
اسان پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪجھه معاملن تان ڦري ويندا آھيون. يعني ھڪڙي زماني ۾ اسان جو ھڪڙو موقف ھوندو آھي ۽ ٻئي زماني ۾ اھو موقف بدلائڻو پئجي ويندو آھي. اھڙا موقعا ھر ڪنھن جي زندگيءَ ۾ ايندا رھندا آھن. پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي سموري زندگيءَ ۾ لڳاتار موقف بدلائيندو رھي. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جي سڃاڻپ ئي اھا بڻجي وڃي تھ ھُو پنھنجي موقف تي نھ بيھي سگھندو آھي تھ پوءِ ان کي يوٽرن وٺڻ وارو يا ڦرڻو گهرڻو ماڻھو سڏيو ويندو آھي. اسان جو اڳوڻو وزيرِ اعظم عمران خان بھ اھڙن ماڻھن منجھان آھي جيڪي لڳاتار موقف مٽائيندا رھندا آھن. مثال طور پڙھندڙن کي ياد ھوندو تھ ھاڻي ويجھڙ ۾ ئي ھُن پنھنجي حڪومت ختم ڪرائڻ پٺيان آمريڪي سازش جا پيرا کنيا ھئا ۽ ھڪڙي خط جو ذڪر ڪيو ھئو. جيڪو ھن ڪڏھن بھ ڏيکاريو تھ ڪونھ پر اھا ڳالهھ ڪندي ٿڪبو ڪونھ ھئو تھ آمريڪا سندس خلاف تمام وڏي سازش ڪئي ھئي. پر ھاڻي ھُو ان ڳالهھ تان بلڪل ھٿ کڻي وڃي ٻئي موقف تي بيٺو آھي. ھاڻي سندس چوڻ آھي تھ آمريڪا جي خلاف جيڪو چيم اھو ڇُٽو. ان کي وساري اڳتي وڌو، خط واري ڳالھه ڇڏيو. آمريڪا ھاڻي اسان جو دشمن نھ پر دوست آھي. آمريڪا ھاڻي اسان جو آقا ۽ اسان ان جا غلام نھ آھيون ھاڻي آمريڪا اسان جو وڏو ۽ اسان ان جا ننڍا دوست ۽ شريڪ آھيون. سوچڻ وارو سوچي سگھي ٿو تھ اڳ جيئن عمران خان چوندو ھئو ھم ڪوئي غلام ھين؟ ائين ئي اسان ڀلا عمران خان جا غلام آھيون ڇا؟ جو ھُو جيڪو چوندو سو ڪنداسين؟ ھُو جھڙو موقف اختيار ڪندو، اسان ان کي قبوليندا وينداسين؟ ھرگز نھ. سندس ئي ٻوليءَ ۾ Absolutely Not.
لڳي ٿو عمران خان اسلام آباد ڏانھن پنھنجي حقيقي آزادي مارچ جي رفتار ڍري ڪري ڇڏي آھي پر اھا بھ حقيقت آھي تھ خان صاحب تي ٿيل قاتلاڻي حملي کان پوءِ لانگ مارچ ۾ شامل ماڻھن جي جان جو تحفظ ڪرڻ اسان جي ملڪي ادارن جي وس جي ڳالهھ ڪانھي ۽ اھي انھن ماڻھن جو تحفظ ڪرڻ جو ارادو بھ نھ ٿا رکن. اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ھاءِ الرٽ آھي. عمران خان جي ڌرڻي ۽ لانگ مارچ سان نبرڻ لاءِ جيڪو ڪرڻو آھي اسلام آباد پوليس کي ئي ڪرڻو آھي. جاگرافيائي طور تي اسلام آباد کي ويجھن صوبن پنجاب، خيبر پختون خوا ۽ مظفر آباد ڪشمير ۾ تحريڪِ انصاف جي حڪومت آھي جيڪا اسلام آباد جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ڪانھي. لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جي حفاظت ڪرڻ لاءِ مرڪزي حڪومت کي جيتري سپاھه جي ضرورت آھي اھو بھ اڪيلي سر مرڪزي حڪومت جي وس جي ڳالهھ ڪانھي. سياسي طور تي مرڪزي حڪومت اھو بھ چاھي ٿي تھ دشمن کي ان جي ئي ڪاتيءَ سان ڪُھي ان ڪري اھا تحريڪِ انصاف جي صوبائي حڪومتن کان مدد جي گُھر پئي ڪري. پر جڏھن مرڪزي حڪومت تحريڪِ انصاف جي صوبائي حڪومتن کان مايوس ٿي جيڪي جاگرافيائي طور تي اسلام آباد کي ويجھيون آھن تڏھن ان سنڌ حڪومت کي سھڪار جي اپيل ڪئي آھي ۽ گڏوگڏ فرنٽيئر ڪور يعني ايف سِي کان پڻ مدد گھري آھي. اسلام آباد ڏانھن ويندڙ سمورن رستن تي تحريڪِ انصاف جا ڪارڪن قبضو ڪيون ويٺا ھوندا ان ڪري اھڙي صورت ۾ گاديءَ واري شھر پھچڻ کان اڳ ئي سنڌ پوليس يا ايف سي جو انھن ڪارڪنن سان ٽڪراءُ ٿيڻ اڻ ٽر بڻجي ويندو.
