ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

تعليم ۽ تربيت ۾ شاگرد، والدين ۽ استاد جو ڪردار

Editorial-Article-Adeel Ahmed

ننڍي کنڊ جي شاهوڪار ٻولي سنڌي ۾ اها چوڻي عام آهي ته، “استاد قوم جو اڏيندڙ آهي”، جيڪا چوڻي آهي ته بلڪل سو فيصد سچ، پر اهو به هڪ امر سچ آهي ته اڏاوت ڪندڙ لا ڪجھه ضروري شين جو هجڻ لازم آهي، شين جي کوٽ اڏاوت وچ ۾ اُڏئي مثل آهي.
استاد قوم جو اڏيندڙ تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان کي شاگرد جي اڏاوت جو ڏانءُ هجي، ڇاڪاڻ جو هڪ بهتر شاگرد ئي پنهنجو خوبصورت ڪردار ادا ڪندي قوم جي اڏاوت ڪندو پر شاگرد، اهو ئي بهتر شاگرد يا قوم جو مستقبل اڏيندڙ بڻجي سگهي ٿو، جنهن جي والدين طرفان بهتر تربيت ٿيل هجي. ڇاڪاڻ جو تربيت يافته ٻار بهتر شاگرد ثابت ٿيندا آهن، پر افسوس جو اسان جي موجوده معاشري ۾ جيئن تعليم وڌڻ لڳي آهي، ائين ئي تربيت جو معيار ڪرندو پيو وڃي.
تربيت جي معيار جي ڪِرڻ ۾ مان سمجهان ٿو، وڏو هٿ والدين جو آهي، والدين اولاد طرف ڌيان تمام گهٽ پيا ڏين، سندن نظر ۾ ٻار ڄڻڻ ٻه ويلا ماني کارائڻ سر ڍڪِڻ لا ڇت مهيا ڪرڻ، سندن فرض جي ادائيگي آهي، پر شايد اهي ويساري ويٺا آهن ته، ٻار کي جنم ۽ رزق ڏيڻ وارو ڪم پکي پکڻ به صدين کان ڪندا پيا اچن، اهو به تمام بهتر نموني، پکي هجي يا جانور پنهنجي اولاد ۾ اها ڪلا/هنر لازمي منتقل ڪندا آهن جيڪا انهن کي بهتر کان بهتر بڻائي سگهي. جيئن پاڻ باز جو مثال کڻون، باز تمام گهڻي اوچائي کان پنهنجي ٻچي کي اڇلائيندو آهي، جيئن هو پنهنجا پر کولي پرواز ڪرڻ سکي، چوندا آهن جڏهن ڪجھه داءَ تي لڳل هوندو آهي ته انسان جي جان سان ڪوشش ڪندو آهي، پر جي زندگي ئي داءَ تي لڳل هجي ته؟
اهڙي ئي طرح سان شينهن جنهن کي جهنگ جو بادشاهھ طور سڃاتو وڃي ٿو، پنهنجي اولاد کي اهڙو روَيو ضرور سيکاريندو آهي جنهن سان هو جهنگ جو بادشاھه بڻجي سگهي اها ته ٿي پکي ۽ جانورن جي ڪٿا، ٻئي پاسي اسان انسان پنهنجي اولاد کي ڇا پيا سيکاريون!
ڇا هڪ والدين جي حيثيت سان اسان پنهنجي اولاد جي اهڙي تربيت ڪيون پيا جن مان اولاد کي انسان ٿيڻ جو درس ملي، محبت، شفقت، سچائي ۽ همدردي جو درس شايد سيکارڻ جو وقت والدين وٽ نه رهيو آهي، ۽ شايد پڙهائيندڙ استاد به ان ڳالهھ کي نظر انداز ڪندي، رٽيل شيون رٽائڻ ۾ پورو آهي.
منهنجي نظر ۾ هڪ قابل استاد کي زندگي جو درس لازم ڏيڻ گهرجي، پنهنجي شاگرد کي زندگي جي ميدان ۾ قابل بڻائڻ لا استاد کي، اخلاق، ادب، پيار، محبت، شفقت، ڪاوڙ، ۽ همدردي سميت انساني جذبن احساسن کان ضرور آگاهھ ۽ انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جو فن سيکارڻ گهرجي، جيئن شاگرد پاڻ سميت ٻين جو عزت نفس محفوظ رکي سگهي!!!
ڪافي سارن معاملن ۾ استاد ڄاڻائي يا اڻڄاڻائي ۾ تربيت جو معيار ڪيرائي پيو، جيئن سڀ آڱريون برابر نه آهن، بلڪل ائين ئي ڪافي استاد پنهنجي پروفيشن سان سچا به آهن، جن ٻارن جي بهتر تربيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، پر افسوس جو انهن قابل استادن جو تعداد تمام گهٽ آهي، پاڻ هن وقت اڪثريت تي ڳالهائي رهيا آهيون ۽ اڪثريت ۾ استاد رٽيل شين جي منتقلي کان سوا ٻيو ڪو به ڪردار ادا نه پيا ڪن! انهن استادن مان به ڪافي سارا استاد صرف پنهنجي آفيسن جي زينت بڻيل آهن، سندن فرض ۾ شامل هر شئي کي نظرانداز ڪندي درسگاهن ۾ فقط ڪچهري ۽ چانھه جي ڪپ تائين محدود آهن.
