
گانڌي اهو به لکيو هو ته يورپ ۾ ٻيو ڪو اهڙو اديب ناهي، جيڪو گورڪي جيان عوام جي حقن جو ايترو عظيم علمبردار هجي.
اهو چوڻ جي بنهه ضرورت ڪانهي ته روس جي انقلابي واقعن ذريعي گانڌي رڳو روسي انقلابين جي اعليٰ اخلاقي صلاحيتن ۽ خاصيتن کي ئي ڏٺو هو. هن انهن واقعن سان هندستان لاءِ به هڪ اهم ترين سبق حاصل ڪيو هو ۽ اهو هو عوام طرفان منظم سياسي جدوجهد جو سبق. هن 1905 ۾ لکيو هو ته “روس ۾ هلندڙ تحريڪ ۾ “اسان لاءِ سبق” آهي. هن وڌيڪ لکيو هو ته روسي مزدور ۽ ٻئي سموري پورهيت عوام عام هڙتال ڪري ڇڏي آهي، سڄو ڪم ٺپ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ زار انهن جو ڪجهه بگاڙي نٿو سگهي ڇاڪاڻ ته بندوقن جي ٻل تي ماڻهن کي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ ممڪن ناهي. اسان به ظلم خلاف روسي حربو استعمال ڪري سگهون ٿا. اسان به روسي عوام جيان پنهنجي قوت جو اظهار ڪري سگهون ٿا. گانڌيءَ جي انهن لفظن ۽ ٽالسٽاءِ سان سندس خط وڪتابت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته برطانوي راڄ خلاف عوام جي سياسي جدوجهد بابت سندس خيالن جي واڌ ويجهه تي روس جي انقلابي واقعن جو گهرو اثر پيو هو.
۽ آخر ۾ ان شئي کي به ذهن ۾ رکڻ دلچسپيءَ کان خالي نه هوندو ته گانڌي بي مثال حساسيت جو ثبوت ڏيندي خاص انداز ۾ 1905 ۾ روس جي اڀرندڙ انقلاب جي تاريخي اهميت کي ڏسي ورتو هو. هن لکيو هو ته جيڪڏهن روسي عوام سوڀارو ٿيو ته روس جو انقلاب هن صديءَ جي سڀ کان وڏي سوڀ، هن صديءَ جو سڀ کان وڏو واقعو سمجهيو ويندو. اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته گانڌي روس جي انقلابي تحريڪ جي طبقاتي مواد کي نه سمجهي سگهيو ۽ کيس اها خبر نه هئي ته زارشاهي مطلق العنانيءَ خلاف جدوجهد دوران هڪ سوشلسٽ انقلاب ميچوئر ٿي رهيو آهي. روس جي واقعن ۾، جيئن هن لکيو آهي، هن زارشاهي مطلق العنانيءَ خلاف “امير ۽ غريب ٻنهيءَ” جي هڪ عام جدوجهد ڏٺي. هن زارشاهي مطلق العنانيءَ جي ڀيٽ هندستان ۾ برطانوي مطلق العنانيءَ سان ڪئي. ڳالهه هي آهي ته گانڌي جڏهن پاڻ قومي اڳواڻ ٿي ويو ته هو ڌاري غلاميءَ کان آزاديءَ لاءِ طبقاتي رشتي کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ سمورن هندستانين کي متحد ڪرڻ جو خواب ڏسندو هو. جيئن لينن ٻڌايو آهي روس ۾ جنهن دور ٽالسٽاءِ جي فڪر لاءِ حالتون پيدا ڪيون هيون ان جي پڄاڻي 07-1905 جي انقلاب ۾ ظاهر ٿي. هڪ نئين دور جي شروعات ٿي جيڪو هڪ باشعور ۽ منظم انقلابي جدوجهد ۾ عام ماڻهن جي وسيع شرڪت جو دور هو جنهن ۾ مزدور طبقو ۽ ان جي مارڪسي لينني پارٽي ان جي اڳواڻ هئي. گانڌيءَ جيان ٽالسٽاءِ به ان شئي کي سمجهڻ کان وانجهيل هو. پر هندستان ۾ قومي ۽ سماجي ظلم خلاف وڌندڙ احتجاج سان گڏ هڪ عرصي تائين عام ماڻهن جي ذهنن ۾ ماضيءَ کان ورثي ۾ مليل رسمون به برقرار رهيون. اهي ايئن ئي هيون جن سان روس ۾ ٽالسٽاءِ جو فڪر واڳيل هيو. خاص ڪري، “بديءَ خلاف اهنسا تي ٻڌل مزاحمت” بابت سندس تصور واڳيل هو. صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ان معاملي ۾ هيٺين صورتحال به هڪ ڪردار ادا ڪيو. هندستان ۾ هٿين خالي ۽ ان وقت تائين غيرمنظم عوام کي ان زماني جي سڀ کان وڏي سامراجي طاقت جي سنيٽرلائيزڊ سياسي ۽ فوجي مشين کي منهن ڏيڻو هيو. سرمائيداريءَ ان وقت تائين ڇانيل هئي. 1917 ۾ روس ۾ پهرين سوشلسٽ رياست وجود ۾ آئي ته ان وقت تائين اها قومي آزاديءَ جي تحريڪ کي رڳو اخلاقي ٽيڪ ڏئي پئي سگهي. اهڙين حالتن ۾ هندستان ۾ برطانوي سرڪار خلاف عوام جي جدوجهد “پرتشدد” يعني هٿياربند جدوجهد جي شڪل نه پئي وٺي سگهي. ان شئي اڳواٽ ئي اهو طئي ڪري ڇڏيو ته گانڌيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ عوام جي سامراج دشمن جدوجهد جا اهنسا تي ٻڌل طريقا آڏو ايندا.
