ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غربت جي شرح ۾ واڌ جا امڪان

Editorial

ٻوڏ سبب آيل تباهيءَ جا جهٽڪا اڃا تائين محسوس ڪيا پيا وڃن، ٻوڏ متاثر اڃا تائين به ڪيترين ئي پريشانين جو شڪار لڳا پيا آهن، جنهن ڪري نه رڳو ايندڙ وقت ۾ انهن لاءِ پريشانيون وڌي وينديون پر ٻوڏ جي نتيجي ۾ غربت جي شرح ۾ پڻ واڌ اچي وئي آهي. اها واڌ ان ڪري به آئي آهي جو ماڻهن کي معاشي طور بنهه گهڻوُ نقصان ٿيو آهي ۽ ان نقصان جو ازالو اڃا تائين ڪونه ٿي سگهيو آهي. عالمي بينڪ کان وٺي ماحوليات تي ڪم ڪندڙ ادارا به اهي خدشا ڏيکاري رهيا آهن ۽ انهن خدشن جو سڌي ريت اظهار به ڪري رهيا آهن. پر ايندڙ غربت کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت ڪيتري تيار آهي ۽ ان ڪهڙي اهم اپاءَ ڪيا آهن؟
عالمي بئنڪ هاڻوڪي ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ 3 ڏهائي 7 سيڪڙو کان 4 سيڪڙو تائين اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو آهي. عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته وڌيڪ 84 لک کان 91 لکن تائين ماڻهو غربت جي وڪڙ ۾ اچي ويندا. پاڪستان کي گلوبل وارمنگ سبب 14 ڏهائي 9 ارب دالرن کان وڌيڪ جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي، جڏهن ته ماحول بابت مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لا اثرائتي ۽ جامع رٿابنديءَ جي ضرورت آهي. ٻوڏ بابت پوسٽ ڊزاسٽر نيڊز اسيسمنٽ رپورٽ مطابق ٻوڏ سبب سڌي نقصانن جو ڪاٿو 14 ڏهائي 9 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. مجموعي خسارو 15 ڏهائي 2 ارب ڊالر ٿيو آهي جيڪو معيشت کي ناڪ آئوٽ ڪرڻ وارو آهي. ورلڊ بئنڪ جي جاري ڪيل ڪنٽري ڪلائميٽ اينڊ ڊيولپمنٽ رپورٽ ۾ جيڪا هن ئي مهيني جاري ڪئي وئي آهي، پاڪستان بابت چيو ويو آهي ته ٻوڏ کان پو بحالي، مرمت ۽ نئين سر اڏاوت جي ڪمن تي گهٽ ۾ گهٽ 16 ڏهائي 3 ارب ڊالرن جي خرچ جو اندازو لڳايو ويو آهي. موسمي تبديلين پاڪستان لا خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي.
ڄاڻايل رپورٽ ۾ جيڪي انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن، اهي حڪومت جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن پر حڪومت هن وقت تائين رڳو ٻاهرين امداد تي ڀاڙي رهي آهي. جيڪڏهن حڪومت ملڪ ۾ موجود وسيلن کي بهتر نموني ڪتب آڻي ته ٻوڏ متاثرن جي اهنجن کي گهٽائي سگهجي ٿو پر لڳي ائين رهيو آهي ته ڏکيو وقت ٻوڏ متاثرن جو منتظر آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ايندڙ وقت ۾ وڌندڙ غربت کي گهٽائڻ لاءِ حڪومت ترت اپاءَ وٺي ته جيئن عوام کي غربت کان بچائي سگهجي.

ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بيٺل پاڻي

سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيترو پاڻي بيٺل آهي، ان جو اندازو نه رڳو رپورٽون پڙهي لڳائي سگهجي ٿو پر انهن علائقن ۾ وڃي صورتحال کي اکين سان ڏسي به لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ حڪومت ڪيتري عرصي کان اهي دعوائون ڪندي رهي آهي ته سنڌ جا ٻوڏ متاثر علائقا پاڻيءَ کان خالي ٿي ويا آهن. جڏهن ته تازو ئي پ پ چيئرمين بلاو ڀٽي زرداري چيو آهي ته ٻوڏ جو پاڻي جنگي بنيادن تي ڪڍيو وڃي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته ٻوڏ جو پاڻي اڃا تائين موجود آهي ۽ اهو نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. سياري جي مند شروع ٿيندي ئي ٻوڏ متاثرن لاءِ مسئلا جنم وٺندا، ان لاءِ حڪومت هيستائين ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سياري اچڻ کان اڳ ٻوڏ جو پاڻي جنگي بنيادن تي ڪڍرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن کي نظر ۾ رکندي ٻوڏ متاثرن لاءِ بهترين گهر تعمير ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي قدرتي آفتن جهڙوڪ ٻوڏ يا تيز برساتن کان بچي سگهن. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي وڌيڪ هدايت ڪندي چيو آهي ته ايندڙ 20 ڏينهن ۾ ربيع جي فصل هارين پاران خريد ڪيل ٻج لاءِ سندن نقد رقم ڏيڻ شروع ڪئي وڃي. ٻوڏ ۽ برساتن اڳ ئي هارين کي گهڻو نقصان پهچايو آهي ۽ هاڻي هنن ربيع جي فصل لاءِ پنهنجون زمينون تيار ڪري ورتيون آهن، تنهنڪري سندن زرعي گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي. هن اها ڳالهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس پ پ چيئرمين کي ٻڌايو ويو ته تازو آيل ٻوڏ سبب 3 ڏهائي 6 لک ايڪڙ ايراضي تي تيار فصلن کي نقصان پهتو آهي، جنهن سبب هارين کي 421 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته هارين کي رليف ڏيڻ لاءِ ضروري شيون مفت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڪڻڪ جي ٻج لاءِ نقد رقم منتقلي ذريعي هارين کي 5000 رپيا في ايڪڙ معاوضو ڏنو پيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ان منصوبي لاءِ صوبائي حڪومت 8 ڏهائي 39 ارب رپيا فراهم ڪيا، جڏهن ته وفاقي حڪومت 4 ڏهائي 7 بلين رپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي ۽ ان مقصد لاءِ مجموعي طور 13 ڏهائي 5 ارب رپيا گهربل آهن.
اسين سمجهون ٿا ته ٻوڏ متاثر علائقن کي ان وقت تائين پاڻيءَ کان آجو نه قرار ڏنو وڃي، جيستائين هڪ به علائقي ۾ ٻوڏ جو پاڻي موجود آهي. تنهنڪري سنڌ حڪومت اجايون دعوائون ڪرڻ بدران عملي طور ڪم ڪري ڏيکاري ۽ ٻوڏ متاثر علائقن مان پاڻيءَ جي نيڪال جو بندوبست ڪري ڇڏي ته جيئن دربدر ٿيل ٻوڏ متاثر پريشاني کان بچي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button