ٽرانس جينڊر جي حوالي سان جڙيل مووي ”جواءِ لينڊ“ مٿان پابندي ھٽي وئي آھي. اھا پابندي ھٽڻي ئي ھئي. ان جو مطلب اھو ناھي تھ پابندي ھٿ سان ھڻائي وئي. ان مان اھا معنيٰ بھ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪرڻ گھرجي تھ ڪو پابندي ھڻڻ جو مقصد فلم کي وڌيڪ پاپولر ڪرڻ ۽ آسڪر ايوراڊ حاصل ڪرائڻ ھو. پر ھن وائڙي حڪومت جي بزدل بيوروڪريسيءَ کي خوف ھو تھ متان ملڪ ۾ ڪو نئون ڏچو نھ پيدا ٿي پوي. ڇو تھ جيئن ڌمڪيون مليون ھيون تھ سينيمائن کي ساڙيو ويندو ۽ ٽرانس جينڊرز کي ماريو ويندو. انھن خدشن جي خوف ۾ اچي فوري طور ”جواءِ لينڊ“ جي نمائش کي جھليو ويو. پر تيستائين تير ڪمان مان نڪري چڪو ھو. ڇو تھ ڪانز ميلي ۾ ھن فلم کي جيترو مانُ مليو. ۽ ان بعد ھن فلم جي حوالي سان جيترو چرچو ٿيو. خاص طور تي پابندي پوڻ بعد ھن فلم کي جيتري شھرت ملي ۽ ان جو جيترو تذڪرو عالمي ميڊيا ڪرڻ لڳي، ان کان پوءِ تھ ان فلم جي مٿان پابندي لڳائي رکڻ ممڪن ئي نھ ھو. ان ڪري ٻڌايو ويو آھي تھ فلم جي ڪجھھ تڪراري شين کي ڪٽي سٽي فلم کي نمائش جي اجازت ڏني وئي آھي. اسان کي تھ اھا پڪ بھ ناھي تھ ڪو ان فلم مان ڪي سين يا ڪي ڊائلاگ ڊليٽ ڪيا ويا ھوندا. اھو ممڪن آھي تھ اھڙو ڪجھھ ڪيو ويو ھجي ۽ اھو بھ ممڪن آھي تھ اھو بيان صرف ”فيس سوينگ“ جي حد تائين محدود ھجي. ھن ملڪ ۾ ڪجھھ بھ ممڪن آھي. ڪجھھ بھ معنيٰ ڪجھھ بھ!!
جنھن ملڪ ۾ ججن، سياستدانن ۽ سينيٽرن جون اگھاڙيون وڊيوز ھر ڏينھن وائرل ٿينديون ھجن. جنھن ملڪ ۾ ”نازيبا“ وڊيوز کي پنھنجي موبائل ۾ رکڻ واري خاتون مخالفن کي ميڊيا آڏو ڌمڪيون ڏيندي ھجي. جنھن ملڪ جي سلسلي ۾ اھو مشھور ھجي تھ ان ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ”پورن“ پسيو ويندو آھي. جنھن ملڪ ۾ ھڪ ادارو صرف ان لاءِ وجود ۾ آندو ويو آھي تھ اھو انٽرنيٽ تي ”فحش“ ويب سائيٽون بلاڪ ڪندو ھجي. ان ملڪ ۾ ھڪ حساس موضوع تي ھڪ بامقصد فلم جي مٿان پابندي عائد ڪرڻ جو عمل اسان کي صرف اھو ٻڌائي ٿو تھ اسان جنھن نظام ۾ رھون ٿا، ان نظام ۾ ساھھ بھ منافقيءَ سان کنيو ويندو آھي.
ھي اھو ملڪ آھي جنھن جي باري ۾ جڳ جھان جو چوڻ آھي تھ اتي سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن آھي. ڪرپشن تھ باقي سمورن ڏوھن جي ماءُ ھوندي آھي. جتي ڪرپشن ھوندي، ڇا اتي ڪوڙ نھ ھوندو؟ ڇا ڪوڙ کان سواءِ ڪرپشن ممڪن ٿي سگھي ٿي؟ جتي ڪرپشن آھي، اتي قانون ڪيئن ٿو رھي سگھي؟ جيئن ”امن ۽ جنگ“ گڏ جالي نھ ٿا سگھن. تھڙي طرح ڪرپشن ۽ قانون گڏ گڏ نھ ٿا ھلي سگھن. ڪرپشن قانون جو قتل آھي. جتي قانون ٿيندو ھجي. ڇا اتي انصاف ممڪن آھي؟ ڪيئن ممڪن ٿيندو؟
يوگوسلاويا جي ھڪ اديب ملن دي جلاس گھڻو وقت اڳ ھڪ ڪتاب لکيو ھو. اھو ڪتاب اڄ بھ انٽرنيٽ تي موجود آھي. ان ڪتاب کي اڄ بھ وڏي چاھھ سان پڙھيو ويندو آھي. اڄ بھ ان ڪتاب جا حوالا پيش ڪيا ويندا آھن. ھو ڪتاب جنھن جو نالو آھي Land without Justice يعني ”انصاف کان عاري سرزمين“ پاڪستان جي باري ۾ اھو بھ عام جام چيو ويندو آھي تھ ھتي ڪو انصاف ناھي. ھن وقت پنھنجي ھر تقرير ۽ پنھنجي ھر انٽرويو ۽ ھر بيان ۾ اھو جملو بار بار تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عمران خان ٿو ورجائي. جڏھن تھ حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ اھو جملو پي ڊي ايم جي پارٽين جي سربراھن جو تڪيھ ڪلام ھو. جتي اونھاري ۾ آيل ٻوڏ جو پاڻي سياري ۾ بھ نھ ڪڍيو ويو ھجي. ان ملڪ ۾ انصاف جي ڳالھھ صرف ان معنيٰ ۾ ڪري سگھجي ٿي تھ ”ھتي انصاف ناھي“ جيڪڏھن ھتي انصاف ھجي ھا تھ ڇا ملڪ جو حال اھڙو ھجي ھا؟ ھن ملڪي جي حال کي بيحال بڻائڻ وارو نظام ننھن کان چوٽيءَ تائين مڪمل طور تي بي انصافيءَ سان اڻيو بڻيو ويو آھي. ان ڪري ھن ملڪ ۾ جيڪڏھن ھن معصوم ۽ مظلوم موضوع تي ٺھيل فلم جي مٿان پابندي مڙھي وڃي تھ ان ۾ حيرت کائڻ جي ڳالھھ ڪھڙي آھي؟
اھو حيرت کائڻ جو سوال ناھي. اھو غيرت کائڻ جو جواز ھجڻ گھرجي. پر مظلوم ملڪن ۾ غيرت بھ منافقيءَ تي مبني ھوندي آھي. ڇا اھا غيرت منافق ناھي؟ جيڪا ڪمزور کي ڏسي مڇ مروڙي ۽ ڏاڍي کي ڏسي ڏاڙھي ۽ ڪياڙي کنھي!! ھن ملڪ ۾ جيڪو ڪجھھ بھ ٿي رھيو آھي، اھو ھن ملڪ جي صورتحال جو سبب آھي. ھي ملڪ جنھن جي صورتحال ڪنھن بھ طور تي ۽ ڪنھن بھ شعبي ۾ چڱي ڪونھي. جڏھن تھ اھو افسوس ڪنھن انتھائي قاتل احساس وانگر اسان جي عوام کي اندران ئي اندران ائين کائي رھيو آھي، جيئن ٻوڏ جو پاڻي بچاءَ بند کي کائيندو آھي.
