ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ٽي آءِ لاءِ آيل نئون ڀونچال

Editorial-Article-Akhtar Hafeez

ڪالهه کان ميڊيا ۾ هڪ نئون ڀونچال آيل آهي، اهو ڀونچال پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيازيءَ جي توشا خانا واري معاملي جي حوالي سان آهي. توشا خانا ۾ رکيل پرڏيهي تحفن کي وڪرو ڪرڻ وارو معاملو ان وقت کان بحث هيٺ آيل آهي، جڏهن عمران خان نيازي اڃا وزير اعظم هو. ان کان اڳ ۾ اهي ساڳيا الزام عمران خان ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ نواز شريف ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلانيءَ تي لڳائيندا رهندا هئا. هاڻ صورتحال عمران خان نيازيءَ جي خلاف ٿي وئي آهي. حڪومت ۾ هوندي پي ٽي آءِ کان جڏهن توشا خانا جي تحفن بابت سوال ڪيو ويندو هو ته فواد چوڌري ۽ ٻيا اڳواڻ اهڙيون وضاحتون پيش ڪندا هئا، ڄڻ عمران خان نيازيءَ لاءِ اهو لازمي هو ته هو توشا خانا مان اهي تحفا کڻي وڪڻي ڇڏي ته جيئن کيس ڪروڙين روپيا ملي سگهن. نيٺ ائين ئي ٿيو. هن جڏهن سعودي شهزادي محمد بن سلمان پاران مليل املهه گهڙي مارڪيٽ ۾ وڪي ته اهو راز گهڻي دير راز نه رهيو ۽ سڄي عالمي مارڪيٽ ۾ ان جا چوٻول ٻڌا ويا.
تازو جيڪي انڪشاف دبئي ۾ رهندڙ هڪ واپاري شخصيت عمر فاروق ظهور ڪيا آهن، انهن سبب عمران خان نيازي ۽ سندس ٽيم پريشان لڳي پئي آهي. هن دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان پاران ڏنل گهڙي 20 لک ڊالرن ۾ کيس وڪرو ڪئي وئي آهي، جنهن جي ماليت 2019ع ۾ لڳ ڀڳ 20 ڪروڙ روپيا هئي.
هن جو چوڻ هو ته مارچ 2019ع ۾ احتساب جي اڳوڻي وزير شهزاد اڪبر چيو هو ته هن وقت گهڙين جو هڪ سيٽ آهي، ۽ جيڪڏهن آئون دلچسپي رکان ٿو ته آئون فرح خان سان رابطو ڪريان، ڇاڪاڻ ته هن جي مدد جي ضرورت آهي ۽ انهن اثاثن لاءِ ڪوبه خريدار ڪونه پيو ملي.
عمر فاروق ظهور پنهنجي انٽرويو ۾ اها دعويٰ به ڪئي آهي ته هن دبئي ۾ فرح خان عرف فرح گوگي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن کي ٻڌايو ويو ته اها گهڙي سعودي شهزادي عمران خان کي تحفي ۾ ڏني وئي هئي ۽ هوءَ عمران ۽ سندس گهرواري پاران اهي شيون وڪرو ڪرڻ ٿي چاهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي ان گهڙيءَ کي 40 کانب 50 لک ڊالرن ۾ وڪرو ڪرڻ ۾ پئي چاهيو پر ڳالهه ٻولهه کان پوءِ 20 لک ڊالرن ۾ خريد ڪيم ۽ فرح گوگي جي اصرار تي ادائيگي روڪ رقم ۾ ڪيم.
عمر فاروق ظهور چيو ته ادائيگيءَ کان ترت پوءِ فرح خان شهزاد اڪبر کي فون تي ٻڌايو ته ڊيل ٿي وئي آهي ۽ مون سان تعارف ڪرائڻ تي مهرباني مڃي. شهزاد اڪبر به توشا خانا جا تحفا خريد ڪرڻ تي منهنجي مهرباني مڃي ۽ عرض ڪيائين ته آئون ان معاملي تي ڪنهن سان به ڳالهه نه ڪريان.
ان معاملي کان پوءِ پي ٽي آءِ جي صفن ۾ جيڪا پريشاني جنم وٺي رهي آهي، ان کي ڏسندي عمران خان نيازي پاڻ ميدان ۾ لهي آيو آهي ۽ ڪالهه هن ڪجهه سينيئر صحافين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي آهي.
ان حوالي سان هن تازو ٽوئيٽ پڻ ڪيو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته اينڪر پرسن شاهزيب خانزاده هينڊلرز جي سهڪار سان هڪ مشهور دوکي باز ۽ عالمي سطح تي گهربل مجرم پاران تيار ڪيل بي بنياد ڪهاڻي وسيلي مون تي بهتان لڳايو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهڻو ٿي چڪو، آئون پنهنجن وڪيلن سان ڳالهائي رهيو آهيان، جيو، شاهزيب خانزاده ۽ عمر ظهور خلاف نه رڳو پاڪستان پر برطانيه ۽ گڏيل عرب امارات ۾ به ڪيس ڪندس.
