
بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد پهرين تصوير شيئر ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق عاليا ڀٽ نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد پنهنجي نئين زندگي ۽ نئين رشتي بابت مداحن کي ڄاڻ فراهم ڪئي آهي، جنهن تحت هن هڪ هٿ ۾ مما لفظ لکيل ڪوپ کڻي ڄاڻ ڏني تھ هاڻ سندس زندگي جو اهو رشتو سڃاڻپ بڻجي ويو آهي، جنهن تي مداحن هڪ ڀيرو ٻيهر عاليا ڀٽ کي مبارڪون ڏنيون آهن.