اهو چوڻ جي بنهه ضرورت ڪانهي ته عظيم آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ به گانڌي پنهنجي ئي سماجي سياسي فلسفي تي قائم رهيو. پوءِ به اها ڳالهه بنهه چٽي آهي ته روس ۾ فتحياب سوشلسٽ انقلاب ۽ سوويت ڪارنامن ئي سوشلزم جي سائنسي نظرئي ڏانهن سندس ڌيان ڇڪرايو ۽ سندس عالمي نقطه نظر ۾ هڪ بورجوا مخالف لاڙو پيدا ڪرڻ جون حالتون تيار ڪيون. اهڙي نموني “هندستان ۾ ۽ سڄي دنيا ۾ سوشلسٽ سماج” قائم ڪرڻ واري ان جي خواب جو جنم ٿيو. گانڌي قوم جو اڳواڻ هو ۽ ڌاري حڪمرانيءَ خلاف سمورن هندستانين جي متحد ٿيڻ جي حق ۾ هو. کيس پورهيت عوام ۽ مظلوم ماڻهن سان بي لوث همدردي هئي. هو سندن سماجي نجات جا خواب ڏسندو هو. هن بورجوا سماج جي مذمت ڪئي جو اهو استحصال جو نظام آهي. بورجوا سماج تي هن جيڪا تنقيد ڪئي آهي ان جو تعلق “آزاد ۽ برابري واري هارين جي دنيا” بابت ٽالسٽاءِ جي تصور سان هو. پر گانڌيءَ جي معاملي ۾ اها تنقيد ۽ اهو خواب سڀ کان پهرين هندستان جي بيٺڪي غلاميءَ خلاف هڪ احتجاج هو جنهن عوام کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو ۽ ان غلاميءَ کي عالمي سرمائيداري جنم ڏنو. ۽ جڏهن عظيم آڪٽوبر انقلاب عالمي سرمائيداريءَ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ته ان سان ايشيا تي بيٺڪي قبضي کي، هندستان ۾ بيٺڪي سرڪار کي پڻ زبردست ضرب لڳي. ان ڪري جيتوڻيڪ هن انقلابي تشدد کي رد ڪري ڇڏيو هو، ۽ 1917 جي آڪٽوبر انقلاب جي فتح بابت سندس ردعمل شروع ۾ ناڪاري هو پر بعد ۾ هن بنهه چٽي نموني پاڻ کي ان انقلاب جي آدرشن جو طرفدار سڏيو، ان جي ويڙهاڪن جي خلوص جي تعريف ڪئي، ۽ لينن جي ڏاهپ کي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.
1928 ۾ هن لکيو: هيءُ منهنجو پڪو ايمان آهي ته تشدد ذريعي ڪنهن جٽادار شئي جي تخليق نٿي ڪري سگهجي، اهو ٺيڪ آهي پر ان باوجود ان ڳالهه تي ٿورو به شڪ نٿو ڪري سگهجي ته بالشيوڪن جي آدرشن جو بنياد اڻڳڻين مردن ۽ عورتن جي مقدس بي لوث پڻي تي آهي. جن ان آدرش جي حاصلات لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه ارپي ڇڏيو آهي جنهن آدرش کي لينن جهڙي مهان آتما جي بي لوث پڻي جو تقدس حاصل ٿيو ۽ اهو اجايو نٿو وڃي سگهي.
گانڌي آخر تائين پنهنجي ان موقف تي قائم رهيو.
(هلندڙ)