پنجاب حڪومت تڪرار جي ور چڙهيل فلم “جوائي لينڊ” جي سڄي صوبي ۾ نمائش تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. سڌ سما واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پروڊيوسر سرمد سلطان کوسٽ کي پنجاب اندر “جوائي لينڊ” کي سئنيمائن ۾ رليز ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته فلم جي حوالي سان تمام گهڻيون شڪايتون ملي رهيون آهن. واضح رهي ته مرڪزي سينسر بورڊ گذريل ڏينهن “جوائي لينڊ” کي ڪجهه تڪرار منظر ختم ڪرڻ بعد سڄي ملڪ ۾ رليز ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close