ڇا ھن ملڪ جي بانيءَ اھڙي ملڪ لاءِ جدوجھد ڪئي ھئي، جنھن ۾ جمھوريت جو مطالبو ڪندڙ ماڻھن جي مٿان سرعام سرعام ڦٽڪا وسايا ويا ۽ نھ صرف ڦٽڪا پر انھن جي مٿان تابڙتوڙ گوليون بھ وسايو ويون. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ھن مھل تائين پيپلز پارٽيءَ پنھنجي ڪنھن بھ دور حڪومت ۾ ”دادو موري ۽ ميھڙ“ جي جمھوري شھيدن کي سکڻو سلام عقيدت بھ پيش نھ ڪيو آھي. ۽ ڇو نھ ڪيو آھي؟ ڇو تھ ان جي اھڙي عمل تي اقتدار ۾ آڻڻ وارا ھٿ انھن کي اقتداري مسند تائين ائين ڌڪي بھ سگھن ٿا، جيئن ڪڏھن بينظير ڀٽو، ڪڏھن نواز شريف ۽ تازو عمران خان ڌڪيو ويو. ھن ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ ملڪ کي ٺاھڻ بدران اسٽيبلشمينٽ سان پنھنجا تعلقات ٺاھڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا آھن. اھا ساڳي ڪوشش جيڪا ھاڻي عمران خان ڪري رھيو آھي. جيڪڏھن ھن ملڪ جا سياستدان ھن ملڪ جي عوام کي ملڪ جو مالڪ بڻائڻ ۽ ھن ملڪ جي ادارن کي خودمختيار ٺاھڻ تي پنھنجيون صلاحيتون استعمال ڪن ھا تھ اڄ اسان اھڙي ڀينگ ڀري ڀنڀور ۾ نھ ھجون ھا، جنھن ۾ ملڪ ايترو تھ ڪمزور بڻجي وڃي جو اھو ھڪ فلم جو بار بھ کڻي سگھي.
انھن فردن، انھن قومن ۽ انھن ملڪن جي لاءِ آئينو ڏسڻ تمام مشڪل ھوندو آھي، جيڪي پنھنجي چھري کي بگاڙڻ جا پاڻ ذميوار ھوندا آھن. پاڪستان جا نظام ڌڻي بھ ساڳي تڪليف مان گذري رھيا آھن. انھن کي معلوم آھي تھ اھو سڀ ڪجھھ انھن جو پنھنجو پوکيل آھي. اھو سڀ ڪجھھ جيڪو ڪجھھ ھو لھو لھان ھٿن سان لڻي رھيا آھن. ھن ملڪ ۾ حڪمرانيءَ جي لاءِ جاکوڙيندڙ سياستدانن جي اھا فرياد آھي تھ انھن کي انصاف نھ ٿو ملي. ھن مھل اھا پڪار تحريڪ انصاف جي پڪار آھي. پر جيڪڏھن تحريڪ انصاف اھا پڪار صرف پنھنجي لاءِ ڪرڻ بدران ھن ملڪ جي عوام ۽ عوام جي عاشق آرٽسٽن لاءِ بھ ڪري ھا تھ ھوند عمران خان کي اھڙا ڏکيا ڏينھن نھ ڏسڻا پون ھا. عمران خان سدائين فنڪارن کي ڦريو آھي. ھن سدائين آرٽسٽن کي پنھنجي مفاد ۾ استعمال ڪيو آھي. ھن ڪڏھن بھ آرٽسٽن جي لاءِ اھڙو ڪو قدم نھ کنيو آھي، جيڪو قدم انھن کي منزل تائين رسائي سگھي. جيڪو قدم انھن جي جھول ۾ انصاف جا ڪڻا وجھي سگھي. جيڪو قدم انھن جو ساٿ ڏئي. انھن جو سھارو بڻجي. پر ھن مھل تائين ملڪ جي ڪنھن بھ نام نھاد وڏي پارٽيءَ ان قسم جو قدم نھ کنيو آھي. جيڪڏھن اھڙو قدم ڪالھھ بھ کنيو ويو ھجي ھا تھ اڄ رليز ٿيڻ کان اڳ ۾ مشھوري ماڻيندڙ مووي ”جواءِ لينڊ“ جي ڪاميابيءَ جو سھرو انھن جي سر تي بھ سجايو وڃي ھا.