توشا خانا واري ڪيس کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ اهو ته ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان نيازي صادق ۽ امين ناهي رهيو. هن نواز شريف کي ان ساڳي مدي تي نا اهل ڪرايو هو. جڏهن ته نواز شريف جي ڪيس جي نوعيت توشا خانا جهڙي ڪونه هئي، پر هن لاءِ جڏهن فيصلو ٻڌايو ويو ته ان ۾ اهو لکيو ويو ته جيئن ته هن پنهنجي پٽ کان پگهار نه ورتو هو، تنهنڪري هو وزير اعظم ٿيڻ جي اهل ناهي. پر ان معاملي ۾ ڪنهن کان پگهار وٺڻ يا نه وٺڻ جو معاملو ڪونهي بلڪه اهو سڌي ريت توشا خانا ۾ جمع ڪرايل انهن تحفن جو آهي، جيڪي امانت طور اتي رکيا ويندا آهن. انهن کي ڪنهن به ريت عالمي مارڪيٽ ۾ ائين وڪرو نٿو ڪري سگهجي. پر جيئن ته اها عمران خان نيازيءَ جي نفسيات آهي ته هو پنهنجي غلط ۽ ناجائز عمل کي به جائز سمجهندو آهي ۽ ڪنهن ٻئي ماڻهو جي جائز عمل کي به ناجائز سمجهندو آهي. تنهنڪري هاڻوڪي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ جا سڀئي اڳواڻ عمران خان جي ان عمل کي خراب نٿا چون پر ان جو دفاع ڪري رهيا آهن. پر ڇا ان سان عمران خان نيازيءَ تي لڳل سڀئي الزام غلط ثابت ٿي سگهن ٿا. سندس ساک جهڙي ريت سياسي ميدان ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سطح تي متاثر ٿي آهي، ان کي وري بحال ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته گذريل ڪيتري عرصي کان هو نه رڳو غلط بيانيون ڪري رهيو آهي پر ڪئين تڪراري ڳالهيون پڻ ڪري رهيو آهي. هن کي هاڻ اهو ڊپ پڻ ورائي ويو آهي ته نواز شريف ملڪ موٽڻ کان پوءِ هن کي نا اهل ڪرائي ڇڏيندو. هو سمجهي ٿو ته نواز شريف اهو ڪم نئين آرمي چيف کان وٺندو.
عمران خان نيازيءَ تي جيڪي ڪيس آهن، انهن جو تعلق ايندڙ آرمي چيف سان ڪونهي ۽ نه ئي اهو کيس نا اهل ڪرائي سگهي ٿو. اهي ڪيس ته سندس ئي عملن وسيلي ٿيا آهن. جن کي حڪومت ڏسي رهي آهي ۽ حڪومت ئي انهن ڪيسن کي ايندڙ وقت ۾ ڏسندي. هاڻوڪي حڪومت يا نواز شريف کيس ڪونه چيو هو ته هو توشا خانا مان تحفا کڻي وڪرو ڪري يا وري ادارن خلاف اهڙو زهر اوڳاڇي جو ادارن کي پنهنجي دفاع لاءِ ميدان ۾ لهڻو پئجي وڃي.
ملڪي سياست ۾ پنهنجو پاڻ کي سڀني سياستدانن کان ايماندار ۽ ذهين سياستدان طور پيش ڪندڙ عمران خان نيازي نه رڳو ملڪ ۾ تڪراري سياستدان طور سامهون آيو آهي پر هن جي ايمانداريءَ تي به آڱريون کڄي رهيون آهن. تنهنڪري ايندڙ وقت ۾ هن لاءِ سياسي طور وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ٿينديون، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ کيس وڏو محتاط رهڻو پوندو.
جيڪڏهن عمران خان نيازيءَ جي ايمانداري اهڙي آهي، جيڪا اسان کي هاڻ نظر اچي رهي آهي ته پوءِ کيس اهو حق ناهي ته هو ٻين سياستدانن جي ايمانداريءَ تي آڱريون کڻي، انهن کي چور چور طور مشهور ڪري ۽ عوام کي سياستدانن کان نفرت ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪندو رهي. ملڪي سياست ۾ جهڙي ريت پي ٽي آءِ کي ميدان مليو ۽ ان کي موقعا ۽ مراعتون ڏنيون ويون، ان کان اڳ ڪنهن به پارٽيءَ سان ائين نه ڪيو ويو هو. پر تنهن هوندي به پي ٽي آءِ نه رڳو ملڪ کي تباهي ڪناري پهچايو پر هن جيڪو نقصان پهچايو، ادارن کي تڪراري بڻايو، ان جو ازالو نه رڳو ڏکيو آهي پر تڪڙو ٿي به نه سگهندو. تنهنڪري پي ٽي آءِ جيترو سياسي آزاديءَ جي ڪري ٻين سياسي پارٽين جو استحصال ڪيو آهي، اهو ان کان اڳ ڪڏهن به ڪونه ٿيو آهي. اڄ جيڪڏهن عمران خان نيازيءَ کي ڏکئي وقت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ته اهو سندس ئي ڪارنامن جي ڪري آهي. جڏهن هو ملڪ جو وزير اعظم هو ته هن جي ترجيح ملڪي معاملا نه پر نواز شريف کي تڪليف پهچائڻ هو ۽ پنهنجو پاڻ جي پذيرائي ڪرڻ هو.
تنهنڪري ايندڙ وقت ۾ اڃا به وڌيڪ انڪشاف ٿيڻا آهن. انهن انڪشافن وسيلي عمران خان نيازيءَ جي سياسي ساک وڌيڪ لوڏن ۾ ايندي ۽ هو ان جو دفاع ڪرڻ جي حالت ۾ به ڪونه هوندو. باقي جيڪي سندس سياسي پوئلڳ آهن، اهي سندس هر ڳالهه تي جي سائين جي سائين ڪندا رهندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button