وفاقي گاديءَ واري شھر اسلام آباد تي چڙھائي ڪرڻ جو رواج نئون ڪونھي. تحريڪِ انصاف بھ اھا چڙھائي پھريون ڀيرو نھ پئي ڪري. حقيقت اھا آھي تھ سياسي پارٽين ۽ ھٿياربند وڳوڙين کي اھو رستو ڏيکارڻ وارا بھ رياستي ادارا ئي آھن جن ھڪڙي زماني ۾ پنھنجي مفادن خاطر مختلف ڌرين کي اھڙي صلاح ڏئي اڳتي آندو ۽ پوءِ پاڻ ان جو فائدو وٺي ڌرڻي بازن کي اڪيلو ڇڏي ڏنائون، جھڙي نموني ويجھڙ ۾ تحريڪِ لبيڪ وارن رڙيون پئي ڪيون تھ ساڻن ڌوڪو ٿي ويو آھي. پر وري بھ ڳالهھ اھا ئي بيھندي تھ جڏھن توھان ماڻھن کي ايترو تيار ڪري ڊگھي عرصي لاءِ روڊن تي وٺي ايندئو تھ اھي گهڻو وقت پرامن نھ رھي سگھندا.
اسلام آباد تي اھڙي چڙھائيءَ جي صورت ۾ اھو سوال ضرور ڪرُ کڻندو تھ رياست جي ذميواري رڳو مظاھرو ڪندڙن کي مظاھري جو حق ڏيارڻ آھي يا وري انھن جي احتجاجي مظاھرن سبب جيڪي روڊ رستا بند ٿين ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻين شھرين جا بنيادي حق غصب ٿين ٿا انھن جو بچاءُ ڪرڻ بھ رياست جي ذميواري آھي؟ جسٽس قاضي فائز عيسى صاحب ھڪڙي ڀيري اھڙا ريمارڪس ڏنا ھئا جن جو مطلب ھئو تھ رياست تي انھن عام شھرين جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪرڻ بھ آھي جيڪي اھڙن احتجاجي ڌرڻن جو حصو نھ آھن ۽ ڌرڻا انھن جي زندگي جھنم بڻائي رھيا آھن مثال طور ڪا ايمبولينس اسپتال نھ ٿي پھچي، ڪا ڳورھاري عورت رستي ۾ ئي ويم ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي وغيره وغيره.
اسان جي ملڪ اندر مقامي انتظاميا ۽ پوليس عام طور تي پرامن احتجاجي جلوس يا ڌرڻن تي بدترين تشدد ڪري مظاھرين کي ڀڄائي ڇڏيندي آھي جن ۾ استاد، ڊاڪٽر، نرسيون ۽ ھاري يا مزدور شامل ھوندا آھن. ان موقعي تي اھو ئي چيو ويندو آھي تھ مظاھرو ڪندڙ تشدد تي لھي آيا ھئا. يا اھي عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي رھيا ھئا وغيره وغيره. پر ان جي ابتڙ سياسي پارٽين يا خاص ڪري مذھبي ڌرين سان تمام گهڻي رعايت ھوندي آھي. ملڪ کي غير سياسي پوليس جي تمام گهڻي ضرورت آھي پر ڪو بھ ان کي ايتري اھميت نھ ٿو ڏئي. ھر ڪوئي پوليس سميت رياستي ادارن کي پنھنجي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ جو حامي آھي.
