شوبز

امبر هرڊ جي حمايت ۾ اين جي اوز ۽ عورتون ميدان تي اچي ويون

هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا امبر هرڊ جي حمايت ۾ اين جي اوز ۽ عورتون ميدان تي اچي ويون آهن. ميڊيا مطابق امبر هرڊ پاران جوني ڊيپ خلاف هتڪ عزت جو ڪيس هارائڻ بعد پهريون ڀيرو سندس حمايت وڏي مپيماني تي ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق آمريڪي صحافڻ گلوريا ميري هڪ خط اختيارين کي لکيو آهي، جنهن ۾ عورتن جي حقن جي ڏي ۾ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ مشهور شخصيتن سميت 130 ماڻهن جون صحيحون ٿيل آهن. خط ۾ جوني ڊيپ خلاف ڪيس جي ٽرائل سان گڏ کيس هراسان ڪرڻ جو ذڪر بھ شامل آهي. خط ۾ چيو ويو آهي تھ عورت جي جنسي تشدد جي الزامن تي چٿر ٿي، هاڻ ٻين خلاف ائين ٿي رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button