملڪ مان عمران خان واري غير جمهوري حڪومت جو بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ڪرائي خاتمو ڪرڻ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي تيار ڪيل رانديگر کي ملڪ جي جمهوري سرشتي ۽ سياسي قوتن خلاف تيار ڪري ميدان تي لاٿل ۽ 2018ع واريون عام چون چونڊن جا نتيجا تبديل ڪري اقتدار ۾ آندل ڪٺ پتلي "هلاڪو خان" کي حڪمران بنائڻ وارو ڪيل هڪ ٻيو تجربو به ناڪام ٿي ويو ۽ ڪپتان خان پنهنجي تربيت جي ابتڙ پنهنجي استادن سان ئي اٽڪي پيو ۽ هاليووڊ جي مشيني ايڪشن فلم ٽرمينٽر واري ڪردار وانگر پنهنجو توازن وڃائي ويٺو ۽ ملڪ ۽ دنيا جي ملڪن سان جهيڙا ۽ وڏي پيماني تي ڀڃ ڊاهه شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ تمام وڏي سياسي انتشار، تباهين ۽ معاشي ۽ اقتصادي ڏيوالي جو شڪار ٿي ويو. اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان وري به اڳتي وڌي ملڪ جي پارليماني ۽ جمهوري سرشتي کي بچائڻ واريون ڪاوشون ڪيون ويون ۽ ملڪ جي سياسي قوتن جي لاهور ۽ ان کان پوءِ اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنسون ڪوٺائي متحد ڪيو ويو ۽ اڳتي هلي انهن ڪاوشن سبب پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) قائم ڪئي وئي. اڳتي هلي ملڪ ۾قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين تي ٿيندڙ ننڍين چونڊن ۽ ان کان پوءِ ٿيندڙ سينيٽ آف پاڪستان جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ٻين اتحادي جماعتن کي شاندار ڪاميابيون حاصل ٿيون، جن اڳوڻن حڪمرانن ۽ سندن اتحادين کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو.
ملڪ جي سياسي سرشتي کي برقرار رکڻ ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ۽ سگهارو ڪرڻ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو تمام اهم ڪردار نظر انداز يا رد نه ٿو ڪري سگهجي. ملڪ جي هن تحريڪي، جمهوريت پسند ۽ وڏي سياسي جماعت جي شعوري ۽ سرگرم عملي ڪردار سبب ملڪ کي ڄاڻايل مٿي ڦريل اڳوڻي حڪمران ۽ حڪومت جي شر کان بچائڻ واري ڪاميابي حاصل ٿي ۽ هن جماعت ملڪ جي بحراني صورتحال ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو ۽ سياسي ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو، انهيءَ سان يقينن ملڪ جو سياسي نقشو ۽ ماحول ئي تبديل ٿي ويو آهي. ملڪ جو ڪمزور جمهوري سرشتو، پارليمينٽ ۽ عوام جي سياسي طاقت وري بحال ٿيڻ جا موقعا مليا آهن ۽ هن جماعت کي به پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ سنڌ صوبي سميت ملڪ جي ٻين حصن ۾ٿيل چونڊن ۾ ساراهه جوڳي ڪاميابي پڻ حاصل ٿي آهي. خاص طور تي سنڌ جي عوام ۽ قوم جي تمام وڏي اڪثريت هن جمهوري پليٽ فارم، جماعت ۽ حڪومت ۾ هڪ ٿي ۽ وڏي عوامي طاقت ۽ حڪومت جي صورت ۾حڪومت ڪري رهي آهي. خامين ۽ ڪوتاهين جي باوجود سنڌ ۽ قوم جي مفادن جي حفاظت ٿيندي پڻ نظر اچي رهي آهي. سمورين سرهائين ۽ اطمينان بخش صورتحال جي باوجود ملڪ جي جمهوري سرشتي جي بقاءَ، آئين جي حفاظت، سلامتي ۽ پارليمينٽ کان مٿانهون هئڻ ۽ ملڪ ۾قومن جي حقن جي حفاظت ۽ شهرين جي حقن جي حاصلات کي تمام گهڻا خطرا ۽ انديشا لاڳو آهن. ان ڏس ۾ ملڪ جي سمورين جمهوريت پسند، ترقي پسند ۽ سماجي قوتن جو وسيع تر اتحاد ۽ جدوجهد کانسواءِ ملڪ کي بحرانن ۽ خطرن کان بچائي نه ٿو سگهجي.