اهڙن روين کي ئي ڏسندي اڄ اسان جي معاشري ۾ استاد جو به معيار گهٽ ٿيندو پيو وڃي، اڄُ جي ڀيٽ ۾ جي تاريخ جا ورق ورجائي ڏسجن ته، هڪ استاد جو معاشري ۾ سڀني کان اعليٰ مقام هوندو هو، نه صرف شاگرد پر والدين سميت هر عمر جو ماڻهو استاد کي عزت ۽ احترام جي نگاھه سان ڏسندو هو، استاد جي ڳالهھ کي غور سان ٻڌيو ۽ پرکيو ويندو هو، وقت جا شهنشاھه به استاد جي هر لحاظ کان عزت ۽ احترام ڪندا هئا!
اڳوڻي وقت ۾ والدين اولاد کي مشڪل سان ئي پنج درجا پڙهائي سگهندا هئا، پر تربيت ۾ هر والدين پنهنجي اولاد کي فائنل ضرور ڪرائيندا هئا. ان زماني ۾ والدين استاد کي پيغمبري پيشي جي نگاھه سان ڏسندي نه صرف اولاد کي استاد جي عزت جو درس ڏيندا هئا، پر خود اولاد جي سامهو استاد جي حد درجي جي عزت ۽ احترام ڪندا هئا، جيئن سندن اولاد به استاد جي عزت ڪرڻ سان گڏ عاجزي پڻ سکي، ۽ تڏهن ان چوڻي جو وڏو مان هوندو هو،”با ادب بانصيب، بي ادب بدنصيب” پو وقت جو ڦيرو ٿيو زمانو بدليو، چوڻيون، پهاڪا ۽ نصيحتون فقط ڪتابن جي زينت بڻيون، عملي ڪم نه جي برابر ٿي ويو. وقت جو وڏو ڦيرو ٿيو، والدين جو اولاد طرف ڌيان هٽڻ لڳو، ايتري قدر جو والدين پاڻ تربيت ڪرڻ بجا سڄو زور استاد مٿان رکيو، استاد ويچارو هڪ ۽ ٻار سوَن جي تعداد ۾! سو ڍڳو پير پيران وارو ڪم ٿي ويو ۽ استاد به پنهنجي فرض کي وقت جو زيان ۽ پاڻ کي فقط پگهاردار ملازم سمجهي، پنهنجي فرض جي ادائيگي بجا پگهار جو انتظار ڪرڻ لڳو!
اڄ اسان جي هن سماج اندر نفسانفسي واري ماحول ۾ والدين اهو سوچن پيا ته، هن دجالي دور ۾ ٻه ويلا ماني کارائڻ ۽ ڇت مهيا ڪرڻ سندن فرض جي ادائيگي آهي، وڌيڪ تڪليف ڪرڻ بجا اهو چئي جان ٿا ڇڏائن ته ٻه ويلا ماني کائڻ ۾ ئي پريشان آهيون، اولاد کي ڇا سمجهايون ۽ ڪهڙي تربيت ڪيون، پر والدين کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته، ٻه ويلا ماني کارائڻ، ۽ ڇت مهيا ڪرڻ کان علاوه به سندن تي اولاد جا ڪجهھ فرض آهن، ۽ سڀني کان اهم فرض اولاد جي سٺي تربيت ڪرڻ آهي انهي کان علاوه ڪن والدين جو اهو به چوڻ آهي ته، هاڻ اولاد اهڙو ناهي رهيو جيڪو پهريان هوندو هو، انهن والدين جو چوڻ آهي ته سندن اولاد سندن ڳالھه ٻڌي ئي ڪونه ٿو، والدين جي ڏسيل راهھ تي عمل ڪرڻ ته پري جي ڳالهھ پر سندن ڏسيل راهھ طرف ڏسن ئي ڪونه ٿا، پر مان سمجهان ٿو ان ۾ به ڪٿي نه ڪٿي والدين جي ڪوتاهي ضرور آهي، ڇاڪاڻ جو اولاد کي اهڙو ماحول مهيا ئي نه ڪن جنهن سان اولاد والدين مان خفا ٿئي، هاڻ معاشري جا رويا ۽ اصول تبديل ٿي ويا آهن، هاڻ مار ۽ سختي ۾ ٻار سڌرڻ بجا وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳا آهن، والدين کي اولاد جو بهتر دوست ۽ همدرد ٿي رهڻ لڳي جيئن ڪنهن به مسئلي ۾ اولاد ٻاهرين دوستن يا همدرد کي مسئلا ٻڌائڻ بجا پنهنجي والدين کي ٻڌائن جنهن سان والدين پنهنجي اولاد جي فطرت ۽ اولاد پنهنجي والدين جي فطرت سان گڏ مجبوريون به سمجهي سگهندو ان سان اهو به ٿيندو جو والدين ۽ اولاد وچ ۾ آيل ويڇا به دور ٿي ويندا!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button