اسين گذريل سالن تي نظر وجھنداسين ته اسان کي سنڌ ۾ برسات يا سامونڊي طوفان جون تباهيون نظر اينديون. جڏھن به سانوڻيءَ جون برساتون وسن ٿيون، اهي بلوچستان ۾ ھجن يا پنجاب ۾ پر جيڪي پاڻيءَ جا سيلابي وھڪرا سنڌ ۾ اچن ٿا، جوھيءَ مان نئين گاج جو پاڻي ۽ لڪي شاهه صدر جي جبلن جو پاڻي منڇر ۾ گڏ ٿيندو آھي، منڇر ڍنڍ مان ان پاڻيءَ کي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي. اهي وهڪرا سنڌ لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻجڻ ٿا.
درياهه سيوھڻ شريف مان گذري ٿو ته ان وقت درياهه جا وھڪرا ايترا ھوندا آھن جو تباهٔيءَ جو منظر پيش ڪن ٿا. پاڻيءَ جي انهن وھڪرن جي ڪري پھرين اتر سنڌ جوهٔي، دادو ۽ سيوھڻ شريف کان پوءِ حيدرآباد کان وٺي سڄي سنڌ ۽ لاڙ واري علائقي ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيو وڃي ٿي ۽ لاڙ ۾ جيڪي ھيٺيان علائٔقا آھن، جن ۾ وري ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ به وڏي تبھائٔي ٿئٔي ٿي.
1964ع جو طوفان، 1974ع، 1979 ۽ 1994ع جي ٻوڏ، 1999ع جو طوفان اڪثر مئٔي جي مھيني ۾ آيا آهن. اسان اخبارن، فيس بوڪ يا سوشل ميڊيا وسيلي ڏٺو ۽ پڙهيو آهي ته 1999ع ۾ آيل سامونڊي طوفان جيڪا تباهٔي لاڙ وارن علائقن يعني بدين، ٺٽي، سجاول ۾ آندي هئي، ان جا نشان اڄ به ھتان جي زمينن ۽ ماڻھن جي دلين تي موجود آھن.
سنڌ جو لاڙ وارو حصو جيڪو مختلف قدرتي آفتن، سامونڊي طوفان، سوڪهڙي، سامونڊي اٿل ۽ ٻوڏ جو شڪار رھندو پيو اچي. اھڙين قدرتي آفتن جيڪي تباھيون انديون آھن، انھن جا ماحولياتي، سماجي ۽ معاشي طور گھرا اثر پيا آھن.
ان طوفان ۾ وڏي انگ ۾ جاني نقصان ٿيو هو. ڪيترائٔي ماھيگير جيڪي سمنڊ ۾ مڇي مارڻ لاءِ ويل ھئٔا، سي واپس نه موٽيا. انھن جون ٻيڙيون ۽ ھوڙا تباهه ٿي ويا هئا. وڏي انگ ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون هيون ۽ جانور، پکي پکڻ به ان طوفان ۾ مري ويا. گھر ڊھي پٽ پئٔجي ويا هئا پر اڄ به ساڳيو ئي حال آهي، سامونڊي علائٔقي کي قدرتي آفتن کان بچائڻ لاءِ ڪو خاص اپاءُ نه ورتو ويو آهي ته جيئن اڳتي اھڙي تباهٔيءَ کان بچي سگھجي.
2003ع سانوڻيءَ جي شديد برساتن ۾ بدين ضلعي جو تمام گھڻو نقصان ٿيو ھو. وڏي انگ ۾ ماڻھو بي گھر ٿيا هئا، ڪيترائٔي گھر ڪري پيا هئا. ايل بي او ڊي جي گھارن جي ڪري بدين ضلعي جو وڏو نقصان ٿيو هو. زمين جي جر جو پاڻي کارو ٿي ويو هو. زمينون آباد ٿيڻ جي قابل ناھن رھيون.
سال 2006ع جي لاڙ ۽ وچولي سنڌ ۾ زبردست مينھن وسيا هئا. سانگھڙ، ميرپرخاص، عمرڪوٽ، بدين، ٺٽو، حيدر آباد ۽ مٽياري ضلعن ۾ برسات جو 42 سالن جو رڪارڊ ٽٽي پيو ھو. اھو سڄو پاڻي سمن ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيو هو، جنھن ڪري بدين جو ايل بي او ڊي سم ناليون بند ٿي ويون جنھن جي ڪري تمام گھڻو نقصان ٿيو.
2010ع واري ٻوڏ ۾ به ڪيترائٔي ماڻھو بي گھر ٿي ويا ۽ گھڻي انگ ۾ مالي ۽ جاني نقصان ٿيو هو. بي گھر ماڻھن کي مختلف سرڪاري اسڪولن يا ٻين عمارتن ۾ ڪيمپون قائٔم ڪري رھايو ويو هو، جتي صاف پاڻي يا صفائٔيءَ جو صحيح انتظام نه ھجڻ ڪري، ٻوڏ جا ستايل ماڻھو جيڪي ڪئمپن ۾ رھيل ھئٔا، انھن ۾ مختلف بيماريون پکڙجي ويون هيون. جن ۾ ڊائٔريا ۽ مليريا جهڙيون بيماريون شامل هيون.