اسان جا آرٽسٽ ۽ آرٽ جا عاشق ھڪ بھترين ۽ تمام گھڻي محنت سان ٺھيل فلم جي مٿان عائد پابنديءَ تي احتجاج ڪندا رھيا پر انھن جو ملڪ جي مشھور سياسي قوتن ساٿ نھ ڏنو. جڏھن تھ ان فلم جي مٿان پابندي سرڪار مڙھي ھئي ۽ اھا پابندي ھونءَ بھ ھٽڻي ھئي. جيڪڏھن ھيءَ حڪومت اھا پابندي نھ ھٽائي ھا اھو ڪم عدليا کي ڪرڻو پوي ھا. ڇو تھ انصاف جي ڳالھھ اھا آھي تھ ھن ملڪ جي سرڪاري ۽ سياسي نظام ۾ جيتري فحاشي آھي، ايتري فحاشي تھ ھن مھل تائين ڪنھن بھ فلم ۾ پيش نھ ٿي سگھي آھي. جڏھن تھ ”جواءِ لينڊ“ مووي جو فحاشيءَ سان دور دور تائين ڪو تعلق نھ ھو. ان فلم تھ اسان کي اسان جي پنھنجي معاشري جي ھڪ جھلڪ ڏيکاري. ۽ اھا بھ ھڪ معمولي جھلڪ! جيڪڏھن اسان جي ملڪ ۽ معاشري ۾ جيڪو ڪجھھ بھ ٿي رھيو آھي ۽ ٿيندو رھيو آھي، اھو سڀ ڪجھھ پيش ڪيو وڃي تھ ڏونگر ڏري پون ۽ اوڀر اڀرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي.
ڇا ڪوئي بھ فلم يا ڪوئي ڊرامو يا ڪائي ڊاڪيومينٽري اھو سڀ ڪجھھ ڏيکاري سگھي ٿي؟ جيڪو ڪجھھ ھن ملڪ جي معصوم نياڻي زينب سان ٿيو؟
ڇا ھتي ھر ڏينھن جيڪو ڪجھھ نھ ٿيندو آھي، اھو ڪجھھ آرٽ ۾ اڃان طاقتور انداز سان پيش ڪري سگھجي ٿو؟ ڇا ھي ڪوڙو ۽ ڪم ظرف نظام ايترو بار برداشت ڪري سگھي ٿو؟
ھي نظام تھ جواءِ لينڊ جھڙي فلم کان بھ ڊڄي ويو. جڏھن تھ ان فلم ۾ انھن ٽرانس جينڊرز انسانن جي جيون جا ڪجھھ پھلو پيش ڪيا ويا، جيڪي انسان ھن معاشري جو حصو آھن. اسان انھن ماڻھن جي سلسلي ۾ ھن مھل تائين ڪڏھن بھ انصاف لاءِ نھ سوچيو آھي. ھن ملڪ جي ڪجھھ حلقن جيڪڏھن انھن جي ڳالھھ ڪئي بھ آھي تھ ائين جيئن ڪنھن جي مٿان وڏو احسان ڪندي ۽ انھن مٿان ترس کائي انھن جي ڳالھھ ڪجي. جڏھن تھ اھو ڪو ٿورو ناھي. اھو تھ انصاف جو تمام معمولي حصو آھي.
اسان جي ميڊيا ھن مھل تائين انھن جو ان طرح سان ڪيس نھ وڙھيو آھي، جيئن وڙھڻ گھرجي.
ان لاءِ تخليقي آرٽ کي مڪمل آزادي گھرجي.
اھا اظھار جي آزادي جڏھن ان ماڳ تان مڙندي آھي، تڏھن ئي فھميده رياض جھڙا شاعر اھڙا لفظ لکندا آھن:
شاعر: ڪاغذ تنھنجو رنگ ڇو اڏامي ويو؟
ڪاغذ: شاعر تنھنجا تيور ڏسي
شاعر: ڪاغذ ڇا مان تون سان دل جي ڳالھھ ڪريان؟
ڪاغذ: شاعر منھنجي دل ڦاٽي پوندي.