ملڪي سياست مڪمل طور تي ڀڃ ڊاھه جو شڪار ٿي وئي آھي. سياستدان پنھنجو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ يا تھ آرمي يا وري عدليا ڏانھن نھاري رھيا آھن. مرڪز ۽ صوبن جون حڪومتون جتي ساڳي پارٽيءَ جي حڪومت ڪانھي اتي تمام گهڻو اختلاف موجود آھي. مثال طور خيبر پختون خوا صوبي ۾ حڪومت تحريڪِ انصاف جي آھي، پنجاب ۾ بھ ائين آھي پر مرڪزي حڪومت نواز ليگ جي سربراھيءَ ۾ قائم سياسي اتحاد پي ڊي ايم جي ھجڻ ڪري مسئلا تمام گهڻا آھن. خاص ڪري پنجاب اندر پوليس جو آئي جي ۽ چيف سيڪريٽري مقرر ڪرڻ وارو معاملو ٽنگيو پيو آھي. ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي اندر اھڙي افراتفري پڇاڙيءَ ۾ سڀني کي ڳچيءَ ۾ پوڻي آھي. پوليس اندر ٽوڙ ڦوڙ آخري نتيجي ۾ رياست کي ڏٻرو بڻائي رھي آھي.
انتھائي باخبر ذريعن جو چوڻ آھي تھ جنرل باجوه صاحب ايڪسٽينشن نھ وٺندو. ٻنھي صورتن ۾ نھ. يعني پاڻ اھڙي خواھش نھ اظھاريندو ۽ جيڪڏھن کيس اھڙي آڇ ٿي تھ بھ انڪار ڪندو. جنرل شمشاد، جنرل منير ۽ جنرل عباس ٽي اھڙا جنرل آھن جيڪي ھن مھيني جي پڇاڙيءَ ۾ ايندڙ مدي لاءِ چيف آف آرمي اسٽاف جا اميدوار آھن. ميان نواز شريف جو جھڪاءُ جنرل منير ڏانھن آھي، جڏھن تھ عمران خان باقي ٻن جنرلن بابت نرم گوشو رکي ٿو. 2019 ۾ عمران خان وزيرِ اعظم جي حيثيت ۾ جنرل منير کي آءِ ايس آءِ چيف جي عھدي تان ھٽايو ھو. ھٽائڻ کان ٿورو اڳ ئي جنرل صاحب عمران خان کي ثبوت ڏنا ھئا تھ گهرواري (پيرڻي) ۽ پنجاب جو تڏھوڪو وزيرِ اعلى بوزدار ملوث ھئا. خان صاحب ويجھڙ ۾ چئي چڪو آھي تھ ايندڙ آرمي چيف جيڪڏھن نواز شريف مقرر ڪندو تھ عمران خان ان کي ھرگز قبول نھ ڪندو. ظاھر آھي ان منجھان مراد آھي وزيرِ اعظم شھباز شريف پاران مقرر ڪيل آرمي چيف نھ قبوليو ويندو. ٻڌ سڌ آھي تھ صدر عارف علوي عمران خان ۽ جنرل باجوا وچ ۾ دوريون ختم ڪرائڻ لاءِ سرگرم آھي ۽ ان سلسلي ۾ ٻھ کن ملاقاتون بھ ڪرائي چڪو آھي. ٻڌڻ ۾ اچي پيو تھ آخري ملاقات ٿيڻي آھي جنھن ۾ معاملا مڪمل طور نبيريا ويندا. عمران خان جو لانگ مارچ وارو قافلو لڳ ڀڳ 20 نومبر تي اسلام آباد پھچڻ جي اميد آھي. يعني بلڪل ان وقت جڏھن وزيرِ اعظم وٽ ٽن جنرلن جا نالا پھچايا ويندا. اھو ڌرڻو وزيرِ اعظم تي دٻاءَ وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندو. دٻاءُ ان لاءِ تھ ھُو جنرل منير کي آرمي چيف نھ بڻائي ۽ ان لاءِ بھ تھ ايندڙ عام چونڊون مارچ 2023ع تائين ڪرايون وڃن تھ جيئن عمران خان جي پارٽي سوڀاري ٿي اقتدار ۾ اچي. اھو تھ وقت طئي ڪندو تھ سڀ ڪجھه سندس مرضيءَ مطابق ٿئي ٿو يا نھ پر عمران خان سميت جيڪي ماڻھو ان آسري ۾ آھن تھ اقتدار ۾ ايندي ئي ھُو سڀ مسئلا حل ڪري ڇڏيندو، اھي اھو ڇو نھ ٿا سوچين تھ اڳ ھن ڪھڙا ڦاڙھا ماريا ھئا جو ھاڻ ماريندو!؟