پاڪستان ۾ صحت جون سھولتون مھيا ڪندڙ ھڪ امدادي اداري جو چوڻ ھو ته بوڏ وارن علائقن ۾ مليريا جي پکڙجڻ جو وڏو خطرو آھي. ان اداري سان گڏ ڪم ڪندڙ ھڪ برطانوي اين جي او مرلن موجب ته ٻوڏ متاثر علائٔقن ۾ ايندڙ چئن مھينن ۾ مليريا جا ويهھ لک ڪيس سامھون اچي سگھن ٿا. ان تنظيم موجب پاڪستان جي 62 ضلعن ۾ مليريا جي ڦهلجڻ جو خطرو وڌيڪ آھي.
2011ع ۾ جيڪي برساتون ٿيون انھن به تمام گھڻو نقصان ڪيو هو. جيڪي سنڌ جي کاپي پاسي وارن ضلعن ۾ پيون. ان سال 423 ملي ميٽر کان 1143 ملي ميٽر تائٔين برسات وسي هئي. ان پاڻيءَ کي نيڪال ڪرڻ ۾ تمام گھڻيون مشڪلاتون سامهون آيون هيون. ڪيترائٔي علائٔقا ٻڏي ويا هئا، پاڻي مھينن جا مھينا بيٺو رھيو ۽ ڪيتريون بيماريون پکڙجي ويون هيون، جن ۾ ڊائريا، چمڙي جون بيماريون ۽ مليريا سرفھرست هيون.
2022ع جون شديد برساتون جن بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وڏي تباھي آندي آھي، جن جي تباھيءَ جي شرعات بلوچستان کان ٿي، پوءِ سنڌ ۾ سيوهڻ شريف بلوچستان مان ايندڙ ٻوڏ واري پاڻيءَ جي نظر ٿيو ۽ منڇر ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي وئي ۽ پاڻي سنڌو درياهه ۾ داخل ٿيو تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي وئٔي.
خيرپور ناٿن شاهه ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پاڻي اچڻ ڪري خالي ڪرايا ويا، جتي هن وقت قيامت جو منظر آهي. سڄي سنڌ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھو بي گھر ٿيا آھن، ڪيترائٔي انسان ٻڏي ويا آهن ۽ جانور مري ويا آھن. انسان بي يارو مددگار آھن، جن وٽ رھڻ لاءِ گھر ڪونھي. کائٔڻ لاءِ ماني ڪونھي. اهي ڏکئٔي وقت مان گذري رھيا آھن. سنڌ ۽ بلوچستان واسين کي روز ڪيتريون ئي ڏک واريون خبرون ٻڌڻ لاءِ ملن پيون، جن ۾ مختلف تصويرون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون، جيڪي حساس دل انسانن کي سوچڻ تي مجبور ڪريو ڇڏين.
جتي ھيترو جاني نقصان ٿيو آھي، گھر ڊھي ويا آھن، ماڻھو روڊن جي ڪنارن تي رھڻ تي مجبور آھن. اتي وڏي انگ ۾ مالي نقصان پڻ ٿيو آهي. پوکيل فصل پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا آھن. زمينون خراب ٿي ويون آھن ۽ جانور ۽ ڍور ڍڳا مري ويا آھن. سانوڻيءَ جي برساتن ۾ تباھي سنڌ جي مقدر ۾ ھر ڇھن ستن سالن ۾ اچي ٿي ۽ سنڌ جو مقدر بڻجو وڃي.
جتي ھر سال سانوڻيءَ جي برسات وڏي مقدار ۾ وسي ٿي، ٻه کان ٽي مھينا سانوڻيءَ جي برسات ھلي ٿي ته اتي حڪومت ۽ وس وارن کي گھرجي ته جيڪي غريب ووٽ ڏئٔي انھن کي ايوانن تائين پھچائين ٿا ته گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي تڪ لاءِ ايترو ڪم ته ڪن جئئن سانوڻيءَ جي برساتن ۾ ھر ڀيري جيان مالي ۽ جاني نقصان کان بچي سگھجي. دنيا جا ٻيا به ڪيترائٔي ملڪ آھن، جن ۾ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سانوڻيءَ جون برساتون وسن ٿيون پر انھن جون حالتون پاڪستان جھڙيون نه ٿيون ٿين.
آخر ڪڏھن ھتان جي مظلوم عوام جا سڏڪا ايوانن ۾ ويٺل وزيرن ۽ مشيرن تائٔين پھچندا. ھن وقت ٻوڏ متاثر گھر ۽ مانيءَ لاءِ پريشان لڳا پيا آھن. اتي ھاڻ ٻوڏ وارن علائقن ۾ مليريا، ڊائريا ۽ چمڙيءَ جون بيماريون به پکڙجي وينديون، اتي اهي لاچار ۽ بيوس انسان ڪيئٔن ڪندا. جيڪڏهن سنڌ ۾ به ٻين ملڪن جيان ڪجھه پاڻي نيڪال ڪرڻ جو بھتر انتظام ھجي ته شايد اھي حالتون نه هجن، جن مان هن وقت ٻوڏ متاثر گذري رهيا آهن.