ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ وڌندڙ غربت جا اعتراف

Editorial

جيتوڻيڪ سنڌ جا حڪمران مسلسل اهي دعوائون ڪندا رهيا آهن ته سنڌ ۾ هنن پنهنجي حڪومتي دور ۾ جيڪو ڪم ڪيو آهي اهڙو ڪنهن به دورر ۾ ناهي ٿيو، سنڌ ۾ هر پاسي خوشحالي ئي خوشحالي آهي سنڌ ترقي جا ڏاڪا تيزي سان چڙهي رهي آهي پر هاڻي حڪمرانن پاڻ سنڌ ۾ وڏي پئماني تي وڌندڙ غربت جو اعتراف ڪرڻ شروع ڪيو آهي. تازو ئي پ پ پ چيئرمين بلاول جو بيان آيو جنهن ۾ هن غربت جي شرح 73 سيڪڙو وڌڻ جو اعتراف ڪيو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪرونا وائرس کانپوءِ ٻوڏ 2022 صوبائي معيشت کي گهڻو متاثر ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غربت جي شرح 43 سيڪڙو سميت ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 75 ڏهائي 5 سيڪڙو شرح رڪارڊ ڪئي وئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري صوبائي حڪومت تي زور ڀريو ته “هو سمورن سرڪاري طريقيڪار ۽ ميڪنزم کي حتمي شڪل ڏئي ۽ سمورن تباهه ٿيل شعبن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي شروع ڪري، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر سميت گهرن، روڊن ۽ آبپاشي نظام جي بحالي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جنهن سان صوبي ۾ غربت جي شرح ۾ گهٽتائي ايندي جيڪا تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڌي وئي هئي، آئون چاهيان ٿو ته صوبائي حڪومت تعميراتي ڪم کي تيز ڪري جيڪو روزگار جو ذريعو پڻ بڻجندو.” هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. وڏي وزير پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ کي مختلف شعبن جي تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي نئين سِر تعمير/بحالي لاءِ 7 ڏهائي 86 ارب ڊالر گهربل آهن. هن وڌيڪ چيو ته نقصان جو اندازو ۽ ابتدائي ڪاٿو ظاهر ڪري ٿو ته هائوسنگ شعبي کي 55 سيڪڙو يعني 570 ڏهائي 167 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. اهڙي ريت تعليم جي شعبي ۾ 10 سيڪڙو سان 97 ڏهائي 848 ارب روپيا، آبپاشي ۽ روڊ نيٽ ورڪ جي شعبن ۾ ترتيبوار 9 سيڪڙو سان گڏ 94 ڏهائي 781 ارب روپيا ۽ 94 ڏهائي 344 ارب روپيا، مڪاني کاتي جي پاڻي ۽ صفائي بابت 5 سيڪڙو يعني 53 ڏهائي 54 ارب روپيا، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي پاڻي ۽ صفائي بابت هڪ سيڪڙو يعني 9 ڏهائي 872 ارب روپيا، صحت جي بنيادي سهولتن کي 2 سيڪڙو يعني 21 ڏهائي 934 ارب رپيا، لائيو اسٽاڪ، پولٽري ۽ فشريز جي شعبي ۾ 4 سيڪڙو يعني 46 ڏهائي 053 ارب رپيا، لوڪل گورنمينٽ روڊ نيٽ ورڪ ۾ 2 سيڪڙو يعني 16 ڏهائي2 ارب رپيا ۽ 3 سيڪڙو ٻين شعبن ۾ جنهن جي ماليت 46 ڏهائي 053 ارب رپيا آهي، انهن کي نقصان ٿيو. سنڌ جي وڏي وزير، بلاول ڀٽو کي سنڌ ڪابينا پاران گهرن جي تعمير شروع ڪرڻ لاءِ 50 ارب رپيا منظور ڪرڻ واري فيصلي بابت آگاهه ڪيو، جنهن تي بلاول وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم نومبر جي آخر تائين شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ سبب خريف جو سمورو فصل تباهه ٿيو آهي، تنهنڪري ٻهراڙي وارن علائقن جا ماڻهو نه رڳو پنهنجن گهرن کان محروم ٿيا پر سندن تيار فصل جو نقصان به ٿيو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته ٻهراڙي جي عوام کي پهريون رليف تڏهن ملندو، جڏهن کين رقم جي منتقلي ٿيندي، جيڪي سندن ربيع جي فصل لاءِ ٻج ۽ يوريا جي خريداري تي خرچ ڪئي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي تباهي واري معاملي کي عالمي برادري آڏو اٿاريندو ۽ اهي متاثرن جي بحاليءَ ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندا.
اسان سمجهون ٿا ته وڌندڙ غربت رڳو ڪرونا ۽ ٻوڏ جو نتيجو ناهي، اها ته ورهين کان موجود آهي، ڪرونا ۽ ٻوڏ تي ان کي اچي ظاهر ڪيو آهي. جڏهن ته حڪمرانن پاران اهڙا اعتراف ئي ڪافي ناهن. جيڪڏهن حڪمرانن کي سنڌ ۾ وڌندڙ غربت جو هاڻي احساس ٿيو آهي ته ان لا ڪو ٺوس معاشي پروگرام ترتيب ڏيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button