لڳ ڀڳ ٽي مهينا ٿي چڪا آهن پر حڪومت هن مهل تائين سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا ڪو به ٺوس پروگرام ترتيب نه ڏئي سگهي آهي. ڪٿي ٻوڏ متاثر سروي کان رهجي ويا آهن ته ڪٿي سندن اڃا تائين واهر نٿي سگهي آهي ته ڪٿي وري سندن امداد جي مد ۾ مليل فنڊن ۾ گهوٻين جون خبرون به اچي رهيون آهن. ميهڙ تعلقي جي 20 يونين ڪائونسل مان 17 يوسيز ۾ آيل ٻوڏ جي تباھڪارين کي 3 مهينا مڪمل ٿيڻ باوجود اڃا تائين يوسي خان جو ڳوٺ، يوسي چارو، يوسي فريدآباد، يوسي منگواڻي، يوسي ٻليدائي، يوسي لتڻ، يوسي قاضي عارف، يوسي ڪولاچي سميت 11 يوسيز جي سوين ڳوٺن ۾ اڃا تائين ٻوڏ جو پاڻي 3 کان 4 فوٽن تائين بيٺل هجڻ ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جو ميهڙ شھر سان زميني رابطو ڪٽيل آھي. جڏھن ته موسم ۾ تبديلي اچڻ ۽ ٿڌ ۾ واڌ ٿيڻ سبب هزارين ٻوڏ متاثر خاندان سپريو بند، ايم اين وي ڊرين جي ڪپرن، ايف پي بچا بند تي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن. سوين خاندان تعلقي جي مختلف سرڪاري اسڪولن ۽ ميهڙ انڊس ها وي تي قائم ڪئمپن ۾ پڻ دربدر آھن، ٻوڏ جي تباھڪارين سبب سوين خاندان اڃا تائين ٽينٽ نه ملڻ سبب سخت پريشان آهن. جڏھن ته انتظاميا پاران ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ سبب سوين مرد، عورتون ۽ ٻارڙا گيسٽرو، ڊائيريا، مليريا ۽ چمڙي جي مختلف وبائي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آھن. سرھاڙي لڳ ڳوٺ ماڻو خان جمالي ۾ سنڌ حڪومت پاران اعلانيل گهر سروي ۾ ديھه ماڻو خان جمالي جي تپيدار پاران مبينا طور حقيقي برسات متاثرن کي نظرانداز ڪرڻ ۽ مبينا طور رشوت گهرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته برساتي ٻوڏ ۾ اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، اسان کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، سنڌ حڪومت پاران اعلانيل گهر سروي به من پسندن ۽ پئسن تي تپيدار ڪن پيا، جيڪي ھڪ کان 2 ھزار رشوت ڏين ٿا، انهن جي سروي ڪئي ٿي وڃي، اسان جا گهر ڊٿل آهن، اسان وٽ پئسا ناهن، هاڻ ڪيئن سروي ۾ شامل ٿيون. ديهھ ماڻو خان جمالي جو تپيدار برسات ۾ ڪريل گهرن جي سروي نه ٿو ڪري ۽ بدتميزي ڪري رشوت گهري ٿو، تپيدار کي ڪو به چوڻ وارو ناهي، تپيدار بااثرن جي چوڻ تي من پسند ماڻهن جي سروي ڪري رهيو آهي. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي تپيدار کي هٽائي ڊٿل گهرن جي سروي ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
نوشهروفيروز ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ فنڊن ۾ مبينا گهوٻين خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ڊي سي آفيس آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. اڳواڻن چيو ته نوشهروفيروز ۾ هزارين متاثر بکن ۾ پاهه، بدحالي ۽ مسئلن جو شڪار آهن، ضلعي ۾ اڃا تائين ٻوڏ ۽ برسات جو پاڻي بيٺل آهي، انتظاميا صرف حڪومتي ڌر جي خاص ماڻهن جي زمينن مان پاڻي ڪڍرايو آهي، متاثرن جي ڪا واهر ناهي ٿي، جڏهن ته متاثرن لاءِ آيل فنڊن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، ڊي سي تاشقين عالم عوام جو نمائندو ٿيڻ بدران پ پ اڳواڻن جو خاص ماڻهو بڻجي ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪري ضلعي جي ماڻهن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن.
اسان سمجهون ٿا اهي جيڪي خبرون آهن اهي ڪنهن به ريت قابل قبول ناهن. اهي جيڪي اهڙن ڪڌن عملن ۾ ملوث آهن نيٺ انهن خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ ساڳي وقت جن ٻوڏ متاثرن جي هن مهل تائين ڪا امداد به نٿي سگهي آهي ته انهن کي امداد ڏيڻ لا حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟ سروي ۾ حقيقي متاثرن جو نظرانداز ٿيڻ به حڪومت جي ئي ناڪامي آهي. جنهن مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت وٽ اڃا تائين ڪو رليف ۽ بحالي جو جامع پلان ئي ڪونهي جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي.